ڪراچي ۾ منشيات جي ڪيس ۾ گرفتار ٿيل ”پنڪي” کي بنا هٿڪڙين جي پروٽوڪول سان عدالت ۾ پيش ڪرڻ واري معاملي تي سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ظاهر ٿيو آهي جنهن ۾ سنڌ حڪومت جي ان رويي تي حيرت جو اظهار ڪيو ويو آهي ته مائرن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان جڏهن سماجي اڳواڻ ۽ مشهور فنڪارا شيما ڪرماني ڪجهه عورت اڳواڻن سان ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪرڻ لاءِ وڃي رهي هئي ته پوليس ساڻس ڏوهارين وارو رويو اختيار ڪيو، نه صرف گرفتار ڪيو پر کيس ڌڪا به ڏنا ويا جڏهن ته ٻئي پاسي منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث ڊيلر پنڪي کي عدالت ۾ شاهاڻو پروٽوڪول ڏنو ويو جيڪو اصل ۾ ملڪي حڪومتي نظام جو چهرو هو ته هن ملڪ اندر ٻه قانون آهن. هي ملڪ شريف، سياسي، سماجي، نظرياتي ۽ ترقي پسند ڌرين لاءِ سخت گير آهي جڏهن ته ملڪ جي ”مافيائن“ لاءِ اکين جو ٺار آهي
سوشل ميڊيا تي چوڻ وارن چيو ته هي ملڪ ”پنڪين، گوگين لاءِ ئي ٺهيل آهي. انهن حيرت جو اظهار ڪيو ته اهو ڪٿي جو انصاف آهي ته سياسي اڳواڻن ۽ ورڪرن کي چهري تي ڪارو ڪپڙو وجهي هٿڪڙيون لڳائي عدالتن ۾ پيش ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي هڪ منشيات فروش ڏوهاري عورت کي اهڙي انداز ۾ آندو وڃي ٿو ڄڻ هوءَ ڪا اعزازي مهمان هجي. منشيات ڊيلر کي پوليس جي پروٽوڪول ۾ آندو ويو. هوءَ آڏو آڏو سينو تاڻي ڪنڌ مٿي ڪندي هلندي رهي ۽ پوليس اهلڪار نوڪرن وانگر سندس پويان هلندو ۽ کيس رستو ڏيکاريندو رهيو. اهو نظارو حقيقت ۾ مافيائن جي ور چڙهيل ملڪي نظام تي ڪنهن لڳل ڪنهن چماٽ کان گهٽ ناهي. ڪنهن لکيو ته پنهنجي ملڪ اندر قانون جي بالادستي جو جيڪو راڳ الاپيو وڃي ٿو اهو رڳو تقريرن ۽ ڪاغذن تائين محدود آهي، حقيقت ۾ هتي عام ماڻهن لاءِ هڪ ۽ امير طبقي توڙي مافيائن لاءِ ٻيو قانون آهي.
منشيات ڊيلر ”پنڪي“ جو پراعتماد ۽ شاهاڻي انداز سان عدالت ۾ پيش ٿيڻ وارو واقعو ٻڌائي ٿو ته ان کي پوليس، عدالتن ۽ حڪومتن جو ڪو ڊپ ڊاءُ ناهي. ان کي پنهنجي مافيائي نظام تي وڏو اعتماد آهي ته اهو کيس اڪيلو نه ڇڏيندو. اهڙي اعتماد جو اظهار منشيات ڊيلر عورت پنڪيءَ پاڻ به هڪ آڊيو ۾ حڪومتي نظام کي للڪاريندي ڪيو آهي ته ”توهان جو عقل گوڏن ۾ آهي ان لاءِ اڄ تائين اتي ئي ويٺا آهيون، 15 سالن کان اوهان وزر لڳائي رهيا آهيو پر مان توهان کي خوار ڪري رهي آهيان. اوهان جو ڪو حال ناهي. اوهان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ اعتراف ڪندا رهيا آهيو ته ايترن سالن کان اوهان جي پويان رهياسين پر اوهان کي گرفتار نه ڪري سگهياسين. مون کي خبر آهي ته اوهان مري ٻيهر به پيدا ٿي اچو ته تڏهن به مون کي گرفتار نٿا ڪري سگهو. جڏهن اوهان دماغ سان سوچڻ شروع ڪندئو ته پنڪي وانگر برانڊ ٿي ويندئو.“ ايئن ڪراچي جي پوليس کي چئلنج ڪندي چئي ٿي ته سڄي ڪراچي ۾ منهنجو راڄ آهي همت اٿو ته پڪڙي ڏيکاريو.
ان کي چئبو آهي مافيائن جي طاقت. اهڙين مافيائن ۾ طاقت ور هٿ ئي هٿ وجهي سگهندا آهن. رپورٽون آهن ته پنڪي کي لاهور مان حساس اداري پاران گرفتار ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ پوليس دعويٰ ڪري ٿي ته کيس گارڊن واري علائقي مان گرفتار ڪيو ويو آهي پر صحافين جا ڪجهه ذريعا ٻڌائن ٿا ته کيس اصل ۾ لاهور مان گرفتار ڪيو ويو هو جو منشيات خلاف هلندڙ آپريشن ۾ هڪ حساس ادارو به شامل آهي. جيئن جيئن منشيات ڊيلرن خلاف آپريش ٿي رهيو آهي تيئن تيئن اهي به انڪشاف ٿي رهيا آهن ته منشيات جي ڪاروبار ۾ خود وڏا وڏا پوليس آفيسر به شامل آهن. جن جي سهولت ڪاري بنا اهو ڪڌو ڪاروبار هلي ئي نٿو سگهي. هاڻي جڏهن وڏين طاقتن منشيات جو ڪاروبار هلائيندڙ وڏن هٿن ۾ هٿ وڌو آهي ته پنڪي جي گرفتاري وارو غير معمولي واقعو ظاهر ٿيو آهي. پنڪي جي عدالت ۾ سينو تاڻي ۽ ڪنڌ کڻي هلڻ جي ويڊيو وائرل ٿي آهي ته ظاهر آهي ته سنڌ حڪومت کي ڏيکاءُ طور ئي سهي پنهنجي ڪارروائي ڏيکارڻي هئي يعني عدالت ۾ پنڪي کي مليل پروٽوڪول جو نوٽيس وٺڻو هو سو رپورٽن موجب سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ لنجار ۽ آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍي ان واقعي جو نوٽيس ورتو آهي ۽ تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي آهي. واقعي ۾ غفلت ۽ ڪوتاهي ڪندڙ جاچ آفيسر ۽ عملي کي فوري طور تي معطل ڪري کين گارڊن هيڊ ڪوارٽر رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه واقعي جي شفاف جاچ لاءِ سينئر آفيسر تي ٻڌل جاچ ڪميٽي جوڙڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي.
اها ته ٿي حڪومتي ڪارروائي جيڪا ڪيڏي نتيجي جوڳي ٿئي ٿي تنهن جي خبر ترت ئي پئجي ويندي ته مافيائن جي آڏو حڪومت ڪيتري مضبوط آهي پر هتي حڪومت کان پنهنجو سوال اهو به آهي جنهن جو جواب به ان کي ڏيڻ گهرجي ته ايئن ڇو آهي ته هتي شيما ڪرماني سميت سياسي سماجي ۽ ادبي شخصيتن توڙي استادن ۽ سرڪاري ملازمن تي پوليس اهلڪار تشدد ڪن ۽ کين ٽنگو ٽالي ڪري گرفتار ڪن ٿا ۽ پنڪي جهڙين منشيات ڊيلرن کي وري پوليس اهلڪار وڏو پروٽوڪول ڏين ٿا. ڇا اها صورتحال مڪمل طور تي موجوده ملڪي نظام جي ناڪامي ناهي ۽ جيڪڏهن ناڪامي آهي ته ان جو ازالو ڪيئن ٿيندو.
بظاهر ته ايئن ٿو لڳي ته ملڪ جون واڳون مافيائن ۽ غير جمهوري طاقتن جي هٿن ۾ آهن جيڪي ئي شيما ڪرماني سميت ملڪ جي سياسي سماجي ۽ ترقي پسند ڌرين جي رستا روڪ ۾ ملوث آهن ۽ اهي وقت به وقت پنڪي جي شڪل ۾ پنهنجي طاقت ۽ شيما ڪرماني خلاف ڪارروائي جي صورت ۾ مثبت ڌرين کي سندن هيڻائي ڏيکاري رهيون آهن.
سماجي اڳواڻ ’ شيما ڪرماني‘ کي پوليس جا ڌڪا ۽ منشيات ڊيلر ”پنڪي“ کي پروٽوڪول … هي آ حڪومتي نظام جو چهرو
You might also like