غزا جي پٽي مان اسرائيل تي فلسطيني فوجي تنظيم حماس جي ڪيل اوچتي حملي کي سالن کان هلندڙ ڇڪتاڻ ۾ هڪ اهم موڙ قرار ڏنو پيو وڃي. ۽ دنيا جا ملڪ حماس پاران اسرائيل تي ڪيل حملي تي وڏي تعجب ۾ آهن. ڇاڪاڻ ته اسرائيل تي حماس چئني طرفن کان نه رڳو حملو ڪيو پر پيراشوٽ ذريعي مجاهد اسرائيل جي شهرن ۾ لهي پيا ۽ ڪيترن ئي اسرائيلي فوجن ۽ هڪ ميجر جنرل کي اغوا ڪري کڻي ويا. جيڪا هڪ وڏي تعجب ڏيندڙ ڳالهه آهي. دنيا کي ان ڳالهه تي به تعجب آهي ته ايڏي وڏي حملي جي منصوبابندي ڪندي اسرائيل جي خفيه ايجنسي موساد کي به خبر پئجي نه سگهي. يعني ان مان لڳي ٿو ته حماس ڪافي سالن کان پوءِ هڪ وڏي پلاننگ تحت اسرائيل تي حملو ڪيو ۽ ان جي ٽوٽل خفيه ادارن کي جام ڪري ڇڏيو. فلسطيني ويڙهاڪ تنظيم موساد اسرائيل مٿان زميني، فضائي ۽ بحري حدن کان حملو ڪيو آهي. جنهن ۾ اسرائيل کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي.
بحرالحال اسرائيل-فلسطيني تڪرار ۾ اسرائيلي فوج ۽ حماس ڪيترائي ڀيرا آمهون سامهون ٿي چڪا آهن. ۽ ڪيترائي ڀيرا هفتن تائين هڪ ٻئي سامهون وڙهندا رهيا آهن. بحرالحال حماس جي تازي ڪارروائي کي ڪيترن ئي رخن سان غير معمولي قرار ڏنو پيو وڃي، ان ڪارروائي کانپوءِ حماس هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي خبرن ۽ تجزين ۾ ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي. حماس جي وجود ۽ غزا ۾ ان جي ڪنٽرول کي سمجهڻ لاءِ غزا پٽي جي تاريخي پس منظر کي سمجهڻ تمام ضروري آهي. غزا جي پٽي ۽ حماس جي وجود جي تاريخ جو تعلق گهڻو ڪري غزا جي پٽي سان سلهاڙيل آهي .غزا جي 40 ڪلوميٽر ڊگھي ۽ 10 ڪلوميٽر ويڪر واري علائقي کي اسرائيل ۽ مصر جي وچ ۾ غزا جي پٽي سڏيو وڃي ٿو .
1948ع جي جنگ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ اسرائيل جي وجود کان اڳ هي علائقو انگريزن جي ”فلسطيني مينڊيٽ“ جو حصو رهيو آهي. پاڻ کي ياد رکڻ گهرجي ته فلسطين جو علائقو پهرين عالمي جنگ تائين عثمانيه سلطنت ۾ شامل هو. League of Nation ليگ آف نيشنز 1922ع ۾ پهرين عالمي جنگ کانپوءِ بين الاقوامي تڪرارن جي حل لاءِ قائم ڪئي وئي. ليگ آف نيشنز فلسطين کي برطانوي انتظاميا جي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن کي ’مينڊيٽ فلسطين‘ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ۽ غزا کي به ان ۾ شامل ڪيو ويو. بعد ۾ 1947ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ مينڊيٽ جي خاتمي کان اڳ فلسطيني علائقن کي عربن ۽ يهودين لاءِ هڪ الڳ اسرائيلي رياست ۾ ورهائڻ جو منصوبو منظور ڪيو ويو. ان منصوبي موجب غزا ۽ ان جي ڀرپاسي وارا علائقا عربن کي ڏنا ويا .برطانوي مينڊيٽ 15 مئي 1948ع تي ختم ٿي ويو ۽ ان ئي ڏينهن تي عرب ۽ اسرائيل ۾ جنگ شروع ٿي ويئي. جنهن جي نتيجي ۾ اسرائيل جو وجود عمل ۾ آيو. هن جنگ جي شروعات ۾ غزا ۽ ان جي ڀرپاسي وارا علائقا عربن کي ڏنا ويا . پاڙيسري عرب ملڪ مصر جون فوجون 1948ع ۾ غزا ۾ داخل ٿيون سخت جنگ دوران عربن جي هٿن مان ڪيترائي علائقا وڃائڻ کان پوءِ ان جون حدون گهٽائي هڪ پٽي تائين محدود ڪيون ويون. جنهن کي غزا جي پٽي سڏيو وڃي ٿو، 1967ع جي عرب اسرائيل جنگ ۾ اسرائيل غزا، ويسٽ بئنڪ کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو ۽ اهي علائقا به حاصل ڪري ورتا. جن ۾ اوڀر يروشلم شامل آهي. فلسطيني انهن ٽنهي علائقن کي مستقبل ۾ پنهنجي تجويز ڪيل الڳ رياست جو حصو سمجهندا ايندا رهيا آهن. اسرائيل جي وجود لاءِ ٿيندڙ جنگ دوران فلسطينين جي وڏي انگ غزا ۾ پناهه ورتي. انهن پناهگير خاندانن جي آبادي لڳ ڀڳ 1.7 ملين تائين وڌي وئي آهي، جڏهن ته غزا جي ڪل آبادي لڳ ڀڳ 2.1 ملين آهي. 1987ع ۾ غزا ۾ ”انتفاضه“ جي نالي سان پهرين مزاحمتي تحريڪ اڀري.
ساڳئي سال ۾ حماس قائم ڪئي وئي ۽ بعد ۾ اسرائيل جي قبضي ۾ فلسطين جي علائقن تائين پکڙجي ويئي. جنهن تي اسرائيل جو قبضو آهي. حماس جيڪا شيعه تنظيم آهي ان کي ايران جي مڪمل حمايت حاصل آهي. ۽ نظرياتي طور اخوان المسلمون جي پيروڪار آهي. جيڪا 1920 ۾ مصر ۾ قائم ڪئي ويئي. 1990ع جي ڏهاڪي ۾ اوسلو امن معاهدي جي نتيجي ۾ فلسطيني اٿارٽي قائم ٿي جنهن کي غزا ۽ ويسٽ بئنڪ تائين محدود اختيار ڏنا ويا.
حماس 2007ع ۾ صدر محمود عباس جي اڳواڻي ۾ فتح مومينٽ سان گڏ مختصر گهرو ويڙهه کان پوءِ غزا تي ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو. فلسطيني لبريشن آرگنائيزيشن PLO سان گڏ هلندڙ انتظاميه مغربي ڪناري تي قائم آهي. حماس 2006 جي فلسطيني پارلياماني چونڊن کان پوء غزا تي ڪنٽرول ڪيو. ان کان پوءِ هتي ٻيهر چونڊون نه ٿيون ان وقت حماس محمود عباس تي الزام هنيو ته هو انهن خلاف سازش ڪري رهيو آهي، جڏهن ته محمود عباس حماس جي غزا تي قبضي کي بغاوت قرار ڏنو هو.
حماس شروعات کان وٺي اسرائيل جي رياست کي تسليم نٿو ڪري ۽ 1990ع واري ڏهاڪي ۾ پي ايل او ۽ اسرائيل وچ ۾ ٿيل اوسلو معاهدي جي به خلاف آهي. اسرائيل سان تڪرار غزا جو ڪنٽرول حماس جي هٿ ۾ وڃڻ کان پوءِ ڪيترائي ڀيرا اسرائيل سان ڇڪتاڻ ٿي چڪي آهي، گهڻو ڪري حماس غزا کان اسرائيل مٿان راڪيٽ فائر ڪرڻ کان شروع ٿيا. جنهن جي جواب ۾ غزا تي اسرائيلي هوائي حملا ڪيا پيا وڃن، فوجي ونگ الشهداءَ جو نالو آهي. عزالدين القسام برگيڊ ويڙهاڪن ۽ خودڪش بمبارن کي اسرائيل ۾ موڪلي ٿو، حماس اسرائيل جي خلاف پنهنجي فوجي آپريشن کي اسرائيلي قبضي جي خلاف مزاحمت سڏيو هيو. 1988 ۾ پاڻ کي قائم ڪرڻ لاءِ حماس ڪن چارٽر ٺاهيو هو. ۽ 1967ع ۾ حماس اسرائيل کي تباهه ڪرڻ جو اعلان ڪيو هيو. فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جو ذميوار حماس 1967ع جي ڇهن ڏينهن واري جنگ دوران اسرائيل جي قبضي هيٺ آيل علائقن تي قبضو ڪري چڪو هو. حماس ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ڪيترائي ڀيرا ڊگهي جنگبندي به ٿيندي رهي آهي. جنهن کي عربيءَ ۾ ’هدانا ‘چئبو آهي. حماس کي اسرائيل، آمريڪا، يورپي يونين، ڪئناڊا، مصر ۽ جاپان پاران ان کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏئي چڪا آهن. حماس جا اتحادي فلسطيني علائقن ۾ ڪاررواين سان گڏ وچ اوڀر ۾ آمريڪي پاليسين ۽ اسرائيل جي مخالفت ڪندڙ اتحاد جو حصو آهي، جنهن ۾ ايران، شام ۽ لبنان جي شيعه ويڙهاڪ گروپ حزب الله پڻ شامل آهن، ان جا اڳواڻ قطر سميت وچ اوڀر جي ٻين ملڪن ۾ پکڙيل آهن.
هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اسرائيل تي حماس جي حملي کانپوءِ آمريڪي صدر جوبائيڊن اسرائيل کي 6 ارب ڊالرن جي هنگامي فوجي امداد جي منظوري ڏني آهي. ان ڪري مسلمان ملڪن جن ۾ سعودي عرب، ڪويت، بحرين، قطر، متحده عرب امارات، پاڪستان ۽ باقي ٻيا مسلمان ملڪ شامل آهن، موجوده صورتحال ۾ فلسطين جي جنگ وڙهندڙ حماس جي لاءِ ڪيتري امداد منظور ڪئي آهي؟ موجوده حالتن پٽاندڙ فلسطين ان ڳالهه جا گهرجائو آهن ته مسلمان ملڪ گڏجي فلسطين جي لاءِ وڙهندڙ حماس ۽ حزب الله گروپ جي وڌ ۾ وڌ مالي توڙي فوجي مدد ڪئي وڃي ته جيئن آمريڪا جي پٺو اسرائيل کي خبر پوي ته مسلمان هاڻي سجاڳ ٿي چڪا آهن. ۽ ڪڏهن به اسرائيل کي سڪون سان ويهڻ ڪونه ڏيندا. ان لاءِ سعودي عرب سميت ٻين عربن ملڪن کي گهرجي ته اهي حماس جي دل کولي مالي مدد ڪن ڇاڪاڻ ته اهي دنيا ۾ امير ترين ملڪ آهن ۽ انهن جي معاشي حالتون به ٻين ملڪن کان تمام گهڻيون بهتر آهن. باقي مسلمان ملڪن کي گهرجي ته اهي حماس لاءِ فوجي امداد جي مدد ڪن. چين، روس، ڏکڻ ڪوريا ۽ ٻين لڪن اسرائيل جي وحشياڻي ڪارروائين جي سخت مذمت ڪئي آهي.
جنرل اسيمبليءَ ۾ تازو آمريڪي صدر جو بائيڊن دنيا جي ملڪن تي زور ڏنو ته هو حماس جي ڪيل حملي جي مذمت ڪن پر سندس کي ان وقت مايوسي ڏسڻ ۾ آئي جڏهن پوري دنيا جي ملڪن سواءِ ڀارت، يورپ جي ملڪن باقي ٻين ملڪن کيس جواب ڏئي اجلاس مان نڪتا هليا ويا. هن وقت وچ اوڀر جون حالتون تيزيءَ سان تبديل ٿي رهيون آهن ۽ تازو سعودي عرب پاران اسرائيل کي تسليم ڪرڻ وارو جيڪو منصوبو هيو في الحال ان تي پاڻي ڦري ويو آهي. ۽ سعودي عرب پڻ اسرائيل تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي. متحده عرب امارات ۽ ٻين عرب ملڪن اسرائيل ۽ حماس جن جي حملي جي حمايت ڪئي آهي نه مذمت ڪئي آهي. تازو افغان حڪومت ايران، عراق ۽ شام کان مطالبو ڪيو آهي ته فلسطين تائين پهچ لاءِ افغان مجاهدين کي رسائي ڏني وڃي. پاڪستان جيتوڻيڪ کُلي دل سان نه مذمت ڪئي آهي نه حمايت ڪئي آهي پر پوءِ به هميشه جيان فلسطين ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ بيٺل آهي. جيتوڻيڪ پاڪستان جون معاشي حالتون بهتر نه آهي پر پوءِ به پاڪستان پنهنجي وس آهر فلسطين ڀائرن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ لاءِ هر اول دستي جيان بيٺل رهندو پيو اچي.