”منهنجي دل ٽٽي پئي“ عاليا ڀٽ پوز ڏيندي رهي پر فوٽوگرافرن ”لفٽ“ ئي نه ڪرائي، وڊيو وائرل

ڪانز (ويب ڊيسڪ) باليووڊ اداڪار عاليا ڀٽ ڪانز فلم فيسٽيول 2026 جي پهرين ڏينهن شاندار انداز ۾ شرڪت ڪئي پر سندس ريڊ ڪارپيٽ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ خبرن جو مرڪز بڻجي وئي.
عاليا ڀٽ تمارا رالف جي ڊيزائن ڪيل هلڪي گلابي رنگ جي گائون ۾ نظر آئي، وڊيوز منظر عام تي اچڻ کانپوءِ ڪيترن ئي سوشل ميڊيا واهپيدارن دعويٰ ڪئي ته ريڊ ڪارپيٽ تي موجود فوٽوگرافر ٻين شخصيتن تي وڌيڪ ڌيان ڏئي رهيا هئا ۽ عاليا جون وڌيڪ تصويرون نه ڪڍيون ويون.
وڊيو ۾ عاليا مرڪندي، هٿ لوڏيندي ۽ ڪيمرائن لاءِ پوز ڏيندي رهي پر فوٽوگرافر کيس نظرانداز ڪندي نظر آيا.
هن وڊيو تي واهپيدارن طرفان مليل جليل ردعمل ڏنو ويو.
ڪنهن لکيو ته ”هتي منهنجو دل ٽٽي وئي“ جڏهن ته هڪ واهپيدار چيو ته ”ڪو به تصوير ئي نه پيو ڪڍي“. ت
ان باوجود به ڪجهه واهپيدارن اداڪاره جي اعتماد کي ساراهيو ۽ لکيو ته ”کيس پنهنجو پاڻ تي ڀروسو تمام گهڻو پسند آيو“.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.