افغانين جي نيڪالي لاءِ سنجيدگي اختيار ڪئي وڃي

تحرير: زاهد اوٺو

پاڪستان ٺهڻ وقت هندستان مان هِجرت ڪري آيل اٽڪل مُنِي صدي جيڏي مُدت ۾ به سنڌ ڌرتي(ماءُ) جي گود قبولي ناهن سگهيا ۽ سنڌ دوستي تي پورا ناهن لٿا ۽ تاريخ ۾ ڌاريائپ جي ڍڳن تي ڀٽڪي رهيا آهن.

ڏٺو وڃي ته سنڌ جتي وڌندڙ ڳاٽي ٽوڙ مهنگائي، ڪرپٽ نظام، پاڻي تي ڌاڙن، ڪوڙي آدم شماري، ڌاڙيل راڄ، ڪُوڙن پِيرن، نياڻين جي قتل، جان محمد مھر سميت بَهادر صحافين جا قَتل، جبري مذهب تبديلي، زرعي تباهي، ڪارونجهر تي قبضي سميت مختلف وسِيلن جي نيلامي، ميرٽ جي لتاڙ ۽ سنڌ جي زمينن تي والار سميت لامَحدود مُصِيبتن کي مُنهن ڏئي رهي آهي اُتي سنڌ خاص ڪري سڀن کان افغاني پناهگيرن جو بار پنهنجي ڳاٽي تي ڳَرو محسوس ڪري رهي آهي.

حقيقت ۾ سنڌ ارشاد رانجهاڻي کان بلال ڪاڪا تائين ڪيترائي ڪُونڌر ڪُهائي چُڪي آهي وڌيڪ هِنن جي پليت اِرادن کي رَت جو ريج ڏِيڻ جيتري سَگھ ناهي رَهي. ڏٺو وڃي ته 1947ع  کان پاڪستان ايندڙ هر پناهگير اڪثر ڪري ڪراچي ۾ ئِي رهائش پَذير ٿئي ٿو، پاڪستان ٺهڻ مَهل ڪراچي جي آبادي چار کان ڇھه لک تائين محدود هُئي جيڪا هاڻي لڳ ڀڳ ٻه ڪروڙ آهي، افغانين جو پاڪستان ۾ آساني سان داخل ٿيڻ جو سبب پاڪستان ۽ افغانستان وچ ارڙهن سئو ٽيانوي ۾ هندوڪش کان برٽش انڊيا ۽ روس امپائير وچ ۾ ٽڪراءُ کي روڪڻ لاءِ  ٻه هزار ڇھ سئو ڪلو ميٽر ڊگهي باڊر لائين جوڙي وئي هئي جتان هزارين ماڻهن جي اچ وڃ ٿئي ٿي جتان کيس ڪِن جڳهين تي سندن روڪٿام يا پڇا ڳاڇا ڪرڻ جا نظام نه هئڻ برابر آهن جتان غير ملڪي آساني سان اچي وڃي سگهن ٿا.

گذريل آدمشماري دوران ڪراچي ۾ بلوچ ۽ سنڌ  هڪ هجڻ باوجود کين الڳ ڪري ڌرتي ڌَڻين جو تعداد صرف يارنهن سيڪڙو ڏيکاريو ويو، جنهن جو چِٽو ۽ واضع مقصد پاڪستان جي سڀ کان وڏي وسيلي سمنڊ جي شهر ڪراچي جو قبضو غير سنڌين حوالي ڪرڻ آهي جيڪا کين آسان طريقي سان وَنگار وَهي جيڪو عمل سنڌي قوم کان سرانجام ڏيارڻ ناممڪن آهي، جيڪو ڪم افغانين کي سنڌ ۾ آباد ڪري کائين ورتو ويندو. ڳالهھ واضح آهي ته سنڌ جي وسيلن کي نانگ جيان ڦَڻُ کڻي ويٺل وَڏ پيٽن جو افغانين کي آباد ڪرڻ ۾ وڏو هٿ آهي جن ۾ سرڪار سميت منظور پشتين، شاهي سيد ۽ آغا سراج دراني جهڙا فرد شامل آهن ڇو ته افغانستان سان ته چِين، ايران، تُرڪمانستان ۽ ازبڪستان جون سَرحدون به مِلن ٿيون پوءِ افغان پناهگير فقط سنڌ ۾ ڇو آباد ٿي رهيا آهن؟

سنڌين ۾ افغاني پناهگير آباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ  ڪوششون ڪندڙن ۽ افغانين کي استعمال ڪرڻ وارن کي اهو به پَتو هجڻ کپي ته افغان جي ٽي ڪروڙ ڏھ لک آبادي ۾ مختلف قسمن جا ماڻهو رهن ٿا جن ۾ ٻائيتاليهه سيڪڙو پشتون، اٺاويھ سيڪڙو تاجڪ، نو سيڪڙو هزارا ۽ چار سيڪڙو بلوچ آباد آهن جن مان ڪي روس، ڪي آمريڪا، ڪي انڊيا ۽ ڪن جي واڳ چِين وٽ آهن انهن کي پاڪستان ۾ آباد ڪرڻ مَهل کين ڪهڙِي خبر ته اِيندڙ شخص جي ڪمانڊ ڪنهن جي هٿ ۾ آهي چين، انڊيا روس يا آمريڪا وٽ؟ جيڪو سڌو سنئون دهشتگردي جو سبب بڻجندو ۽ بڻجي رهيو آهي ته افغانين کي آباد ڪري فقط سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ يا کين وسيلا ڦٻائڻ نه پر ان سان گڏوگڏ هڪ وڏِي دهشتگردي جي علامت طور سامهون ايندو ۽ اچي رهيو آهي.

افغاني دين اسلام جي غلط تشريح ڪندڙ اسلام جا عالمي ٺيڪيدار آهن جن هميشه مذهب کي مخصوص مفادن لاءِ  استعمال ڪيو آهي اڄ به ڪجھه  بي ضمِير ۽ وطن فروش گروھ کي افغانين جي واپسي واري مطالبي ته وڏو اَهنجَ ۽ اِيذاء محسوس ٿي رهيو آهي جيڪي کين حمايت ۾ هَٿين پيرين اُڀا ٿِي زهر اوڳاڇي رهيا آهن، ڏٺو وڃي ته پٺاڻ سياسي اڳواڻ هجي، عالمي اسمغلر يا مذهبي اڳواڻ سڀ هڪ پيج تي آهن هميشه مذهبي پَتي تي کيڏندڙ، ڪراچي جي حقن جي ڳالھه ڪندڙ ۽ تعصب پرست ڌريون افغانين جي نيڪالي جي مخالفت ڪري رهيون آهن. کائنس اهو ڪير پڇي ته افغانستان جا جهنڊا کڻي فليگ مارچ ڪرڻ وقت کانئن غيرت کي ڪهڙيون نشي آور گوريون ڏنل هيون؟ پر  سنڌين جي قتل و غارت تي هڪ اکر به سندن نه اڪليِو آهي پوءِ ماڙي جلباڻي جو سانحو هجي يا قلندر جي درگاھ جو ڌماڪو يا سنڌين جو بي گناھ قتل هجي.

ريڊ ورڪر فرنٽ جو بيان نظر مان گذريو جنهن ۾ واضح لکيل هيو ته "گذريل چاليهھ سالن کان افغاني مهاجرن جي نالي تي ڊالر ڳڙڪائڻ وارا سرمائيڪار، حڪمران طبقو ۽ رياست پنهنجي لٽ مار، ڪرپشن، استحصال ۽ نااهلي تي پردو وجهڻ لاءِ  معاشي بحران جو سمورو ملبو افغاني مهاجرن تي اڇلائي رهي آهي جنهن جي وڏي اڪثريت اڪثر محنت مزدوري ڪندي آهي. حڪمران نَسلي ۽ قومي نفرتُون ڦَهلائي محنت ڪش طبقي کي تقسيم ڪرڻ جو مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿي ۽ اسان ان حڪمرانن جي ظلم جي مذمت ڪيون ٿا” ۽ پاڪستان ۾ پناھ وٺندڙ افغاني مهاجرن وڏا محنت ڪَش ڄاڻائي کين شُهريت ڏيڻ جهڙا مطالبا پڻ ڪيل هئا پر اتي اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته چرس، آفيم، بارود، اغوا، قلتن ۽ هوٽلن تي کاڌي وارين شَين ۾ ڪيميڪل استعمال ڪندڙ محنت ڪش مزدورن (افغاني مهاجرن) کي خيبر پختون خواھ ۽ پنجاب ۾ ڇو نه ٿو رهيو وڃي؟ ڇاڪاڻ ته جيڪو پاڪستاني حڪمران سندن ملڪ جي تباهي جو ذميوار آهي ان جو تعلق اڪثر پنجاب ۽ خيبر پختون خواھ سان رهيو آهي سنڌ ۽ بلوچستان ته افغانستان جي جنگ جا ذميوار ناهن جو هو افغانستان جي جنگ جو بار پنهنجي ڪلهن تي کڻي پنهنجي وسيلن جي ڊيموگرافي کي تبديل ڪرائين پوءِ ان سڄي صورتحال جا نتيجا سنڌ ۽ بلوچستان ڇو ڀوڳي رهيا آهن؟

موجوده حالتن ۾ ٿيڻ ايئن گهرجي ته افغانين کي روايتي طور ڏنل ناڪارا وطن ڇڏڻ جي الٽيميٽمن کي هڪ پاسي رکندي نيڪ نِيتي ۽ سنجيدگيءَ سان عمل ڪندي ان عمل ڪارائتو بڻايو وڃي ۽ سيڪيورٽي کي ڌارين جي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ جا پابند بڻايو وڃي ۽ سنڌ اسيمبلي مان قرارداد پاس ڪرڻ سان گڏ ڌارين کي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ خلاف قانون جوڙيو وڃي ۽ غير ملڪين کي ووٽ ڏيڻ، ملڪيتون خريد ڪرڻ ۽ جعلي ڊوميسائيل ٺاهي ڏيڻ تي مڪمل پابندي مڙهي وڃي، سنڌ ۾ ڌارين کي وطن بَدر ڪرڻ لاءِ  ذميوار آفيسر کي سگهارا قدم کڻڻ جو پابند بڻايو وڃي.

ان سان گڏ سنڌ دوستن کي گهرجي ته سنڌ ۾ رهندڙ سمورن ڌارين جي نيڪالي لاءِ  ڀرپور آواز اُٿارين ڇو جو هي وقت توهان جي همدردين جو نه وطن جي بقا، خوشحالي لاءِ  اوهان جي گڏجي جدوجهد ڪرڻ جو آهي. هن وقت حڪومت پاران آخري الٽيميٽم سان گڏ ٻي صورت ۾ قانوني ڪاروائي ڪرڻ جو چتاءُ پڻ ڏنو ويو آهي ڌارين جي نيڪالي فقط قومي ڪارڪنن يا ڌرتي سان چاھ رکندڙ حلالي پٽن جي ذميواري نه سمجهڻ گهرجي پر هر سنڌ واسي پنهنجو پنهنجو قومي فرض سمجهي فرض ادا ڪري…….

 

سيڪيورٽي کي ڌارين جي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ جا پابند بڻايو وڃي ۽ سنڌ اسيمبلي مان قرارداد پاس ڪرڻ سان گڏ ڌارين کي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ خلاف قانون جوڙيو وڃي ۽ غير ملڪين کي ووٽ ڏيڻ، ملڪيتون خريد ڪرڻ ۽ جعلي ڊوميسائيل ٺاهي ڏيڻ تي مڪمل پابندي مڙهي وڃي، سنڌ ۾ ڌارين کي وطن بَدر ڪرڻ لاءِ  ذميوار آفيسر کي سگهارا قدم کڻڻ جو پابند بڻايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.