ڪنهن جو اوچتو غائب ٿي وڃڻ، وري هڪدم ڪنھن پريس ڪلب يا ٽي وي چينل تي ظاهر ٿيڻ،عدالت جي ڪمري مان ضمانتي ڪاغذ لھرائيندي ٻاھر نڪرندي ئي ڪنھن بنا نمبر پليٽ واري ڪنھن گاڏي ۾ ٽنگو ٽولي ڪري اڇلائڻ ۽ پوءِ شو ڪري اڏامي وڃڻ. هاڻي غير معمولي واقعو يا ڇرڪائيندڙ خبر ناهن رھيا. اسان سڀني ان کي روزمره زندگيءَ جو لازمي حصو سمجھي قبول ڪري ورتو آھي.اڳي اهڙين خبرن کان ڊپ ٿيندو ھو، هاڻي نٿو ٿئي.
جيئن پاڻي ڪنهن خاص گرمي تي ٻاڦ بڻجي ٿو وڃي،تيئن ڊپ ھڪ خاص مرحلي تي لطيفو ۽ طنز بڻجي ٿو وڃي، ٽريجدي ڪاميڊي ۾ بدلجي ٿي وڃي. اڳي اسان اکين سان چوڌاري ڏسندي پنھنجي ئي ڪلھي جي ٻنھي پاسي ٽن آڱريون جو اشارو ڪندي چپن ۾ڀڻڪندا ھئاسين ”فلاڻي ھمراھ کي فرشتا کڻي ويا منڪر نڪير کڻي ويا“
هاڻي اسان پنهنجي اندر جي خوف کي دٻائڻ سکي ورتو آهي. ڏاڍي سولائي سان مرڪندي چوندا آهن ته فلاڻي کي ورڪشاپ پهچايو ويو، زيرو ميٽر بڻايو ويو، اترين علائقن جو سير ڪرايو ويو، سافٽ ويئر اپڊيٽ ٿي ويو آهي.
9 مئي کان اڳ ڪنهن لاهوري يا اسلام آبادي يا لائل پوريءَ کي چيو ويندو هو ته، ڏسو بلوچستان، خيبرپختونخواهه يا سنڌ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، ته پوءِ هو يا ته اهو جملو نه ٻڌندو ھو، يا وري ٻڌندو به ھو، ته حيرت سان ٻڌندو ھو ۽ پوءِ اڪثر اھو چئي ڳالھھ ڦيرائي ڇڏيندو ھو تھ”يار هن ضرورڪجهھ اهڙو ڪيو هوندو، تڏھن تھ ايجنسيون هنن سان ائين ڪري رهيون آهن، نھ تھ ائين ڪير ڪنھن کي غائب ڪري ٿو“ ستم ظريفي تھ ھي آھي تھ عمران رياض، عثمان ڊار، صداقت علي عباسي وغيره به اهو ئي سمجھندا ھئا ۽ هاڻي ”نوني“ اهو چئي رهيا آهن ته، ‘يار ھنن اھڙو ڪجھه ضرور ڪيو هوندو، نه ته ايئن ڪير ڪنهن کي غائب ڪري ٿو.’ ولي خان مرحوم هڪ ڀيري چيو هو ته باقي ٽن صوبن جون حالتون تڏهن ئي سڌرنديون جڏهن هڪ ڏينهن پنجاب به ساڳين حالتن مان گذرندو. جڏهن قومي اداري جي خلاف پي ٽي آءِ جي “بي بنياد پروپئگينڊا“ جي جواب ڏيڻ جي لاءِ گذريل سال اسان جي حساس ترين اداري جي سربراھ پهرين ۽ غالباً آخري پريس ڪانفرنس ڪئي ، تڏهن سندس نرم لب و لهجي ۽ شعري ذوق سان دل کي گھڻي تسلي ٿي.
جڏهن 9 مئي کان پوءِ وڏن وڏن شھرن ۾ اوچتو پڌرن ٿيندڙ پينافلڪس بينرز ۾ جنرل صاحب جي تصوير هيٺ لکيل ”يه غازي يھ تيري پراسرار بندي “ لکيل ڏٺو ته عسڪري قيادت جي اقبال شناسي سان دل کي وڌيڪ اطمينان ٿيو.
دو نیم ان کی ٹھوکر سے صحرا و دریا
سمٹ کر پہاڑ ان کی ہیبت سے رائی
اڄ جھڙي طرح پاڪستان ۾ مٿي ذڪر ڪيل شعر جي عملي سمجھاڻي پڪڙي پڪڙي سمجھائي پئي وڃي.ان جو تصور تھ شايد اقبال جي پوٽي وليد اقبال کي بھ نھ ھو. اڄ کان ڪجهه سال اڳ تائين، اسان کي بھ رياستي ۽ غير رياستي ايڪٽر جو بنيادي فرق سمجھائندي ھيءَ پٽي پڙھائي ويندي ھئي تھ نان اسٽيٽ ايڪٽر جي ابتڙ رياست جيڪڏھن تشدد جو استعمال بھ ڪندي آهي تھ اها آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ڪري ڪندي آهي.
نان اسٽيٽ ايڪٽر جون ڪارروايون آئين و قانون جي تابع نھ هونديون آھن. غير رياستي ايڪٽر جو آئين ۽ قانون کان مٿاھون ڪو بھ ايڪشن رياست خلاف بغاوت آهي ۽ ان جي درستي ۽ چٿڻ جي لاءِ عدالت جو ادارو ايجاد ڪيو ويو آهي. عدالت جي هر فيصلي ۽ حڪم جو احترام ۽ ان تي عمل ڪرڻ رياست جي هر اداري تي لازم آهي، جڏهن ته غير رياستي ايڪٽر اهڙي ڪنھن بھ پابندين کان آزاد آهي.
نان اسٽيٽ ايڪٽر جو هٿيار کڻڻ رياست خلاف اعلان جنگ آهي، جڏهن ته رياستي اداري جو هٿيار کڻڻ قانوني ۽ جائز آهي.نان اسٽيٽ ايڪٽر قتل ڪري سگهي ٿو، رياست قتل نٿي ڪري سگهي، موت جي ڏئي سگهي ٿي.نان اسٽيٽ ايڪٽر اغوا ڪري سگهي ٿو، رياست اغوا نٿي ڪري سگهي،نان اسٽيٽ ايڪٽر ڪنهن به قسم جو تشدد ڪري سگهي ٿو، رياست بي لغام تشدد نٿي ڪري سگهي.
۽ جڏهن اها نوبت اچي وڃي تھ اسٽيٽ ۽ نان اسٽيٽ ايڪٽر جي افعالن ۾ فرق مٽجندو وڃي.تھ پوءِ تڏهن رياست ۽ گينگسٽر ۾ تميز ڪرڻ گھڻي ڏکي ٿي پوي ٿو. اهو مرض 9/11 کانپوءِ پوري شدت سان ظاهر ٿيو آھي ۽ ان جي لپيٽ ۾ھر ادارو ۽ هربا اختيار آھي. طاقت هاڻي قانون جي تابع نه رهي آهي ۽ آئين طاقت تري هيٺ سڏڪا ڀري رھيو آھي.
اهڙي ماحول ۾ رياست سان وفاداري ۽ حب الوطني جي ڪھڙي معنيٰ رھجي ٿي وڃي؟ رياست جي دشمن ۽ دوست ۾ تميز ڪيئن ممڪن آهي؟ انصاف ۽ ناانصافي جي تعريف ڪهڙي ھوندي؟ احتساب ۽ انتقام کي الڳ الڳ ڪري ڪيئن ڏسي سگھجي ٿو ؟ قانون ۽ لاقانونيت جي سرحد ڪٿي ملندي آهي ۽ ڪٿي الڳ ٿيندي آهي؟ اهڙي رياست جي ذهني ڪيفيت کي ڇا چئجي، جتي قومي ڌاري ۾ شامل جماعتن کي انتهاپسندي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي ۽ انتهاپسند گروهن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جون وڏيون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.
ڇا توهان کان اڳ وارن ايئن نه ڪيو هو؟ ڇا توهان کي ناهي معلوم ته ايئن ڪرڻ جا ڪھڙا ڪھڙا نتيجا نڪتا آهن؟ ڇا هن ڀيري ڪي مختلف نتيجا نڪرڻ جي اميد آھي؟ ڪٿي ائين تھ نه آهي ته توهان بس صرف اهو ٻڌي رهيا آهيو، جيڪو توهان ٻڌڻ چاهيو ٿا، اهوئي ڏسي رهيا آهيو جيڪو توهان ڏسڻ چاهيو ٿا، سمجهي رهيا آهيو،جيڪو توهان سمجهڻ چاهيو ٿا. اهڙي ڪيفيت کي سادي انگريزيءَ ۾ tunnel vision چئبو آهي ۽ جيڪڏهن ڪنھن حد سرحد کان آجا آھيون ته پوءِ ڇا چئون ؟
اک آدمی کی رہائی سے بھی تو ہو جاتا
جو شہر بھر کی گرفتاریوں کے بعد ہوا
(جمال احسانی)
رياست جي دشمن ۽ دوست ۾ تميز ڪيئن ممڪن آهي؟ انصاف ۽ ناانصافي جي تعريف ڪهڙي ھوندي؟ احتساب ۽ انتقام کي الڳ الڳ ڪري ڪيئن ڏسي سگھجي ٿو ؟ قانون ۽ لاقانونيت جي سرحد ڪٿي ملندي آهي ۽ ڪٿي الڳ ٿيندي آهي؟ اهڙي رياست جي ذهني ڪيفيت کي ڇا چئجي، جتي قومي ڌاري ۾ شامل جماعتن کي انتهاپسندي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي ۽ انتهاپسند گروهن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جون وڏيون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.