معاشي بدحالي، اقتصادي مونجهارا ۽ حڪومتي ڪارڪردگي

تحرير: رياض ابڙو 

معاشي بدحالي ۽ اقتصادي مونجهارن ۾ هر حڪومت ڪبوتر واريون اکيون ٻوٽيون ويٺي هوندي آهي ۽ سمجهندي آهي ته ايئن ڪرڻ سان ٻلي ٽپي ويندي ۽ ڪبوتر اڏي جان ڇڏائيندو، بچي ويندو، جي پي ٽي آءِ  وارن پنهنجي نئين پاڪستان ۾ مهانگائي ڪئي هئي ته ماڻهن (عوام) ڇا ڪيو هيو جو هاڻي ڪندا، ان ٽائيم تي جيئن يوٿين کي اها مهانگائي گهڻي نه لڳندي هئي ۽ رهندو ان مهانگائيءَ جي به وڪالت ڪندا هيا،  هاڻي به ساڳي ڳالھه  ٿي بيهي ته هنن 13 پارٽين جي حامين کي اها مهانگائي مهانگائي نه ٿي لڳي، اها هاڻي رڳو پي ٽي آءِ وارن جي لاءِ مهانگائي آهي ۽ 13 پارٽين کي پيٽرول سستو ٿو ملي، کاڌي پيتي جون شيون مفت،، اسحاق ڊار جي هٿ وس هيو ته اهو پي ٽي آءِ جي سرڪار جي دور ۾ لنڊن ۾ ويهي ڊاڙون هڻندو هيو ته ڊالر واپس 100 روپين تي کڻي اينداسين جي سرڪار ملين ته ڊالر بيٺو ئي نه، هاڻي ته انهن تي ڪير پَتِ ڪري، هاڻي ساڳو ئي اسحاق ڊار آهي جيڪو نوازشريف جي بيان سان گڏ پنهنجو بيان ملائي ڳالھه  پڪي ڪندو هيو ته هاڻي 2017 واري معيشت واپس ايندي ۽ ملڪ ۾ معاشي استحڪام ايندو.

ٽي، مشينري، لگجري آئيٽمز تي اسان جي ماڻهن جي دل ئي نه ڪڍي ته ڪو مارڪيٽ ۾ جي ڪنهن ڊپارٽمينٽل اسٽور تي جي ريڪ تي پيل ڪا پاڪستاني شيءِ هجي ته کڻي وٺن ڀلا، پر اهو به تڏهن جڏهن عام ماڻهن جو اعتماد بحال ٿئي ۽ اهي شيون مهانگيون نه هجن، ٿين، انهن جي ”ڪاسٽنگ“ ايتري آسان هجي جو مينوفيڪچرر انهن جي ٺاهڻ تي گھٽ قيميت رکي، انهن جي ڪوالٽي تي ڌيان ڏئي ۽ عام ماڻهو به انهن جي ڳالھه  تي پت ڪن ته هاڻي ملڪي پراڊڪٽ ڪم جون آهن ۽ عام ماڻهو انهن تي اعتبار ڪري سگهن ٿا، انهن شين جي گارنٽي ۽ وارنٽي ايتري هجي جو ”آفٽر سَيل سروس“ هجي، جرمني وانگي ته جڏهن اهي ڪا گاڏي ٺاهن ٿا، ڪا شيءِ ٺاهن ٿا تڏهن انهن جي ان شيءِ تي، انهن شيءِ جي پائيداري تي ايترو يقين هوندو اٿن جو جي ڪسٽمر جي شڪايت ڪندو ته انهن جي شڪايت تي اها رپيئر فري ڪري ڏيندس، مورڳو ڪسٽمر جي دل کٽڻ جي لاءِ انهن کي اها شيءِ مٽائي، ريپليس ڪري ڏيندا ته جيئن انهن جو اعتماد بحال ڪري سگهجي. پر هتي هرحڪومت جي انهن صنعتن ۽ ڪاروبارين، مينوفيڪچرنگ ڪمپنين کي ان ڳالھه  جي تنبيهھ ڪري ته اهي ملڪي شين تي اعتبار ۽ اعتماد بحال ڪن ته جيئن ماڻهو ملڪي شين تي خريد ڪن، انهن جي ٺهڻ تي خرچ کاٻار تي ڪجھه  ٽيڪس ۽ ڇوٽ هجي جنهن ۾ بجلي، قانوني پيچيدگيون ۽ سيڪيورٽيءَ جا مسئلا جيڪي گھڻي ڀاڱي ملڪ جي ٻين حصن ۾ هجن ٿا سي گھٽ، نه هجن، نه ٿين.

هيءَ حڪومت اهو ٿي سمجهي ته پيٽرول جي 100 روپيا ليٽر هيو ته عوام خوش هيو هاڻي جي 300 ٿيو (يا ٿي ويو) ته عوام حڪومت کي ڇا ڪندو، نڌڻڪو عوام ڪهڙو ڪنهن مخالف پارٽيءَ جي ڪلهن تي چڙهي ناڻي واري وزير جو گهر ساڙيندا، انهن جو گهيرو ڪندا، پر عوام جڏهن ڪو ردعمل، درد کڻي روڊن تي نه ٿو نڪري، نه ٿو اچي، جاڳي نه ٿو ته حڪومت به ائين ٽُڪ ٽُڪ ڪري قسطن ۾ هن عوام جو رتُ ۽ ستُ پئي پيئندي رهندي، ماضيءَ ۾ ڪجھه  سياسي پارٽين جا نالا کڻي سگهجن ٿا جيڪي حڪومت کي مجبور ڪندا هيا ته اهي هر صورت پيٽرول جون وڌايل قيمتون واپس وٺن نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو پو تڏهن اها وقت جي حڪومت کڻي مُڙي ويندي هئي، پيٽرول جو قيمتون ايتري تيزيءَ سان نه وڌنديون هيون جيتري تيزيءَ سان هاڻي، عمران خان جي دور ۾ وڌيون پئي پر هاڻي ته شهبازسرڪار به پي ٽي آءِ جي سرڪار وانگي باھ ٻاري ڏني هئي، جو ٽيهھ ٽيھه روپيا هڪ ڌڪ پيٽرول وڌائي ويا ۽ ڊالر جي اڏام کي روڪي نه سگهيا، هٿ وٺي پاڻ ئي ڪرائيندا رهيا ان ڪري ته ڊالر جي ڏي وٺ  اپرڪلاس جو گهڻو حصو ڳنڍيل رهي ٿو ۽ فائدو نقصان به انهن کي ٿيندو رهي ٿو (يا جيستائين برڪس ”روسي ڪرنسيءَ واري اسٽريٽجي ڪم ڪري).

پر سرڪار اها ڳالھه  هاڻي سمجهي وئي آهي ته عوام کي چپ چاپ مڏي ڪاتيءَ سان پيو ڪهجي، ان ڪري عوام ائين ئي خاموش رهندو ايندو ۽ سرڪار ائين ئي ڪلور ڪندي رهندي، پي ٽي آءِ کان وٺي پي ڊي ايم جي مخالفت به جهان ڏٺي هئي جو ڪير به مهانگائي مارچ نه پيو ڪري، ڪنهن به سياسي پارٽي پي ٽي آءِ وارن سان معاشي بدحالي جي سببن تي گوڙ نه ڪيو هيو، اهي به مصلحتن چپ هيا، سمجهن پيا ته جيڪي پي ٽي آءِ جي لوندڙيءَ تي بندوق رکيون ويٺا هيا، جيڪي پنهنجي پسند جا فيصلا ڪرائين ٿا اهي سڀاڻي به اهو ئي حشر ڪندا ان ڪري ٻئي ڌريون ان ڊڄ ۾ چپ هيون ۽ رهنديون آيون.

يا 28 فيبروري 2022 تي پي پي وارن کڻي اسلام آباد ٽپڙ ٻَڌي، مُلڪُ ميڙي ماڻهو گڏ ڪري پي ٽي آءِ وارن جو ساھ مُٺ ۾ ڪيو هيو ته اهي عمران خان جي حڪومت ڪيرائيندا، رڳو سکڻو اهو اعلان ڪيو هين ته اهي ڊي چوڪ تي ڌرڻو هڻندا، پي ٽي آءِ جي حڪومت کي مجبور ڪندا ته اهي پيٽرول جون قيمتون گھٽائن پر ان نتيجي ۾ پي ٽي آءِ جي سرڪار کڻي مجبورن ڪنڌ مٿان ڪاتي سمجهي ڪجھه  پيٽرول سستو ڪيو هيو پر وري ڪنهن به پارٽيءَ ان کانپوءِ جارحاڻي طريقي سان ڪو احتجاج رڪاڊ ناهي ڪرايو ته آخر پيٽرول جڏهن سڄي دنيا مان گهٽ پيو ٿئي، سستو پيو ٿئي ته اتي اسان جهڙي ملڪ ۾ هروڀرو مهانگو ڇو؟، پيٽرول، ڊيزل تي هلندڙ گاڏين تي سڄي دنيا پابندي پئي هڻي ۽ پيٽرول، ڊيزل جي استعمال جا نعم البدل اچي ويا آهن، سڄي دنيا هاڻي ”هاءِ بِرِڊِ“ گاڏين تي زور ٿي ڏئي، سنڌ سرڪار به وڏن شهرن توڻي ننڍن ننڍن شهرن ۾ بجلي تي ٽرانسپورٽ هلائڻ تي زور ڏيون ويٺي آهي، هاڻي 23 کان 25 سيڪڙو تائين پيٽرول ۽ ڊيزل جي کپت گهٽ ٿي ٿئي (ٿي وئي آهي) ته حڪومت به هاڻي پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون ان اسپيڊ سان گھٽائي پر ان ڳالھه  جو ڌيان به ڏئي ته جيڪي شيون پيٽرول ۽ ڊيزل جي بهاني وڌايون ويون هيون، جيڪي عام استعمال جون شيون ان پيٽرول جي قيتمن وڌائڻ جي ڪري مهانگيون ٿي ويون هيون انهن تي ضابطو آڻين.

هيءَ حڪومت به اڳين سرڪار وانگي پيٽرول ڊيزل گيس ۽ بجليءَ جي ادارن کي کاٽو پٽَ ادارا ڄاڻائي ايتري ته ڪانسينٽريشن ڏيکاري آهي جو ٻيو ڪو ادارو سمجھ ۾ نه ٿو اچين جيڪو ڪمائي ڏئين. ان ڪري ته پيٽروليم ئي واحد ادارو سمجهين ۽ اهو طئي ڪين ته رڳو ان اداري مان ئي ڪمائي سگهجي ٿو، ڇو ته حڪومت ڪنزپشن تي ايتري ته ٽيڪس مڙهي آهي جو شيون هاڻي ڪنٽرول ۾ ناهن، لگزري آئيٽمز تي جيتري به ٽيڪس هڻن، نه هڻن ان ڪلاس کي ڪجھه  ٿيڻو ئي ناهي ان ڪري ته ڪنزيومر ٽيڪس جو وڏو بار رڳو غريب تي آهي، سيلريڊ ڪلاس تي آ، ان ڪري ته پگهادار هلي هلي کُٽي ٿو پئي پر بزنس ڪلاس کي ڪجھه  نه ٿو ٿئي، اهو ڪلاس ٽيڪس نه ٿو ڀري، جيڪي اشرافيا ۽ اپرڪلاس آهن انهن کي هر ڪنهن شيءِ جي معافي گهرجي، ان ڪري اهي ڪنهن به ٽيڪس جي ڄار ۾ نه ٿا اچن، نه ٿا ڦاسن، اهي هر شيءِ جي ڇوٽ وٺيون ويٺا آهن، اهي سڀ ادارا ۽ جڳاڙ سمجهي بزنس ٿا هلائن ان ڪري رڳو واحد پيٽروليم جون شيون آهن جن مان حڪومت ”نيٽ ٽيڪس“ ڪمائي سگهي ٿي، اهو هڪ ئي حل آهي جنهن مان آءِ ايم ايف کي منهن ڏئي سگهجي ٿو.

حڪومت اهو به سمجهي ٿي ته مهانگائي ائين به آهي ته جيڪو جيتري ۾ شيءِ وٺندو اهو وري ايتري ۾ کپائيندو به، معني ته رڳو شين جي ”بيس ريٽ“ ۾ فرق ايندو باقي منافعي جي شرح ساڳي رهندي، جيڪي اٽو مهانگو ڪري کپائيندا ته انهن کي وري سبزي مهانگي ملندي، جيڪي گوشت مڇيون، ڪڪڙ مهانگو ڪري کپائيندا ته انهن کي وري ٻئي سروسز مهانگيون پونديون، ان ڪري ”ٻارو ڀڃي ٻاري ۾ آ“ ۽ مهانگائي ڪجھه  به ناهي، ان ڪري عوام پنهنجو خيال پاڻ ڪري، ساڳي طريقي بزنس ڪلاس ۽ اشرافيا پيا ڪمائيندا ۽ ملڪ پيو هلندو.

 

پر سرڪار اها ڳالھه  هاڻي سمجهي وئي آهي ته عوام کي چپ چاپ مڏي ڪاتيءَ سان پيو ڪهجي، ان ڪري عوام ائين ئي خاموش رهندو ايندو ۽ سرڪار ائين ئي ڪلور ڪندي رهندي، پي ٽي آءِ کان وٺي پي ڊي ايم جي مخالفت به جهان ڏٺي هئي جو ڪير به مهانگائي مارچ نه پيو ڪري، ڪنهن به سياسي پارٽي پي ٽي آءِ وارن سان معاشي بدحالي جي سببن تي گوڙ نه ڪيو هيو، اهي به مصلحتن چپ هيا، سمجهن پيا ته جيڪي پي ٽي آءِ جي لوندڙيءَ تي بندوق رکيون ويٺا هيا، جيڪي پنهنجي پسند جا فيصلا ڪرائين ٿا اهي سڀاڻي به اهو ئي حشر ڪندا ان ڪري ٻئي ڌريون ان ڊڄ ۾ چپ هيون ۽ رهنديون آيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.