چيري ماسٽر پاڪستان اعلان ڪيو آهي ته اهي جنوري 2026 کان ڪراچي جي پورٽ قاسم جي نيشنل انڊسٽريل پارڪ ۾ مقامي طور تي گاڏين جي تياري شروع ڪندا.
اهو اعلان فيڪٽري سائيٽ تي ٿيل تقريب ۾ ڪيو ويو، 60 ايڪڙن تي ٻڌل پلانٽ تي 15 ڪروڙ ڊالرن جي سيڙپڪاري ٿيل آهي، ڪمپني سڄي ملڪ ۾ ڊيلر شپ نيٽ ورڪ به قائم ڪري رهي آهي، جنهن تحت 2026 ۾ 7 وڏن شهرن ۾ 10 آئوٽ ليٽس کوليا ويندا.
چيري آٽو چين جو سڀ کان وڏو گاڏيون برآمد ڪندڙ برانڊ آهي، جيڪو يورپ، ڏکڻ آمريڪا، وچ اوڀر، آفريقا، ايشيا، روس ۽ آسٽريليا سميت دنيا جي 120 کان وڌيڪ ملڪن ۾ ڪم ڪندو آهي.
تقريب کي خطاب ڪندي ماسٽر آٽو انجنيئرنگ جي سي اي او سمير ملڪ چيو ته چيري آٽو موبائلز لميٽيڊ سان ڀائيواري پاڪستان جي آٽو انڊسٽري لاءِ هڪ اهم اڳڀرائي آهي، اسان کي چين جي مشهور برآمدي برانڊ سان سهڪار ڪرڻ تي فخر آهي ۽ پنهنجي نيو انرجي وهيڪل پلانٽ ذريعي پاڪستاني واهپيدارن لاءِ چيري جي سپر پلگ ان هائبرڊ اليڪٽرڪ وهيڪل ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻ جا منتظر آهيون.
هن چيو ته اها سيڙپڪاري رڳو گاڏين جي تياري تائين محدود ناهي پر ان جو مقصد روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ماڻهن کي جديد توانائي بابت گاڏين جي ٽيڪنالاجي تربيت فراهم ڪرڻ آهي.
You might also like