حماس وٽ يرغمال بڻيل ڪير آھن ؟

ڇنڇر ست آڪٽوبر تي فلسطيني ويڙهاڪ تنظيم حماس جي آپريشن ”طوفان الاقصيٰ“  سوين ماڻهو مارجي ويا.درجنين ماڻهن کي يرغمال بڻائي غزه آندو ويو.اسرائيلي اختياريون  100 کان 150 جي وچ ۾ يرغمالين جي تصديق ڪن ٿيون.جن ۾  پرڏيھي  شهري به شامل آهن.

حماس موجب يرغمالين کي”محفوظ ھنڌن ۽  انهن سرنگن ۾ رکيو ويو آهي، جن کي اسرائيل ماضي ۾ نشانو بڻائيندو رهيو آهي“. حماس تنبيھه ڪئي آھي تھ جيڪڏهن اسرائيل غزه جي آبادين تي بمباري بند نه ڪئي ته يرغمالين کي قتل ڪيو ويندو.

يرغمال ٿيل ڪير آھن ؟ سوشل ميڊيا تي ان بابت ڪافي دعوائون ٿين پيون. هيٺ انهن جي ڪھاڻي ڏجي ٿي. جن بابت، بي بي سي تصديق ڪئي آهي يا انهن جي يرغمالين ۾شامل هجڻ جا اعتبار جوڳا اطلاع آهن.

خيال آھي تھ شيري، ياردن، ايريل ۽ ڪفير بيباس کي ڏکڻ اسرائيل مان هڪ ‘ڪيبوتز’ مان اغوا ڪيو ويو.”ڪبوتز“ انھن يهودي آبادين کي سڏبو  آهي. جيڪي اسرائيل جي رياست جي تاريخ ۾ وڏو علامتي مقام رکن ٿيون.اهي سڀ هڪ ئي ”ڪبوت“ ۾  رهن ٿا. جتي شيري، هڪ ڪنڊر گارٽن استاد طور ڪم ڪري ٿي. شيري جي ٽن سالن جي ڌيءَ ايريل ۽ 9 مهينن جي ڪفير سان گڏ ھڪ تصويران وقت ڇڪي وئي ھئي.جڏهن ته اھي حماس جي گهيري ۾ ھيون.

شيري جا والدين، يوسيع ۽ مارگٽ سلبرمن، پڻ اڃا  غائب آهن ۽ خيال آھي تھ اھي  پڻ يرغمال بڻيل آهن.ان دوران، راز ۽ اويو ايشر کي، غزه جي سرحد جي ڀرسان پڪڙيو ويو ھو. جتي اهي پنھنجن مائٽن سان گڏ رهيل هئا.

يوني، پنهنجي زال ۽ ٽن ۽ پنجن سالن جي ڌيئرن کي ٻين يرغمالين سان گڏ ھڪ ٽرڪ ۾ لوڊ ڪرڻ واري وڊيو ڏٺي.ماڻهن سندس زال جي موبائل فون کي به ٽريڪ ڪيو ۽ اهو غزه ۾ ھو. ڪارميلا، نويا دان، اوفر، ايريز ۽ صفار ڪالڊرون نيراوز  نالي شھر مان پڪڙيا ويا. جيڪو غزھ لڳ ڪو ڪبوتز آھي.انھن جي ھڪ مائٽ آئيدو، بي سي سي کي ٻڌايو تھ  سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ هڪ وڊيو ڪلپ ڏيکاريو ويو آهي ته بندوق بردار 12 سالن جي ايريز کي غزه ڏانهن وٺي وڃي رهيا آهن.هن وڌيڪ چيو ته کيس 80 سالن جي ڪارميلا جي صحت بابت خدشا آهن، جيڪو هاڻي علاج ڪرائڻ جي قابل ناهي. خيال آھي تھ ،ادا ساگي کي غزه جي سرحد کان 400 ميٽر پري ،نير اوز ۾ سندس گهر مان اغوا ڪيو ويو. هن جي پٽ نعوم چيو ته، اسرائيلي سپاهين کي رت جا داغ مليا پر هن کي سندس ماءُ جو پتو ناھي مليو. هن چيو ته هوءَ ننڍي ڪمپائونڊ ۾ مارجي ويلن يا زخمين ۾ شامل نه هئي. لنڊن ۾ رھندڙ ھڪ فنڪار شيرون لفشٽز جي والدين بابت خيال آھي تھ انھن کي بھ،نير اوز ۾ يرغمال بڻايو ويو. لفشٽز مائٽن جي سڃاڻپ ظاھر نه ڪرڻ  جي شرط تي ٻڌايو تھ  سندس پيءُ عربي ڳالهائي ٿو ۽  ريٽائرمينٽ بعد ھو فلسطينين کي آڻڻ ۽ واپس پھچائڻ ۾گذاري ٿو.

جرمني سان تعلق رکندڙسياح  شاني ليوڪ،غزه جي سرحد لڳ  هڪ ميوزڪ فيسٽيول ۾ شريڪ ھئي.هن جي ماءُ ريڪارڊا چيو ته ،شاني جي اغوا کانپوءِ ھن اھڙي وڊيو ڏٺي آھي.بعد ۾ هن کي ڄاڻ ملي ته شاني غزه ۾ مٿي ۾ڌڪ لڳڻ ڪري ڳڻتي جوڳي حالت ۾ آھي.

چيني ڄائي اسرائيلي شھري نواھ  ارگماني کي  ميلي مان اغوا ڪيو ويو.ان بابت وڊيو فوٽيج، جي تصديق ھن جي والد ياڪوف ارگماني  اسرائيل جي چينل 12 لاءِ ڪئي. جنھن موجب 25 سالن جي ڇوڪريءَ کي موٽرسائيڪل تي هڪ بندوق بردار  وٺي وڃي رهيو آهي ۽ ھو رڙيون پئي ڪري تھ  ‘مون کي نه ماريو!’

85  سالن جي  يافا ادار کي غزه جي سرحد ويجهو ڪبوتز مان اغوا ڪيو ويو. هن جي پوٽيءَ عدوا کي هڪ وڊيو ڪلپ مليو آهي. جنهن ۾ ڏيکاريل آهي ته کيس غزه ڏانهن نيو پيو وڃي۽ چئين هٿياربندن جي گھيري ۾ آھي. انوچا انگڪيو،11 ٿائي شهرين مان هڪ آهي، جيڪي اڃا تائين غائب آهن.هن جي زال، ونيدا مارسا، بي بي سي کي ٻڌايو ته هن پنهنجي مڙس کي حماس پاران پوسٽ ڪيل هڪ وڊيو مان سڃاتوآھي.ٿاءِ پرڏيهي وزارت پڻ چيو آهي ته 11  شهرين کي يرغمال بڻايو ويو آهي،جن ۾ پونگساٿورن، ڪمڪرٽ چومبوا، ڪتيساڪ پتي، موني گيراچارٽ، نوٽاپورن اورونڪاو، بونٽم پنڪنگ ۽ ساسيوان پنڪنگ شامل آھن.

قطر، مصر ۽ ممڪن آهي ته ٻيا ملڪ به هن وقت اسرائيلي يرغمالين جي آزادي لاءِ جزوي ڪوششون ڪن پيا.خيال  آهي ته حماس اسرائيلي جيلن ۾ قيد 36 فلسطيني عورتن ۽ ٻارن جي بدلي ۾ ننڊي عمر جي قيدين ۽ عورتن کي آزاد ڪري ڇڏيندي. ٻنهي طرف ڇڪتاڻ ۽ ڪاوڙ آهي،تنھنڪري  اسرائيل ۽  حماس ڪو بھ ڪنهن کي ڪا رعايت ڏيڻ  جي موڊ ۾ آهن.

حماس فلسطين آبادين تي فضائي حملي جي صورت ۾ يرغمالين  کي قتل جي ڌمڪي ڏني آهي. هن وقت تائين اھڙو ثبوت نه مليو آهي. بهرحال، اسرائيل بھ  غزه جي پٽي جا  علائقا تباهه ڪري  رهيو آهي.حماس شايد عورتن، ٻارن ۽ بزرگن کي گهڻي وقت تائين يرغمال بڻائڻ نه چاهيندي ڇاڪاڻ ته ان جي عالمي شهرت تي ناڪاري اثر پوندا.

حماس اسرائيلي فوجي يرغمالن مان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي. اهو اسرائيلي حڪومت لاءِ هڪ وڏو مٿي جو  سور آهي.  ڇا اسرائيل يرغمالين کي بچائڻ لاءِ آپريشن ڪندو؟ يا انتظار ڪندو تھ حماس جا هوائي حملا گھٽجن ۽ ڪنهن ڊيل   تي رضامند ٿئي؟ يرغمالن کي سرنگن ۽ بنڪرز ۾ رکڻ جي ڳالھھ ٿي آھي،پر هوائي حملن کان محفوظ نه آهن.خطرو هوندو آهي ته يرغمالين کي ڪاوڙ يا رسڪيو آپريشن جي خوف کان قتل ڪيو وڃي.

اسرائيل يرغمالين جي سڃاڻپ ۽ معلومات گڏ ڪري رهيو آهي. پر مائيڪل ملسٽين، جنهن 20 سال اسرائيلي فوجي انٽيليجنس ۾ گذاريا آھن، خبردار ڪيو آھي تھ ”اسان غزه  جي هر گهر ۽ گهٽي بابت سڀ ڪجهه نٿا ڄاڻون“غزه حماس جو علائقو آهي جتي اهي  يرغمالين کي زير زمين سرنگن جي نيٽ ورڪ  ۾ لڪائي رکي سگھن ٿا. مائيڪل ميلسٽين چوي ٿو تھ تاريخ ۾ ھي اھڙو موقعو آھي جڏھن اسرائيل يرغمالين جي تمام وڏي مسئلي کي منھن ڏئي رھيو آھي.

(بي بي سي جي ٿورن سان)

 

حماس موجب يرغمالين کي”محفوظ ھنڌن ۽  انهن سرنگن ۾ رکيو ويو آهي، جن کي اسرائيل ماضي ۾ نشانو بڻائيندو رهيو آهي“. حماس تنبيھه ڪئي آھي تھ جيڪڏهن اسرائيل غزه جي آبادين تي بمباري بند نه ڪئي ته يرغمالين کي قتل ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.