شھيد االله بخش سومرو: مضبوط ارادي ۽ اُتم مقصد جو نالو

حسيب ناياب منگي

هن خِطي جي تاريخ ۾ اهڙا گهٽ ڪردار پيدا ٿيا آهن، جن جي نظرين قوم جي رھنمائي ڪئي ۽ کين سندن غير معمولي سياسي سمجهه ۽ تدبر جي طفيل ماڻهن پاران به ڀرپور مڃتا ملِي. اهڙن ڪردارن منجهان شھيد الله بخش سومرو نھايت نمايان حيثيت رکي ٿو، جيڪو پنھنجي مضبوط ارادن ۽ اٽل مقصدن جي ڪري تاريخ ۾ سدائين زندھه رھندو. جنھن اڄ کان 80 ــ 85 سال کن اڳ سنڌ کي عظيم ڪاميابين ۽ خوشحاليءَ واري واٽ ڏيکاري، پر افسوس جو سندس چيو نه مڃيو ويو ۽ ها واٽ نه ورتي وئي ۽ پوءِ کيس شھيد ڪرايو ويو، جنھن سان گڏ سنڌ جي خوشحاليءَ جا خواب به شھيد ٿي ويا.

اهو 1943ع جو بدنصيب سال هو ۽ اها 14 مئي جي بدقسمت تاريخ هئي، جيڪا اسان ۽ اسانجي ايندڙ نسلن کان ڪڏهن به وسري نه سگهندي. اُن ڏينھن سنڌ جي تاريخي شھر شڪارپور اندر سنڌ سميت سموري ننڍي کنڊ جو هڪ اهڙو روشن ستارو اُجهايو ويو، جنھن جو سياسي سوجهرو سنڌ کي شعور جي اُجالن سان منور ڪري رهيو هو. سندس شھادت سان سنڌ اڄ تائين اهو عذاب ڀوڳي رهي آهي، جنھن جو ازالو ٿيڻ ممڪن ناهي. هو، جيڪو سنڌ سان بي پناهه محبت ڪري، ان جي خوشحاليءَ لاءِ پنھنجو فڪر وقف ڪندڙ اڳواڻ هو، جيڪو سدائين ان ڳالهه جو اظھار ڪندڙ هو ته ٻُوساٽيل فضا مان هر حالت ۾ ٻاهر نڪري اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪريون. سنڌ جي ٻُوساٽيل سياسي ماحول ۾ تن ڏينھن ۾ آزاد سوچ رکندڙ هِن سياسي مدبر کي مات ڏئي اهو سمجهيو ويو ته سندس جدوجھد به ختم ٿي ويندي، پر وقتَ سڀني جون اکيون کوليون ۽ ثابت ٿيو ته پنھنجا حق گُهرڻ، انهن جي حاصلات لاءِ وڏي واڪي آواز اُٿارڻ ۽ ڌرتيءَ جو درد رکڻ ڪو ڏوهه ڪونھي. سندس شھادت کانپوءِ سموري سنڌ اندر سندس سياسي تقليد ڪرڻ وارا پيدا ٿيا. اهو ئي سبب هو جو ’شھيد‘ سان گڏ ”گولڊن برين آف سنڌ“ جھڙو لقب پڻ سندس حصي ۾ آيو ۽ سندس پويان گهڻا ئي سنڌ سان، سنڌ جا ٿِي بيٺا. اها به حقيقت آهي ته الهه بخش سومري انهن ڏينھن ۾ سنڌ جي ڌار حيثيت کي ختم ڪرڻ جي خلاف ڳالهايو ته سندس مخالفت شروع ٿي. هي به اهو سُپوت هو، جنھن تي سنڌ صدين تائين ناز ڪندي، سو بنا ڪنھنجِي پرواهه ڪرڻ جي سنڌ ۽ سنڌين سان محبت جي ڏوھه ۾ شھادت جو جام نوش ڪري ثابت ڪري ويو ته وطن جي حيثيت پنھنجي سِرَ کان مٿانھين هوندي آهي.

سُومرو شھيد، پنھنجي سياسي دؤر ۾ اقتدار جي بک ۽ کوکلن مرتبن جي ڪَڍَ ڀڄڻ وارن اڳيان مضبوط خيالن وارو سنڌ جي سياسي شعور جو سج بڻجي اڀريو ته غلاميءَ جي زنجيرن ۾ وڪوڙيل بي ضميرن کي سندس اها ڳالهه پسند نه آئي. توڙي جو هي شھيد ٿيو ۽ بظاھر راهه تان هٽي ويو، پر سندس مخالفَ اقتدار جِي ڪرسيءَ جو مزو چکندي به عوام ۾ ايترا مقبول ٿي نه سگهيا، جيتري ڪاميابي هڪ مختصر عرصي ۾ الهه بخش سومري جي حصي ۾ آئي هئي. اهو سڀ ڪجهه پاڻمرادو ڪونه ٿيو هو، پر هن انمول انسان جو ڪم ۽ ڪردار ئي اهڙو هو، جو نه رُڳو سنڌ، پر پوري هند ۾ سندس هاڪَ ٿي ۽ کيس وڏا وڏا سياستدان جُهڪي سلامي ٿيا!

اسان جڏهن شھيد الله بخش جي دؤر وارن وڏن وڏن ناليوارن سياسي ڪردارن کي پڙهون ٿا ته حيراني ٿئي ٿي. شھيد جي علم ۽ سياسي بصيرت تي سندس مخالفن کي به ڏندين آڱريون اچي وڃن ٿيون ته ڪيئن نه هُو سنڌ جي بھتريءَ لاءِ جاکوڙ ڪندي امر ٿِي ويو. سائين جي ايم سيّد جھڙي ڏاهي ۽ تجربيڪار سياسي اڳواڻ به اعتراف ڪيو ته: ”حالتن کي مدِ نظر رکندي خانبھادر الهه بخش سومري اها پاليسي اختيار ڪئي، جيڪا جيڪڏهن ڪامياب ٿيڻ ڏني وڃي ها ته سنڌ هن وقت يُوپي ۽ پنجاب جي مستقل مفاد جي تسلط هيٺ نه رهي ها، پر اسان تي مذهب جو جنون سوار ٿيل هو، اسان حالتن جو صحيح اندازو ڪري نه سگهياسين.“ راج گوپال آچاريه چيو ته: ”هندوستان پنھنجو هڪ قرباني ڏيندڙ روح وڃايو آهي. هي آزاديءَ جي مقصد جو حقيقي شھيد آهي. الهه بخش سومرو هڪ مضبوط ارادي ۽ مقصد وارو ماڻهو هو.“

شھيد الله بخش سومرو انسان دوست شخص هو. شڪارپور ۾ ٻوڏ دؤران شھر بچائڻ کان وٺي ڪالرا جي وبا ڦھلجڻ تائين، تعليم ۽ صحت جي ادارن جي قيام کان وٺي مسڪينن جي مدد تائين، هو صحيح معنيٰ ۾ هڪ مسيحا هو. سندس اڳڪٿي هئي ته مذهب جي بنياد تي ملڪ جي ورهاڱي سبب وڏا ڏڦيڙ ٿيندا. اُهو سڀ ڪجهه ته ايئن ئي ٿيو جو ورهاڱي سبب نفرتن اچي منھن ڪڍيو. هن چيو هو ته: ”درگذر جو جذبو، برداشت ۽ هڪٻئي سان بھتر ڀائيچاري جو هجڻ تمام ضروري آهي. اسانجا ڪھڙا به عقيدا هجن، اسانکي هن ڌرتيءَ تي مڪمل دوستيءَ واري ماحول ۾ رهڻ گهرجي ۽ اسانجا تعلقات هڪ ڪٽنب جي ڀائرن جي طرح هجڻ گهرجن.“ پر 14 مئي جي ڏينھن هندو ــ مسلم ڀائيچاري جي داعي، سنڌ جي هن عظيم هيرو کي، سندس ئي جنم ڀوميءَ تي گوليُون هڻي شھيد ڪيو ويو، جنھن پُڄاڻان سنڌ روئندي ماتم ڪندي رهِي. جيڪو ماتم اڄ تائين جاري آهي، ڇو ته شھيد الله بخش سومري جي المناڪ وڇوڙي سان سنڌ هڪ ڊگهي غلاميءَ ۽ محڪوميءَ جي ور چڙهي وئي.

سُومري شھيدَ سنڌ جِي خوشحاليءَ لاءِ سوچيندي پاڻ پتوڙي ڏيکاريو. انگريزن جي ظلمن خلاف آواز اٿاريندي سندن جا ئي ڏنل ”خانبھادر“ ۽ ”او بي اِي“ (آفيسر آف دي موسٽ ايڪسيلنٽ آرڊر آف دي برٽش ايمپاير / برطانوي سلطنت جي بھترين پايي جو عملدار) جھڙا شخصي خطاب به واپس موٽائي ڏنا. سندس سرڪار ختم ڪئي وئي، پر پوءِ به پاڻ آزاد سنڌ، هندو ــ مسلم ايڪتا ۽ گڏيل هندوستان جي مذهبي بنيادن تي ورهاڱي جي مخالفت واري اصولي موقف تان ڪونه ٿِڙيو. وڏن وڏن سياسي اڳواڻن، ڏاھن ۽ قلم ڌڻين نه رڳو الله بخش جي سياسي تدبر جو اعتراف ڪيو، پر سندس موقف جي حمايت پڻ ڪئي. حافظ خير محمد اوحديءَ ته اهو به لکيو ته: ”الهه بخش سنڌ جو دماغ هو، سنڌ جو شان هو، سنڌ کي هميشه فخر رهندو. الهه بخش زندهه هجي ها ته سنڌ جا هھڙا حال نه ٿين ها، الهه بخش جو خون سنڌ جِي گَردن ۾ آهي، سنڌ جِي گَردن الهه بخش جي روح اڳيان ندامت کان جُهڪيل آهي ۽ هميشه جُهڪيل رهندي.“

الله بخش سُومرو اهڙو سياسي اڳواڻ هو، جنھن ڪڏهن به ڪنھن مخالف يا دشمن کان سياسي انتقام ڪونه ورتو. هو سدا مُرڪڻو، ملنسار انسان، خدا جِي خلق جِي خدمت ۾ هميشه مصروف رهڻ کي پنھنجو فرض سمجهندو هو. گڏوگڏ الله جي عبادت ۾ به ڪوتاهي ڪونه ڪندو هو. الله بخش سومري اهو ثابت ڪيو ته هو پنھنجي دؤر جي جنُونين ۽ نام نھاد مذهبين کان وڌيڪ مذهب جو پابند ۽ ڪردار ۾ کانئن گهڻو مٿانھون هو. اڄ اسان سڀني کي گُهرجي ته شھيد الله بخش جي پيغام کي عام ڪري سنڌ سان محبت جو سبق سکون ۽ ان منزل طرف قدم وڌايون، جيڪا شھيد جي خُوابن جي تعبير آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.