ليجنڊري سارا ٽيلر انگلينڊ جي مردن جي ٽيم جي فيلڊنگ ڪوچ مقرر

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ جي اڳوڻي وومين وڪيٽ ڪيپر سارا ٽيلر کي نيوزيلينڊ خلاف ايندڙ ٽيسٽ سيريز لاءِ انگلينڊ جي مردن جي ٽيم جو فيلڊنگ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، انگلش ڪرڪيٽ بورڊ (اِي سِي بِي) سارا ٽيلر کي نيوزيلينڊ خلاف سيريز لاءِ مردن جي ٽيم جي فيلڊنگ ڪوچ طور مقرر ڪيو آهي.
واضح رهي ته نيوزيلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ لاءِ انگلينڊ جي 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن جي قيادت بين اسٽوڪس ڪندو.
اعلانيل اسڪواڊ ۾ آسٽريليا خلاف ايشز سيريز جي 7 رانديگرن کي ڊراپ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايميليو گي ۽ جيمز ريو کي پهريون ڀيرو ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ان کانسواءِ زيڪ ڪرولي ۽ اولي پوپ کي اسڪواڊ مان ڊراپ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ريحان احمد ۽ اولي رابنسن 2024ع کانپوءِ پهريون ڀيرو ٽيم ۾ واپس آيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.