بلوچستان ۾ عليحدگي جو نعرو لڳي ويو، ائين نه ٿئي توهان جي پاليسين سبب پختون علائقن ۾ به آزادي جو نعرو لڳي وڃي: اچڪزئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته اوهان جي پاليسين سبب بلوچستان ۾ عليحدگي جو نعرو لڳي چڪو آهي، ڪٿي ائين نه ٿئي ته پشتون علائقن ۾ به عليحدگي جو نعرو لڳي وڃي.
اها ڳالهه هن تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي پليٽ فارم تان خطاب ڪندي چئي، ان موقعي تي علامه راجا ناصر عباس، اڳوڻو سينيٽر مشتاق احمد، تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جو اڳواڻ مصطفيٰ نواز کوکر ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا.
محمود خان اچڪزئي چيو ته ملڪ هن وقت خطرناڪ حالتن ڏانهن وڃي رهيو آهي، طاقت ۽ پئسي جي بنياد تي ستن پارٽين کي گڏ ڪيو ويو، جن جمهوريت کي لتاڙيو اهي مجرم آهن.
سندس چوڻ هو ته ارڙهين ترميم وانگر سڀئي جماعتون ويهن، نواز شريف، آصف زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان آئين بچائڻ لاءِ اڳتي اچن جيڪڏهن اوهان اڳتي نه ايندو ته حالتون خطرناڪ ٿينديون وينديون.
هن چيو ته اسرائيلي جيلن کان وڌيڪ قيدي پاڪستان جي جيلن ۾ آهن، اوهان جي پاليسين سان بلوچستان ۾ عليحدگي جو نعرو لڳي چڪو، ڪٿي اوهان جي پاليسين سان پشتون علائقن ۾ به عليحدگي جو نعرو نه لڳي وڃي.
سندس چوڻ هو ته 26 هين ترميم ۽ 27 هين ترميم کي ووٽ ڏيندڙن ظلم ڪيو، آئين پاڪستان ئي پاڪستان کي جوڙي رکيو آهي، آئين نه رهيو ته خدا نه ڪري پاڪستان کي خطرو پيدا ٿي ويندو، اپوزيشن کي حڪومت ٻيهر پارليامينٽ کي ٻوڙڻ جو چوڻ تي مجبور ڪري رهي آهي، ٻڌايو وڃي ته دهشتگردي جا سبب ڪهڙا آهن؟ سبب ختم ڪريو پوءِ جيڪو دهشتگردي ڪري ان کي چيڀاٽي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.