شفاف چونڊن لاءِ سياسي ڌريون سھپ پيدا ڪن

ملڪ ۾ نگران سيٽ اپ آھي جنھن وٽ آئيني طور تي مينڊيٽ تھ رڳو اھو آھي تھ اھو چونڊن جي نگراني ڪندو پر جيڪي ڪم ھن حڪومت ھٿ ۾ کنيا آھن،تن سان عوام ۾ شڪ پيدا ٿيڻ لازمي ڳالھھ آھي.چونڊن بابت مونجھارو اڃان ختم نھ ٿيو آھي،جيتوڻيڪ الڪشن ڪميشن چونڊن بابت ڪجهھ چر پر ڪئي آھي پر ان سان گڏ ھن ملڪ ۾ جيڪي حالتون آھن،انھن سان تاحال اھا غيريقنيي ڪيفيت باقي آھي جيڪا نگران سيٽ اپ جوڙڻ کان اڳ موجود ھئي.

اھو تھ ڪا ھاڻي لڪيل ڳالھھ نھ رھي آھي تھ ملڪ جي ٻن وڏين جماعتن مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي وچ ۾ چارٽر آف ڊيموڪريسي صحي ڪرڻ کانپوءِ ملڪ  جي اسٽيبلشمينٽ ھٿ سان پاڪستان تحريڪ انصاف کي اڳتي آڻي، جمھوري حڪومتن جو رستو روڪيندي، ھاءِ برڊ سسٽم کي جنم ڏنو ھو.جنھن سان ڪيل تجربي مان ھاڻي تھ ثابت ٿي ويو آھي تھ اسٽيبلشمينٽ جي اھڙي ڪنھن بھ رٿ سان ملڪ کي ڪنھن فائدي بجاءِ رڳو نقصان ئي رسيو آھي.ان ھوندي بھ شايد ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ ان تجربي مان گھڻو ڪجھھ سکڻ جي لاءِ تيار نھ آھي.

ھن وقت مسلم ليگ ن جو اڳواڻ ميان نوازشريف چئن سالن جي جلاوطني ختم ڪري 21 آڪٽوبر تي وطن وري رھيو آھي پر ان سان گڏ ئي ملڪ ۾ افواھ جون فئڪٽريون سرگرم ٿي ويون آھن.جنھن ۾ اھو تاثر ڏنو پيو وڃي تھ ڪنھن کي بھ سياست جي ميدان ۾ مڪمل آزاديءَ حاصل نھ ھوندي،اھڙي قسم جي ڳالھين سان عوام ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر بي يقيني سان گڏ ان کي چونڊن ۾ ڌانڌلي قرار ڏنو پيو وڃي.

ملڪ جي سياسي ميدان ۾ نظر نھ ايندڙ قوتن جي مسلسل مداخلت جو انت ٿيندي نظر نھ پيو اچي اھو ئي سبب آھي جو پاڪستان تحريڪ جي ھڪ ٻئي پويان ڪيترائي ئي اڳواڻ سياست کان توبھ تائب ٿي رھيا آھن.جنھن ۾ تازو منظر تي آيل انھن جا اڳواڻ ڳڻائي سگھجن ٿا.ھڪ جمھوري ماحول جي لاءِ اھي سمورين نشانيون ڪنھن بھ ريت ڪو ھاڪاري اشارا نھ آھن،جنھن جو سڌو سئنون مطلب ھي آھي تھ ڪجھ طاقتور ڌريون پنھنجي مرضي جي نتيجا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيون آھن،پر ان سان ملڪ جي سياسي جماعتن پاران ليولنگ پلئينگ نھ ملڻ واري دانھن درست ثابت ٿي رھي آھي.

جيڪڏھن اھو ئي رويو رھيو تھ سمورين سياسي جماعتن کي ھڪ جھڙو موقعو نھ ملي سگھيو تھ ان جو ملڪ جي سياست تي ڪنھن بھ ريت مثبت اثر بھ پوندو.ان سان ملڪ ۾ نھ رڳو سياسي استحڪام پيدا ٿين ممڪن نھ ھوندو بلڪھ ان سان ويتر نفرت ۽ ويڇا وڌندا جنھن جو نقصان مجموعي طور تي سموري سماج کي رسندو.

سمورين سياسي ڌرين کي گھرجي تھ اھي جيڪو حق پاڻ لاءِ گھرن ٿيون اھڙو حق ٻين جي لاءِ بھ تسليم ڪن ۽ ان جي لاءِ جدوجھد ڪن ان سان ئي ملڪ ۾ جمھوريت واري رويئي کي ھٿي ڏئي ڪري اڳيان وڌائي سگھجي ٿو.ٻي صورت ۾ جيڪڏھن ڪا سياسي ڌر اھو سمجھي ٿي تھ اھا ڪنھن طاقتور قوت جي ڪلھن تي چڙھي ڪري اقتدار جي واڳ ھٿ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي تھ اھو ممڪن تھ آھي پر ان طريقي سان ھڪ تھ رائج قانونن جي لتاڙ ڪندي تھ وري ٻئي پاسي  اخلاقي جرئت کان محروم ٿي ويندي.

سو سياسي ڌرين کي ملڪ ۾ شفاف چونڊن ڪرائڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اڳتي اچڻ گھرجي تھ جيئن ھڪ ھاڪاري سفر جي ابتدا ٿي سگھي.ان جي لاءِ سمورين جماعتن ۾ سھپ ۽ ھڪ ٻئي جي ڳالھھ کي برداشت ڪرڻ جي سگھه پڻ پيدا ڪرڻ گھرجي. ان سان ئي ملڪ ۾ ڪنھن ھاڪاري ۽ مثبت سياسي ماحول جڙڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي.

  • سارين جي اگھه نه ملڻ بابت آبادگارن جي دانھن 

سنڌ ھڪ زرعي صوبو آھي پر ڪنھن بھ حڪومت زراعت تي ڌيان نھ ڏنو آھي.نتيجي ۾ ان شعبي مان جيڪو لاڀ حاصل ڪرڻ ممڪن آھي اھو حاصل نٿو ٿئي.جيتوڻيڪ سموري دنيا ۾ جدت،کوجنا ۽ ٽيڪنالوجي سان ان مان ڀرپور فائدو حاصل ڪيو پيو وڃي پر سنڌ ۾ ان پاسي جوڳي ڌيان نھ ڏيڻ ڪري ان جو نقصان سموري معاشري کي ٿي رھيو آھي.

حڪومت وٽ مڪمل طور نظرانداز ٿيل زراعت کي ھٿ سان تباھ ڪرڻ جي لڳاتار ڪوشش جي دانھن ھر فورم تي ٿي رھي آھي پر ان کي ڪو بھ ٻڌڻ جي لاءِ تيار نھ آھي.

ھن وقت سنڌ ۾ ساريال جي فصل لھڻ بعد شروع ۾ ان جو اگهھ بھتر ڏنو ويو ھو پر وري بھ ڪارخاني مالڪن جي ھڪ ھٽي سبب ان جو اگهھ لاھي ڪري ھارين نارين ۽ آبادگارن کي نقصان ڏنو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ روز سنڌ جو آبادگار توڻي سياسي سماجي ڌرين احجتاج ڪن ٿيون مظاھرا ڪن ٿيون پر انھن جي ڪو بھ ٻڌڻ يا انھن جي دانھن تي ويچارڻ جي لاءِ تيار نھ آھي.

آبادگارن جو چوڻ آھي تھ اڄوڪي دور ۾ زمين آباد ڪرڻ وقت جي سيڙپ ڪرڻ ۽ ان تي ايندڙ خرچ،ڀاڻ،پاڻي کيڙي سميت جملي ڪم جو حساب ڪجي ٿو تھ في ايڪڙ خرچ وڌي وڃي ٿو،جڏھن تھ ان جي مقابلي ۾ ڪن خاص فصلن جي لاءِ حڪومت ضرور دلچسپيءِ جو مظاھرو ڪري ان جو بھتر اگھھ مقرر ڪري ٿي پر ڪيترن ئي فصلن تي ڌيان نھ ڏيڻ جي ڪري مجموعي طور تي زراعت جي شعبي کي پورائي نھ ٿي سگھڻ جھڙو نقصان ٿي رھيو آھي.

سنڌ جي آبادگارن وقتي حڪومت جو ڌيان ھن پاسي ڇڪائيندي مطالبو ڪيو آھي تھ سارين جو اگھھ گھٽ ۾ گھٽ 5 ھزار رپيا في مڻ مقرر ڪيو وڃي جئين آبادگار زمين تي ڪيل پنھنجو خرچ پکو ڇڏائي ڪري ڀيٽ گذر ڪرڻ جھڙا ٿي سگھن.انھن جو وڌيڪ چوڻ آھي تھ ڪارخانيدار ۽ واپاري پنھنجي ھڪ ھٽي قائم ڪري ھارين نارين کي گھٽ اگھ تي سارين وڪڻڻ تي مجبور ڪري رھيا آھن،جنھن ڪري انھن کي وڏو نقصان پئجي رھيو آھي.

ھڪ وقت کان آبادگارن جي اھا بھ دانھن آھي تھ ھنن کي ملندڙ ڀاڻ ۽ دوائون بھ غيرمعياري ۽ نقلي ھونديون آھن،پر انھن کي روڪڻ جي لاءِ لاڳاپيل اختياريون ڪو ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار نھ آھن.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.