نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) جو انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مائيڪل ايٿرٽن طرفان پاڪ – ڀارت ميچون نه ڪرائڻ جي تجويز تي ردعمل سامهون اچي ويو.
مائيڪل ايٿرٽن ڪجهه ڏينهن اڳ چيو هو ته ايشيا ڪپ دوران پيدا ٿيندڙ صورتحال کي ڏسي آءِ سي سي کي ايونٽن دوران پاڪ – ڀارت مقابلن جو انتظام نه ڪرڻ گهرجي.
اڳوڻي انگلش ڪپتان جي تجويز تي بي سي سي آءِ جي هڪ عهديدار ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اهڙي قسم جا مشورا ڏيڻ ته آسان آهي پر فيصلو ڪرڻ ايترو آسان ناهي، ڇو ته ان ۾ ڪيترائي اسپانسر شامل هوندا آهن ۽ حتمي فيصلو ان وقت ئي ڪري سگهجي ٿو، جڏهن اسپانسر ۽ براڊ ڪاسٽر منظوري ڏين، ڇا ميچون نه ڪرائڻ جي تجويز سان اسپانسر ۽ براڊ ڪاسٽر اتفاق ڪندا؟
هن چيو ته موجوده حالتن ۾ رڳو ڀارت ئي نه پر جيڪڏهن ڪا ٻي وڏي ٽيم به ڪنهن ايونٽ تان هٿ کڻي ته اسپانسرن کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ ڏکيو ٿي ويندو.
You might also like