ڪتاب ” سنڌ شناسي“ جو مختصر اڀياس

تحرير: امين جويو

ڊاڪٽر غلام محمد لاکي پاران ترتيب ڏنل ھي ڪتاب ، سنڌ جي نالي واري محقق ايم ايڇ پنھور صاحب جي مقالن ، مضمونن ، تقريرن ۽ انٽرويوز تي ٻڌل آھي. ھي ڪتاب سال 2017ع ۾ پھريون ڀيرو ”پيڪاڪ پبلشرز“ وارن پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ھن ڪتاب جي مقبوليت جو اندازو ان ڳالھه منجھان بخوبي لڳائي سگھجي ٿو ته صرف پنجن سالن جي مختصر عرصي ۾ ھن جون سڀئي ڪاپيون وڪرو ٿي ويون ! ۽ سال 2022ع ۾ ھن جو ٻيو ڇاپو ، مارڪيٽ ۾ آندو ويو آھي.

ھن ڪتاب جا ڪُل ست ڀاڱا آھن . پھرئين ڀاڱي ۾ آزاديءَ کان اڳ ، سنڌ جي تواريخ ۽ قديم آثارن تي ٿيل تحقيق ۽ پاڪستان جي قيام کان پوءِ ، سنڌ جي تواريخ ۽ قديم آثارن تي ٿيل کوجنا ۽ ڪم بابت لکيل آھي.

ٻيو ڀاڱو ؛ سنڌ جي تواريخ ، جاگرافي ، سماج ۽ اقتصاديات تي ٻڌل آھي. ڪتاب جي ھن حصي ۾ ۾ سانگھڙ ضلعي جي ھڪ لک سالن جي تواريخ ، ڪجهھ سنڌي قبيلن جي اصليت ، سنڌ ۽ ڪڇَ جي لاڳاپن ، قديم سنڌ بابت يوناني ۽ رومي ليکڪن ، رني ڪوٽ ، ڀنڀور بندر ذريعي سنڌ جي بين الاقوامي تجارت ، ڄام نظام الدين سمي ۽ سندس دور ، جاگيردارانا راڄ خلاف سنڌ جي شاندار جدوجھد ، يورپ ۽ سنڌ جي رابطن ، قديم ڪراچي ، ڪلھوڙن جي عروج ۽ زوال جو سنڌ جي ماحوليات تي اثرن ، ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ ديول سنڌ ، سنڌ جي سرحدن جي مقررين ، سنڌ جي بمبئي ۾ شموليت ، سنڌ ۾ فارسي زبان جي زوال جي سببن ، سنڌ جي تعليمي سرشتي ۽ عظيم بمبئي يونيورسٽي بابت ڄاڻ ڏنل آھي.

ٽئين ڀاڱي ۾ ايم ايڇ پنھور صاحب جون ڪجھ تقريرون آھن جيڪي ھن مختلف وقتن تي ؛ پير حسام الدين راشدي ، سائين محمد ابراھيم جويي ، سيد غلام مصطفيٰ شاھ ۽ عبداللھ جي ميمڻ صاحب جي شخصيتن تي ڪيون آھن. ان کان سواءِ ھن حصي ۾ ايم ايڇ پنھور صاحب پاران ڪيل ڪجھ ٻيون تقريرون پڻ شامل آھن.

چوٿون ڀاڱو ايم ايڇ پنھور صاحب پاران لکيل مھاڳن تي ٻڌل آھي؛ جن ۾ ھنن ڪتابن جا مھاڳ شامل آھن؛ 1. تاريخ مظھر شاھجھاني 2. سترھين صديءَ ۾ سنڌ جا انتظامي يونٽ 3. ھينري ڪزنس ۽ سنڌ جا قديم آثار 4. سنڌ جي فتح ۽ 5. ڪھوڙا دور حڪومت.

ھن ڪتاب جو پنجون ڀاڱو سنڌ جي تواريخي جاگرافيءَ تي ٻڌل آھي. جنھن ۾ سنڌ جي تفريحي ماڳن ، سنڌو درياھ جي گذريل پنج ھزار سالن جي تواريخ ، لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن ۾ برساتن جي تباھ ڪارين ، سنڌ جي ڪوھستاني علائقن ۾ موجود چشمن ، سنڌوءَ جي ڇوڙ وارن علائقن ، سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جي مسئلن / اثرن ۽ ان جي نتيجن ، سنڌ ۾ آبپاشي ، نيڪرَ ۽ ٻوڏ جي سرشتي جي تواريخ بابت تفصيلي ڄاڻ ڏنل آھي.

ڇھين ڀاڱي ۾ مختلف قسم جا مضمون ڏنل آھن ، جن جا موضوع ھڪٻئي کان بنھ مختلف آھن. انھن مضمونن ۾ ؛ عورت جي سنڌي تھذيب ۾ حالت ، ٻھراڙيءَ جي عورتن جي غلامي ، ٿنڪرس لائبرري پاران ڇپايل ڪتاب ۽ ٿنڪرز لائبرريءَ جي ياد ۾ ڪجھ ويچار ونڊيل آھن.

جڏھن ته ھن ڪتاب جو ستون ۽ آخري ڀاڱو انٽرويوز تي مشتمل آھي. ھن حصي ۾ ايم ايڇ پنھور صاحب کان ورتل چار عدد يادگار انٽرويوز شامل آھن جيڪي پنھنجي وقت جي مشھور اخبارن ۽ رسالن جي نمائندن پاران ورتا ويا آھن.

منھنجي خيال موجب ھي ڪتاب پڙھڻ سان ن رڳو مٿي بيان ڪيل موضوعن بابت ڄاڻ حاصل ٿيندي پر ان سان گڏ ايم ايڇ پنھور صاحب جي ذاتي زندگي ۽ سنڌ لاءِ سندس ڪيل خدمتن بابت پڻ ڄاڻ حاصل ٿيندي . ڇھه سئو چوھٺ صفحن تي ٻڌل ھن ڪتاب ۾ سنڌ بابت اھڙي معلومات ڏنل آھي ، جيڪا شايد ٻين ڪتابن ۾ اوھان کي نه ملي سگھي!

 

ڊاڪٽر غلام محمد لاکي پاران ترتيب ڏنل ھي ڪتاب ، سنڌ جي نالي واري محقق ايم ايڇ پنھور صاحب جي مقالن ، مضمونن ، تقريرن ۽ انٽرويوز تي ٻڌل آھي. ھي ڪتاب سال 2017ع ۾ پھريون ڀيرو ”پيڪاڪ پبلشرز“ وارن پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ھن ڪتاب جي مقبوليت جو اندازو ان ڳالھه منجھان بخوبي لڳائي سگھجي ٿو ته صرف پنجن سالن جي مختصر عرصي ۾ ھن جون سڀئي ڪاپيون وڪرو ٿي ويون ! ۽ سال 2022ع ۾ ھن جو ٻيو ڇاپو ، مارڪيٽ ۾ آندو ويو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.