جيئن وياج خوري جو لاڙو وڌندو پيو وڃي. منشيات جو ڪاروبار عروج تي پهچي چڪو آهي. هر ، سرڪاري ڪم جا “ٺيڪا” انهن ماڻهن کي ڏنا پيا وڃن. جيڪي وس وارين اختيارين کي وڌيڪ ڪميشن ڏين ٿا. رشوت ۽ ڪرپشن جي سواءِ ڪو به ڪم نه ٿو ٿئي. حڪومت انهن غير اخلاقي ۽ غير قانوني عملن کي روڪڻ ۾ بلڪل ناڪامياب ٿي چڪي آهي. بلڪل اهڙي طرح هن وقت ذخيره اندوزي ڪرڻ جو رجحان به تيزي سان وڌي رهيو آهي. واپاري حضرات شين جي ذخيره اندوزي ڪري گودام ۽ ڀانڊا ڀري رهيا آهن. خاص ڪري کاڌي پيتي جي شين جي ذخيره اندوزي ڪئي پئي وڃي. ڪڻڪ ، اٽو ، کنڊ ، داليون، چانور زرعي ڀاڻ ، دوائون ، صابڻ ۽ گيهه وغيره کي ڀانڊن ۾ لڪائي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي پئي وڃي. کوٽ پيدا ٿيڻ سان عوام جي پريشاني ۾ واڌ ٿئي ٿي. عوام اڳ ۾ مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي. ويتر واپاري حضرات شين جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري، مهانگي اگهه تي وڪرو ڪري رهيا آهن. پنهنجا من پسند اگهه مقرر ڪري عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آهن ۽ ڪيترائي بهانا ٺاهي عام ماڻهو کي گمراهه ڪندا وتن. سستي اگهن ۾ ورتل شيون مهانگي اگهن ۾ وڪرو ڪري بي ايماني ڪري رهيا آهن ۽ حڪومت ذخيراندوزي روڪڻ ۾ به بلڪل ناڪام ٿي چڪي آهن.
هن وقت ، ملڪ ۾ مهانگائي جون دانهون روزانو ٻڌي رهيا آهيون. هر، شيءِ جي قيمت آسمان سان ڳالهيون ڪري رهي آهي. مهانگائي حڪومت جي غلط پاليسين ۽ منصوبا بندين جي ڪري ٿئي پئي. ويتر ذخيره اندوزي جي ڪري مهانگائي ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ٿيو آهي. مهانگائي جي خاص سببن مان اهو به هڪ آهي. جنهن ڪري مهانگائي ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ٿيو آهي. واپارين به پئسو ڪمائي ڏٺو آهي. اهي به امير ترين ٿيڻ گهرن ٿا. تنهن ڪري هر، شيءِ جي ذخيره اندوزي ڪري رهيا آهن. ڪيترن ئي واپارين شهرن توڙي ڳوٺن ۾ ڀانڊا يعني گودام مسواڙ تي به ورتا آهن. جتي کنڊ ، ڪڻڪ ، زرعي ڀاڻ ، چانور وغيره ذخيرو ڪيا پيا وڃن. دوائون ۽ ٻيون کاڌي پيتي جون شيون به گڏ ٿي رهيون آهن.
اڳ ۾ ته ، ذخيرو اندوزي جو لاڙو گهٽ هوندو هو. پر، هاڻ اهو تيزي سان وڌي رهيو آهي. حيراني ٿي ٿئي ته ، حڪومت نالي ڪا به شي ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي اچي. انتظاميه غائب آهي. ذخيره اندوزن جي خلاف ڪو به قدم ڪونه ٿو کنيو وڃي. حڪومت ان ڏس ۾ مڪمل طرح ناڪامياب ٿي چڪي آهي. صرف ڪوڙيون دعوائون ڪيون پيون وڃن. گذريل حڪومتن وانگر موجوده نگران حڪومت به دعويٰ ڪري رهي آهي. اعلان ڪيو ا ٿس ته واپارين جي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو پيو وڃي. جنهن تي عمل ڪرڻ باقي آهي. آئون ، سمجهان ٿو ته ، اهو صرف پريس بيان ڏنو ويو آهي. باقي ان کان اڳتي ڪجهه به ڪونه ٿو ڏسڻ ۾ اچي. اڄ ڏينهن تائين ، حڪومت واپارين جي خلاف ڪيترائي دفعا ڪارروايون ڪيون آهن. آپريشن ۽ ڪريڪ ڊائون به ٿيا آهن. پر، انهن جو ڪو به نتيجو نڪري ڪونه سگهيو آهي. اهي نالي ماتر سڀ ڪارروايون ناڪامياب ٿي ويون. ان جو سبب اهو آهي ته ، واپارين وٽ پئسو تمام گهڻو آهي. اهي، وس وارن آفيسرن کي ڳريون رشوتون ڏيو جان ڇڏايو وڃن ٿا. مون ڪڏهن به ڪونه ٻڌو آهي ته ، ذخيره اندوزي جي ڪيس ۾ ڪنهن واپاري کي ڪا سزا ملي آهي. البته ڪڏهن ، ڪڏهن انهن کان ڏنڊ وصول ڪيو ويو آهي. جيڪو به نه هئڻ جي برابر هوندو. باقي ، اهي سمورا واپاري ڪنهن ڳري سزا کان آجا آهن. کين ڇوٽ ۽ رعايت مليل آهي. جنهن ڪري سندن من وڌندو پيو وڃي. هو، مستي ڪري رهيا آهن. ڪيترائي واپاري وري ڪن بااثر وڏيرن ، ڀوتارن ۽ سياستدانن جا خاص ماڻهو بنجي تحفظ وٺي رهيا آهن. ان ڪري، انتظاميه سندن نالو ڪونه ٿي وٺي ۽ ڪنهن حد تائين تحفظ فراهم ڪري رهي آهي.
ذخيره اندوزي ، وياج خوري منافع خوري ۽ رشوت خوري ناجائز ۽ حرام آهي. اهڙو عمل غير قانوني ۽ غير اخلاقي آهي. دنيا جي هر مذهب ان عمل کان روڪي ٿو. خاص ڪري اسلام سختي سان منع ڪري ٿو. تنهن هوندي به هتان جا واپاري مڙن ڪون ٿا. اسان جي پياري ملڪ پاڪستان ۾ ته ذخيره اندوزي ، ڪرڻ کي عيب ڪونه ٿو سمجهيو وڃي. اڄ ڏينهن تائين ڪو به حڪمران ذخيره اندوزي کي روڪي ڪونه سگهيو آهي.
هن وقت ته حڪومت صرف اجلاس ڪوٺائڻ ۾ پوري آهي. گڏجاڻين ڪرڻ ۾ مصروف آهي. گڏجانين کان پوءِ صرف اعلان ڪيا وڃن ٿا. باقي عمل جو فقدان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ياد رهي ته نه رڳو واپاري حضرات ذخيره اندوزي ڪري رهيا آهن. پر، ڀوتار ۽ زميندار به اهو عمل ڪندا وتن. حالت اها آهي جو شگر ملز مالڪان به کنڊ جا ذخيره ڪري رهيا آهن. سندن گودام کنڊ جي ٻورين سان سٿيل آهن. اهڙي طرح فلور ملز جي مالڪن جو به ساڳيو حال آهي. اهي به اٽو يا ڪڻڪ ذخيره ڪري رهيا آهن. جڏهن گهڻي کوٽ پيدا ٿيندي ۽ ضرورت وڌندي تڏهن هو اهي ڳري ۽ مهانگي اگهه ۾ وڪرو ڪري ڇڏيندا. جن جي خراب ٿيڻ جو خطرو هوندو آهي. جيئن ميوات ، گوشت ، مڇي ۽ سبزيون وغيره جي خراب ٿيڻ جو خطرو ٿئي ٿو. جنهن ڪري اهڙيون شيون ذخيرو ڪونه ٿيون ڪيون وڃن.
اها ڄاڻايل ماڻهن جي مجبوري آهي هڪ قدرتي عمل آهي. ان ڪري ڄاڻايل شين جي ذخيره اندوزي ڪرڻ ناممڪن ٿي پئي آهي. ورنه اهي شيون به ذخيرو ڪرڻ ۾ دير ئي ڪونه ڪن. هن وقت مهانگائي جي ڪري غربت ۾ اضافو ٿيو آهي. مفلوج الحالي ۽ بدحالي هتان جي عوام جو مقدر بنجي چڪي آهي. خاص ڪري سنڌ جي ماڻهن جي گهڻائي مسڪيني واري زندگي گذاري پئي. مهانگائي ۽ غربت کي ڪجهه گهٽ ڪرڻ لاءِ ذخيره اندوزي ڪندڙن جي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. پوءِ اهي ڪيترا به بااثر ڇونه هجن. پر، انهن کي سخت ۽ ڪڙي سزا ڏني وڃي. ان سزا کان ڪو به واپاري بااثر بچي نه سگهي. ڪنهن کي رعايت يا ڇوٽ نه ڏيڻ گهرجي.
جيڪڏهن حڪومت کي ان سلسلي ۾ ڪا قانون سازي ڪرڻي پوي ته اها به ڪئي وڃي ۽ ان قانون سازي تي عمل به ڪرائڻ وقت جي ضرورت ۽ تقاضا هوندي ته ايئن ڪرڻ سان ذخيره اندوزي ختم ٿي سگهي ٿي. شين جي کوٽ به ڪونه ٿيندي. مهانگائي ۽ غربت ۾ ڪافي حد تائين گهٽتائي اچي سگهي ٿي. ان ڏس ۾ حڪمرانن کي مخلص ٿي سچائي سان ڪم ڪرڻو پوندو. تڏهن وڃي ڪي نتيجا نڪري سگهندا. باقي رڳو گڏجاڻين ۽ پريس ڪانفرنسن ڪرڻ مان ڪي حالتون سڌري نه ٿيون سگهن. ياد رهي ته ، اڄ به ڪي اهڙيون واپاري شخصيتون ، ملڪ ۾ موجود آهن. جيڪي ذخيره اندوزي کي بلڪل ناجائز ۽ حرام سمجهن ٿيون ۽ اهي ان عمل ڪرڻ کان ڪوهين پري رهن ٿيون. پر، انهن جو تعداد تمام ٿورو ۽ گهٽ آهي. يعني نه هئڻ جي برابر آهي. هن ماحول ۾ اهڙن عظيم انسانن کي جس هجي. باقي واپارين جي اڪثريت جو سج لٿو پيو آهي. ان لاءِ حڪومت کي پنهنجا وسيلا ۽ اختيار استعمال ڪري ذخيره اندوزن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي. اميد ته حڪومت ان ڳالهه کي محسوس ڪندي هن طرف توجهه ڏيندي. جيڪڏهن حڪومت ، ڄاڻايل ڳالهه جو ڪو به نوٽيس نه ورتو ته پوءِ پڪ ڄاڻو ته غريب ۽ مسڪين ماڻهو جو جيئڻ ئي جنجال ٿي پوندو.