سوئي گئس جي فراهمي بابت اهم خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سوئي ناردرن گئس شيڊيول جاري ڪرڻ جي اطلاعن جي ترديد ڪري ڇڏي.
سوئي ناردرن گئس ترجمان موجب اداري سياري ۾ گئس فراهمي جي حوالي سان ڪنهن به قسم جو شيڊيول جاري ناهي ڪيو.
سوئي ناردرن طرفان جاري ڪيل بيان موجب سوشل ميڊيا ۾ ان حوالي سان گردش ڪندڙ اطلاع بي بنياد آهن، ادارو گئس فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ هر وقت ڪوششن ۾ رهندو آهي.
ترجمان ٻڌايو ته گئس فراهمي بابت ڪنهن به قسم جو اطلاع يا اعلان رڳو سوئي ناردرن جي آفيشل سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي ڪيو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.