جهڙي طرح هن سٻاجهڙي جمهوريت کي ملڪي سسٽم جي آڙ ۾هلايو ويو آهي اصل ۾ ائين ناهي جئين انسان ٻاهران الڳ نظر ايندو آهي اهڙي طرح اندر ۾ ڪجهه ٻيو هوندو آهي شهيد ڀٽي صاحب کان وٺي ايوب خان تائين ، محترمه شهيد کان وٺي نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي زرداري ليگ کان وٺي عمران خان تائين جمهوريت جي شڪل ته ٻاهريان بلڪل الڳ نظر ايندي رهي آهي پر ڏٺو اهو ويو آهي ته ملڪ جي پيٽ ۾لڪيل انهن قوتن ملڪ جي سموري سسٽم کي هڪ نامعلوم تريقي سان ڪنٽرول ڪنديون رهيون آهن جن کي سوشل ميڊِيا جي هن جديد دورانهن قوت کي ملڪ جي پيٽ مان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪيو آهي ۽ ان ۾ ڪو به شڪ ناهي رهيو ته اهي اندر جون طاقتون پاڻ مرادو وقت جي مناسبت سان پاڪستان جي پيٽ مان نڪري آيا آهن ۽ کلي عام ملڪ جي سسٽم۾ شامل ٿي ويا آهن ۽ کين ملڪ اندر مداخلت کي اهي سياست جا پوجاري به حيرانگي سان ڏسي رهيا آهن پر کين اها جرئت ناهي ته ان طاقت خلاف ڪو سياسي اڳواڻ هن وقت ميدان تي اچي کين للڪاري،اتي هن وقت ان طاقت جي ملڪي مامرن ۾ سڌي مداخلت کي عوام پاران سٺي موٽ ملي رهي آهي ڇو ته جڏهن ملڪ معاشي طور تي هٿن مان نڪرندو پئي ويو ته انهن قوتن جي مداخلت سان ڊالرن کي ڌڪ لڳو آهي ۽ معاشي ماهرن کي به هاڻي خبر پئي آهي ته ڊالر جي اڏام ۾ دراصل افغاني ملوث هيا جن جي وٺ پڪڙ سان ڊالر جي اڏام وارا پر هن وقت ڪٽجي ويا آهن
ملڪ جي اهم اداري جي اڪنامڪ ونگ طرفان نگران حڪومت کي ملڪي حوالي سان هڪ ڇرڪائيندڙ رپورٽ پيش ڪئي آهي جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ هلندڙ ڪرنسي جو ٽيون حصو افغانين وٽ آهي جيڪو اٽڪل ٽي هزار ارب رپيا ٿئي ٿو اهي افغاني پاڪستان جي ڪرنسي جي قيمت جڏهن به چاهيندا آهن ان تي ڊالر خريد ڪري ڇڏيندا آهن نه رڳو ايترو پر اسمگلنگ ذريعي پاڪستان کان افغانستان ۾ ڊالر به مسلسل منتقل ٿي رهيا آهن، جنهن سان افغانستان جي معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي ڄڻ ته اسان مرندي به افغانين کي پنهنجو رت ڏئي رهيا آهيون رپورٽ موجب نادرا پاڪستان ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ افغانين کي ڪينسر وانگر ڦهلائڻ ۾ سڀ کان اهم ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن ۾ نادرا جا اعلي آفيسر پيسن جي لالچن ۾ تقريبن هر افغاني کي پاڪستان جو شناختي ڪارڊ بڻائي ڏنو آهي اهو پڻ هڪ وڏو سيڪيورٽي مسئلو بڻجي ويو آهي سڀ کان پهرين افغانين جا نادرا ڪارڊ بلاڪ ڪيا وڃن ان لاءَ ڪنهن سرونگ جنرل جون خدمتون ورتيون وڃن جنهن بعد افغانين جي واپسي تي ڪم شروع ڪيو ويندو جيڪڏهن ان تي ڪم شروع ٿيو ته پاڪستان تان هڪ وڏو بار هٽي ويندو،
سوال اهو آهي ته پاڪستاني رپيو افغاني ڪرنسي جي ڀيٽ ۾ ڪمزور ڇو آهي؟
ان حوالي سان غور ڪجي ته پناهگيرن کي سڄي دنيا ۾ ڪئمپن ۾ رکيو وڃي ٿو انهن کي مخصوص تعداد ۽ مخصوص حالتن سان محدود ڪيو وڃي ٿو پر بدقسمتي سان پاڪستان واحد ملڪ آهي جتي 50,600,000 افغان پناهگيرن کي ملڪ ۾ ڪٿي به ڪاروبار ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي (جائز ۽ غير قانوني، هر قسم جي) مهينن يا سالن جي قيد ۾ رهڻ کان سواءِ انهن جي تجديد جي ضرورت نه هئي گذريل 40، 50 سالن کان افغانين هن ملڪ جي وسيلن کي بيدردي سان لُٽيو آهي ۽ پاڪستان سان به سخت نفرت ڪئي آهي پاڪستان جا 80 سيڪڙو مسئلا انهن افغان پناهگيرن جي ڪري آهن اڄ اهي افغاني ئي دهشتگردي، ڪرنسي جي زوال ۽ معاشي تباهي جو بنيادي سبب آهن.
جڏهن طالبان ٻن ڏهاڪن کانپوءِ آگسٽ 2021 ۾ ڪابل تي ٻيهر قبضو ڪيو ان وقت آمريڪا ۽ يورپ افغان مرڪزي بئنڪ جا 9 بلين ڊالر کان وڌيڪ ذخيرا منجمد ڪري ڇڏيا هيا ان خوف کان ته اهي فنڊ دهشتگرد گروپ پاران دهشتگردي لاءِ استعمال ڪيا ويندا هن وقت افغانستان کي روزاني جي بنياد تي 10 کان 15 ملين ڊالرن جي ضرورت آهي ۽ ان ضرورت جو اڌ حصو پاڪستان مان افغان مني لانڊررز پورو ڪري ٿوافغاني ڪوئلو ۽ ٻيون شيون افغاني ڪرنسي ۾ خريد ڪري ان کي پاڪستاني ڪرنسي ۾ وڪرو ڪن ٿا بعد ۾ اهي رپئي کي آمريڪي ڊالرن ۾ تبديل ڪري روايتي انداز ۾ افغانستان موڪن ٿا پاڪستان مان غير قانوني نڪرندڙ پرڏيهي ذخيرن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ رپئي تي دٻاءُ وڌو جنهن ڪري ملڪي ڪرنسي جي قيمت رڪارڊ سطح تي اچي وئي ۽ معيشت تباهي جي ڪناري تي پهچي وئي هئي جيئن ته افغانستان جو مڪمل دارومدار پاڪستان تي آهي ان ڪري افغانستان مختلف حڪمت عملين ذريعي پاڪستان کي غير مستحڪم ڪري ٿو ته جيئن پاڪستان ڪڏهن به افغانستان مان جان ڇڏائي نه سگهي
هن وقت افغانستان ۾ پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي، داعش خراسان بي ايل اي ۽ ٻيا انتهاپسند گروپ پوري قوت سان موجود آهن، افغان حڪومت انهن گروپن جي پنهنجي سرزمين تي موجودگي کي پاڙيسري ملڪن خلاف بليڪ ميل ڪرڻ جي هٿيار طور استعمال ڪري رهي آهي اهي گروهه پاڙيسري ملڪن مان ضروري سامان جي افغانستان ۾ اسمگلنگ ۾ مدد ڪن ٿا جنهن جي بدلي ۾ افغان حڪومت انهن کي پنهنجي حدن اندر رهڻ لاءِ جاچ ڪرڻ کان پاسو ڪري ٿي ۽ ٻيو ته انهن کي هرات، ڪابل ۽ قنڌار ۾ موجود هٿيارن جي پرڏيهي مارڪيٽن مان به ڦيرايو وڃي ٿو جديد هٿيار خريد ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪري ٿي اتي اهو به ياد ڪرڻ گهرجي ته انهن مارڪيٽن ۾ آمريڪا ۽ نيٽو ملڪن طرفان ڇڏيل جديد هٿيار موجود آهن ۽ افغانستان جو هي هٿيار ۽ محفوظ پناهه گاهه پاڪستان لاءِ استعمال ٿيندو آهي پاڪستان افغانين جي طرف کان اندروني طور تي به وڏين سماجي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن ۾ منشيات جي اسمگلنگ، جسم فروشي، انساني اسمگلنگ يا گاڏين جي اسمگلنگ ڀنگ لاءِ اغوا، مني لانڊرنگ، هر جاءِ تي اهي افغاني ملوث آهن هڪ طرف هي ماڻهو مختلف ڏوهن ۾ ملوث آهن ته ٻئي طرف اسان جي سموري انفراسٽرڪچر تي قبضو ڪري رهيا آهن، هزارين افغانين مختلف طريقن سان پاڪستاني شناختي ڪارڊ ٺاهي پاڪستان ۾ پلازا، مارڪيٽون ۽ دڪان خريد ڪيا آهن جڏهن ته پاڪستانين کي انهن مان ڪجهه هزارن تائين ملازمت ملي ٿي باقي سمورا انهن جا ملام افغاني آهن
شرم جهڙي ڳالهه اهي ته اسان جي سنڌ ۾ رهندڙ افغانين بابت هڪ رپورٽ پيش ڪئي وئي جنهن ۾ انگ اکر ظاهر ڪندي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ افغانين جي تعداد 4 لک آهي جڏهن ته ان رپورٽ پيش ڪندڙ کي پاڻ سوچڻ گهرجي ته ڇا واقعي سنڌ ۾ افغانين جي تعداد ايتري ٿي سگهي ٿي سائين جن کي عرض آهي ته اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه صاحب 8 سالن اڳ ايوان ۾ رجسٽرڊافغانين بابت ٻڌايو هو ته صرف ڪراچي ۾ 50 لک کان وڌيڪ افغاني موجود آهن جن پاڪستاني شناختي ڪارڊ ٺهرائي ورتا آهن، رپورٽ پيش ڪندڙ کي ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ اندر قائم نادرا جي ميگا توڙي ننڍن سينٽرن تان نادرا جي آفيسرن کي گرفتار ڪيو ويو هو جن لکين افغانين کي شناختي ڪارڊ ٺهرائي ڏيڻ جا انڪشاف ڪيا هيا هن اندازي مطابق پاڪستان ۾ ڪيترائي اهڙا افغاني آهن جن پاڪستان جي شهرين جي خاندانن ۾ انٽري ڪرائي پنهنجا شناختي ڪارڊ ٺهرائي ورتا آهن حڪومت کي گهرجي ته اهڙن افغانين ۽ ٻين غير ملڪين جي نشاندهي ڪئي وڃي انهن ماڻهن کي به گرفتار ڪيو وڃي جن غيرملڪين جي شناختي ڪارڊ ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي آهي
جيتوڻيڪ افغانين ۽ ٻين غير ملڪين جي واپسي وارو ڪم جمهوريت جي دعوي دارن سياسي جماعتن نه ڪري ڏيکاريو جيڪو هن وقت نگران حڪومت جي شڪل ۾ انهن غير ملڪين خلاف ڪم ٿي رهيو آهي ملڪ ۾ سياسي بحران وارو طوفان هلي رهيو آهي اتي نگران حڪومت ۽ خاص طور تي ملڪي ادارا افغان پناهگيرن جي واپسي بابت آپريشن ڪري رهيا آهن اهو هڪ ساراه جوڳو عمل آهي جنهن لاءَ حڪومت کي هڪ طرفي واضح پاليسي اختيار ڪري انهن غير ملڪين کي ملڪ مان فوري طور تي تڙيو وڃي ته جئين ملڪ مٿان اهو بار لهي سگهي ۽ ملڪ کي هڪ معاشي سهارو ملي سگهي ته جئين عوام مٿان مهانگائي کي روڪڻ ۾ مدد ملي ۽ ڪاروباري ماڻهن سميت غير ملڪي سرمائيدارن کي پڻ واپار ڪرڻ يا سرمائيداري ڪرڻ ۾ ڪنهن خوف ۾ نه رهڻو پوي جنهن لاءَ قانون لاڳو ڪندڙن ادارن کي گهرجي ته اهي هن ڀيرو ملڪ جي خاطر پنهنجي ايمانداري ۽ ديانتداري سان ڊيوٽي سرانجام ڏين ڇو ته اڄ اهو موقعو شايد ٻيهر نه ملندو ۽ اسان جي پنهنجي وچ ۾ بيٺل ان دشمن کي ڳولي ٻاهر ڪڍڻو پوندو جيڪو اسان جي ملڪ لاءَ ناسور بڻيل آهي..