سنڌ ۾ ڪپهه ۽ سارين جي آبادگارن جو معاشي قتل عام

تحرير:  قربان علي مهر

هن سال شروعات ۾ ڦُٽي جو مناسب اگھه مقرر ڪيو ويو ڏھ هزار روپيا في مڻ ڦُٽي خريد ڪئي وئي پر جڏهن عام جام ڦٽي مارڪيٽ ۾ آئي ته اوچتو ئي اوچتو ڦُٽي جو ريٽ ڇھ کان ست هزار  ڪري سنڌ جي ڦُٽين جي آبادگارن کي تباھ ڪيو ويو نه صرف ڦٽيون پر سنڌ اندر جيڪو به فصل پچي تيار ٿي مارڪيٽ ۾ اچن ٿا ته انهن جو ريٽ هٿ سان ڪيرائي ڇڏين ڪارخانيدارن واپارين جي هڪ هٽي قائم هجڻ ڪري ڪپهه جو فصل پوکائي گذريل ٽن سالن کان لڳ ڀڳ ستر سيڪڙو گهٽ ٿي وئي آهي پر هن سال ڪپهه جي آبادگارن سان دوکو ڪيو ويو آهي ڪو به آبادگار ڦٽي جو فصل ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي هاڻي ڪاٽن فيڪٽرين جا مالڪ هاڻي ڪاٽن ملن ۾ ڪپهه جي بدران پلال جون ڳٺڙيون ٺاهن آبادگارن ڪپهه جو نعم البدل وري ساريون ۽ ٻيا فصل پوکيا مگر هن سال مافيائن هٿرادو ڪپهه سارين جو ريٽ ڪيرائي سنڌ جي اندر لکين ايڪڙن تي مهانگا ڪپهه توڙي سارين جا ٻج خريد ڪري پوکيل فصلن جا مالڪ تباھ ٿيندي ڏسي رهيا آھيون. يوريا جي ٻه هزار روپيا ملندڙ ٻُوري بليڪ تي ساڍا چار هزار ڪئي وئي ۽ ڊي اي پي پنج هزار واري تيرنهن هزار ۾ ۽ اسپري جون دوائن جا ڊبل ريٽ ڪري مهانگيون ڪيون ويون آهن انهيءَ سان گڏ مهنگائي جي ڪري فصلن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن کان وٺي ڪارخانن تائين سمورن وسيلن ۾ مزدوري ۾ پڻ ڊبل واڌ ڪئي وئي.

سَڀني کي خبر آهي ته زراعت ملڪي معيشت جي ريڙهه جي هڏي آهي، جنهن کي ڪمزور ڪري توهان پنهنجي ريڙهه جي هڏي ختم ڪري رهيا آهيو زراعت کي نقصان ٿيو ته هتي موجود هارين مزدورن ۽ پورهيت طبقن جي چيلهه چٻي ٿي ويند هِي سڀ ڪجهه سراسر عوام دشمني آهي ڏٺو وڃي ته اسان جي وطن ۾ هارين کي ٻج ڀاڻ تي سبسڊي پيڪيج کين ناهن ڏنا ويندا ،ساڳئي ئي ملڪ پاڪستان جي صوبي پنجاپ ۾ حڪومت هارين کي ڪجهه موٽ پيڪيج ڏيندي آهي پر سنڌ حڪومت ڪڏهن به زراعت جي مسئلن کي ائين سنجيده ناهي ورتو.

اسين سمجهون ٿا حڪومتن سان گڏ زراعت جي تباهي جا اسين سڀ پاڻ به زميوار آهيون ڇاڪاڻ ته اسين پنهنجا زرعي حق گهرڻ ڇڏي ڏنا آهن ان ۾ صرف هڪ هاري جو قصور ناهي معاشري جي هر هڪ فرد جو قصور آهي ته  هو زراعت کي تباھ ٿيندي ڏسي خاموش رهي ٿو ان لاءِ حڪومت سنڌ ۽ هر هڪ فرد کي زراعت لاءِ سٺا اپاءُ وٺڻ گهرجن ته جيئن اسان جي زراعت بهتر ٿي سنڌ جي زراعت مڪمل نڌڻڪي بڻيل آهي جنهن جو ڪو ٻڌڻ وارو ڌڻي سائين ئي ناهي ڏٺو وڃي ته ڪنهن به ڪاروبار م ٿورو نقصان ٿئي ٿو ته ملڪ سڄو پريشان ٿئي ٿو پر زراعت مڪمل تباهه ٿي وڃي ڪنهن کي ڳڻتي ڪونهي.

پر افسوس ان سڄي عمل ۾ اسان جي نگران حڪومت جو ڪو ڪردار ڪونهي هن ملڪ ۾ زراعت کاتو ڄڻ حڪومت جي ڪنهن لسٽ ۾ شامل ڪونهي پوءِ چاهي وفاقي حڪومت ھجي يا سنڌ حڪومت پر سنڌ جي زراعت سان انهن کي ڪابه دلچسپي ناهي، پر وڌيڪ افسوس ايڏي تباھي کان پوءِ سنڌ جو آبادگار ھاري به سڪون سان ستو پيو آهي سندس گھر لٽجي ڦرجي وڃي ٿو پر ھو دانھن ڪرڻ لاءِ به تيار ڪونهي پر جيستائين آبادگار ھاري ھمٿ نه ڪندو تيستائين سندس حلال ۽ محنت جي ڪمائي تي ڌاڙا جاري رھندا ۽ حڪومت يا زراعت کاتو به سڪون سان ستل ھوندا

سنڌ جي موجوده نگران حڪومت کي گُھرجي ته يوريا ۽ ڊي اي پي تي آبادگارن کي سبسدي ڏني وڃي ۽ ڪپهه جو ڏھ في مڻ اگھه ڏھ ھزار ۽ سپر سارين جو پنج هزار، مقرر ڪري،  ناجائز ٿيندڙ ڪٽوتيون بند ڪري آبادگارن هارين کي معاشي طرح تباھ ٿيڻ کان بچائي .

سنڌ جي موجوده نگران حڪومت کي گُھرجي ته يوريا ۽ ڊي اي پي تي آبادگارن کي سبسدي ڏني وڃي ۽ ڪپهه جو ڏھ في مڻ اگھه ڏھ ھزار ۽ سپر سارين جو پنج هزار، مقرر ڪري،  ناجائز ٿيندڙ ڪٽوتيون بند ڪري آبادگارن هارين کي معاشي طرح تباھ ٿيڻ کان بچائي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.