اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريلوي ۾ ڊجيٽلائيزيشن جي شروعات ڪندي ٽڪيٽ نظام کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪيو ويو آهي، ريلوي ۾ ڪيش ليـس نظام متعارف ٿيڻ سان مسافر آسانيءَ سان آن لائن ٽڪيٽ حاصل ڪري سگهندا.
پاڪستان ريلوي ۽ نيشنل پوليس فائونڊيشن وچ ۾ اسلام آباد ۾ هڪ تاريخي ڊجيٽل معاهدو طئي ٿي ويو، معاهدي مطابق پاڪستان ريلوي جا مسافر هاڻي موبائل ايپ، انٽرنيٽ بئنڪنگ، بئنڪ شاخن، نادرا، اي سهولت مرڪزن، ڊيبيٽ ڪارڊ ۽ ڪي آر ڪوڊ ذريعي آن لائن ٽڪيٽ حاصل ڪري سگهندا.
پڌرائي مطابق نئين نظام تحت ريلوي جي آمدنيءَ جو سمورو عمل مڪمل طور ڊجيٽل بڻايو ويندو، اسٽيٽ بئنڪ ۽ ون لنڪ روزانو ٽڪيٽن مان حاصل ٿيندڙ رقم سڌي ريت قومي خزاني ۾ منتقل ڪندا، ون لنڪ جون 40 بئنڪون ريلوي جي ڊجيٽل ادائيگي نظام کي گڏيل بڻائينديون.
ان موقعي تي ريلوي واري وزير حنيف عباسي چيو ته ڪيش ليس نظام شفاف، اثرائتو ۽ تڪڙين ادائيگين جي ضمانت آهي، هي قدم وزيراعظم جي ڪيش ليش نظريي جو حقيقي مثال آهي.
هن چيو ته ڊجيٽل نظام عوام کي شفاف، تڪڙيون ۽ واهپيدار دوست سهولتون فراهم ڪندو، جڏهن ته ڊجيٽل ٽڪيٽنگ سان ريلوي سروس ۾ شفافيت ۽ اعتماد ۾ واڌارو ٿيندو.
Prev Post
You might also like