ملڪ جي سياسي منظرنامي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ٻن صوبن جي حڪومتن جي وچ ۾ اهڙي لفظي جنگ ڇڙيل آهي، جيڪا نه رڳو جمهوري آداب کي لتاڙي ٿي پر وفاقي هم آهنگي جي بنيادن کي به ڌڪ ڏئي رهي آهي. سنڌ جي هڪ سينئر وزير جي پريس ڪانفرنس ۽ پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير عظميٰ بخاري جي سخت ردعمل بعد ملڪ جي سياسي فضا ۾ هڪ نئون ٽڪراءُ پيدا ٿي ويو آهي، الزام تراشيءَ جي تبديل ٿي ويو آهي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته جڏهن ملڪ اندر مهانگائي، بيروزگاري ۽ ڪرپشن جو طوفان بي قابو بڻيل آهي، ٻنهي صوبن جو عوام بنيادي سهولتن لاءِ واجهائي رهيو آهي پر حڪومتي ڌريون پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ بدران هڪ ٻئي کي نيچ ڏيکارڻ ۾ مصروف آهن. سنڌ جي سينئر وزير جو چوڻ هو ته پنجاب حڪومت طرفان پيپلزپارٽي ۽ خاص طور سنڌ حڪومت خلاف هڪ طرفي مهم هلائي پئي وڃي، جڏهن ته هن وقت پوري پاڪستان کي گڏ ٿي پنجاب جي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ گهرجي. سندس ڳالهه ۾ وزن آهي، ڇاڪاڻ ته قدرتي آفتون ڪنهن هڪ صوبي يا جماعت لاءِ نه ٿينديون آهن، اهي قومي سطح جي انساني آزمائشن هونديون آهن.هن ملڪ ۾ هر حڪومت پنهنجن وسيلن ۽ اختيارن کي ٻين کان وڌيڪ سمجهي ٿي. سنڌ چوي ٿي ته وفاق وسيلن ۾ زيادتي ڪري رهيو آهي، پنجاب چوي ٿو ته وفاق سنڌ کي رعايتون ڏئي رهيو آهي. نتيجو اهو نڪري ٿو ته نه وفاق مضبوط ٿئي ٿو، نه صوبا مطمئن ۽ عوام ٻنهي جي وچ ۾ ڦاٿل رهي ٿو. سنڌ حڪومت جو موقف آهي ته پنجاب ۾ ”منهنجو پاڻي منهنجي مرضي“ جهڙا نعرا صرف ورهاست جي سازش آهن، جڏهن ته پنجاب حڪومت سنڌ تي ”صوبائيت جو ڪارڊ کيڏڻ“ جو الزام مڙي ٿي. پر سچ ته ٻئي ڌريون هڪٻئي جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ناهن.
ملڪ کي سڀ کان وڏي ضرورت انتظامي ايمانداري جي آهي. ڪرپشن هڪ اهڙو ناسور بڻجي چڪو آهي جيڪو صرف سنڌ يا پنجاب تائين محدود نه رهيو آهي، پر پوري ملڪ جي رڳن ۾ زهر بڻجي وهندو پيو وڃي. هتي سرڪاري آفيسر کان وٺي وزيرن تائين هرڪو پنهنجو مفاد ڏسي ٿو، عوامي خزاني کي پنهنجي ملڪيت سمجهي ٿو ۽ احتساب جي ڳالهه ڪرڻ وارو پاڻ احتساب کان ڀڄي ٿو. ڪرپشن جو خاتمو ڪڏهن ممڪن ٿيندو، جڏهن حڪومتون هڪ ٻئي کي چور چوڻ بدران گڏجي چورن خلاف قانوني ۽ اخلاقي محاذ ٺاهي بيهنديون. سنڌ جي سينئر وزير اهو به چيو ته وفاقي حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ جي هر ڪوشش دراصل ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش آهي. پر اهو به سچ آهي ته صرف لفظن سان وفاق مضبوط نٿو ٿئي، وفاقي استحڪام لاءِ عمل، ايمانداري ۽ انصاف جي ضرورت آهي. جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪرپشن جا اسڪينڊل سامهون اچن ٿا ته حڪومت کي انهن تي پردو وجهڻ بدران شفاف احتساب جو عمل شروع ڪرڻ گهرجي. اهڙيءَ طرح پنجاب حڪومت کي به پنهنجي صوبائي ادارن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن ۽ ناانصافي تي اک کولي ڏسڻ گهرجي.
ٻنهي صوبن جي حڪمرانن جا بيان ٻڌي لڳي ٿو ڄڻ سياست عوام جي خدمت لاءِ نه پر مقابلي جي راندي بڻجي وئي آهي. ڪڏهن سنڌ چوندي آهي ته پنجاب وفاقي پاليسين کي هٿيار بڻائي ٻين صوبن کي دٻائي ٿو، ته ڪڏهن پنجاب چوندو آهي ته سنڌ لسانيت کي سياست ۾ آڻي قومي يڪجهتي کي نقصان پهچائي ٿي. ٻنهي جون ڳالهيون پنهنجن جوازن سان ڀريل آهن، پر حقيقت اها آهي ته نه ڪو صوبي جو ڪارڊ ڪم آڻيندو، نه الزام تراشيءَ جي سياست مان ڪو حل نڪرندو. حل صرف ۽ صرف گڏيل حڪمتِ عملي، جمهوريت جي احترام ۽ شفاف نظام ۾ لڪل آهي. پنجاب پاڪستان جو سڀ کان وڏو ۽ سياسي طور اثرائتو صوبو آهي، تنهنڪري ان جي هر ڳالهه ۽ هر عمل ٻين صوبن تي اثرانداز ٿئي ٿو. جيڪڏهن پنجاب جا وزير ٻين صوبن تي تنقيد ڪندا، يا اهڙا لفظ استعمال ڪندا جيڪي قومي جذبات کي مجروح ڪن، ته پوءِ انهن جو اثر ملڪ جي ٻين علائقن تي به پوندو. وفاقي سياست ۾ وڏائي نه پر برداشت جي ضرورت آهي. اختلاف هجڻ فطري ڳالهه آهي، پر نفرت، تڪبر ۽ الزام تراشيءَ سان قومي وحدت کي نقصان رسندو.
پنجاب ۽ سنڌ جي حڪومتن کي پنهنجن وزيرن کي سمجهائڻو پوندو ته پريس ڪانفرنسون ۽ بيان نه پر عملي ڪم ماڻهن جي دلين ۾ عزت پيدا ڪن ٿا. جيڪڏهن پنجاب ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ شفاف سروي ٿي رهي آهي، ته ان جي رپورٽ عوام آڏو پيش ڪئي وڃي، ته جيئن سنڌ به ان مان سکيا وٺي سگهي. جيڪڏهن سنڌ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي شفاف ورهاست ٿي رهي آهي، ته پنجاب کي به اهڙا فلاح پروگرام شروع ڪرڻ گهرجن. اهو ئي وفاقي تعاون جو اصل روح آهي. آخرڪار اهو چئي سگهجي ٿو ته ڪرپشن ۽ لاقانونيت جو خاتمو تڏهن ئي ممڪن ٿيندو، جڏهن سياسي قيادت پنهنجن بيانن بدران پنهنجي عملن سان مثال بڻبي. سنڌ ۽ پنجاب ٻنهي وٽ موقعو آهي ته هو پنهنجي لفظي جنگ کي قومي اتفاق ۾ تبديل ڪن، هڪ ٻئي سان رقابت بدران ڀائپيءَ جو رستو اختيار ڪن. ڇو ته قومون بيانن سان نه پر روين سان ٺهن ٿيون ۽ پاڪستان جو مستقبل ان ڏينهن روشن ٿيندو، جڏهن سنڌ ۽ پنجاب جا حڪمران هڪ ٻئي کي الزام ڏيڻ بدران گڏجي ڪرپشن، غربت ۽ جهالت جي خلاف بيهندا.