خدا ياد رکندو ته مسلمانن جي رتوڇاڻ تي ڪير چُپ رهيو: عامر خان

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڄائي اڳوڻي عالمي باڪسنگ چيمپيئن عامر خان اسرائيل طرفان غزا ۾ فلسطينين تي وحشياڻي بمباري تي چُپ رهندڙن لاءِ اهم پيغام جاري ڪيو آهي.
عامر خان ايڪس تي فلسطينين جي حق ۾ بيان جاري ڪيو ته ڪيريئر ۾ چيمپيئن بڻجي سدائين شهرت ۽ اثر جو هاڪاري تبديلي لاءِ استعمال ڪيو، سوچ جي اظهار ۽ مظلومن سان گڏ بيهڻ کان ڪڏهن پوئتي ناهيان هٽيو.
هن چيو يوڪرين تي حملو ٿيو هو ته مان پناهگيرن جي مدد لاءِ پولينڊ ويو هيس، ڪيترن ئي ماڻهن يوڪرين ۾ ظلم تي آواز اٿاريو، هاڻ فلسطين ۾ اڀرندڙ صورتحال کي سڄي دنيا ڏسي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته ان معاملي تي گهڻن دوستن ۽ ساٿين کي چُپ ڏسي رهيو آهيان پر ڇو؟ واضح آهي ته ماڻهو فلسطين لاءِ حمايت جو اظهار ڪرڻ کان ڊڄي رهيا آهن.
عامر خان چيو ته فلسطينين جون زندگيون اهميت رکن ٿيون، دنيا ياد رکندي ته ڪنهن ان معاملي تي ڳالهايو ۽ ڪير چپ رهيو، خدا ياد رکندو ته معصوم مسلمانن جو رت وهڻ تي ڪير چپ رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.