يوسف شاھين جو تازوڇپيل ڪتاب ”عالمي تاريخ جو مطالعو“

تحرير: لالا مسلم سھڙو

ڪتاب جي پھرين جلد ۾ 3200 قبل مسيح کان 1750 قبل مسيح تائين جي عالمي تاريخ لکيل آھي جنھن ۾ تقريبن اٺ باب موجود آھن جن ۾

(1. ) قديم سنڌو ماٿر (2.) قديم وچ اوڀر (3. )فونيشن امپائر (4. )ڪارٿيج امپائر (5. ) قديم يورپ (6. ) قديم مصر (7.) قديم چين  (8. ) قديم آمريڪا  شامل آھن.

تنھن ڪري آئون ھتي ٿورڙو ۽ مختصر ئي بس پھرين باب قديم سنڌو ماٿر بابت لکيل ڪجهھ ڪتاب جون تاريخي ڳالھيون پيش ڪندس ته جيئن اھي ڳالھيون دوستن جي علم ۾ ضرور رھن.

(1). قديم سنڌو ماٿر : ھن باب ۾ ليکڪ سنڌ جي اڄ کان ھزارين سال اول جي تاريخ بيان ڪئي آھي ۽ ھن ئي باب ۾ قديم سنڌو ماٿر ۾ رھندڙ ماڻھن جي عقيدن تي پڻ ڇنڊڇاڻ ٿيل آھي جيڪا پيش ڪجي ٿي.   ليکڪ لکي ٿو ته ” سنڌو ماٿر جا ماڻھون خدا جي وحدانيت جا قائل ھئا ۽ ھنن اھو اعتراف ڪيو ته خدا واحد ۽ لاشريڪ آھي جنھن جو ڪو به مٽ يا ثاني ڪون آھي ۽ قديم سنڌو ماٿر جا ماڻھون قديم دؤر ۾ خدا کي ”ورونا“ Varuna جي نالي سان سڃاڻيندا ھئا. جنھن موجب خدا سندن کان عبادت طلب ڪون ڪئي آھي ۽ نتيجي طور تي قديم سنڌو ماٿر ۾ ھڪ به ”عبادتگاھ“ ڪون اڏيو ويو.

قديم سنڌو ماٿر جي تھذيب ان جي اوج ۽ امن بابت ليکڪ، آمريڪا جي ھڪ اسڪالر ۽ آثارِقديمه جي ماھر گريگوري پوسھل جي ڪيل تحقيق جيڪا ھن دنيا ۾ ھٿيارن کان پاڪ معاشري بابت ڪئي ھئي تنھن جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته ” سنڌو ماٿر جي ماڻھن ھن دنيا ۾ انساني تاريخ جي سڀ کان وڏي ۽ ھٿيارن کان پاڪ پھرين ثقافتي امپائر (Cultural Empire) قائم ڪئي, جيڪا موجده ھندوستان, سمورو پاڪستان، افغانستان، ايران کان ويندي ترڪمانستان (Turkmenistan) تائين ٽوٽل 12 لک ڪلو ميٽرن تي پکڙيل ھئي، جنھن جو گاديءَ جو ھنڌ (Capital city) سٽي موھن جو دڙو، جڏھن ته ھڙاپا، لوٿل، ڪالي بنگن، برانا ۽ متاٿل صوبائي گاديءَ وارا“ شھر قرار ڏنا ويا آھن.

ھزارين سال اڳ سنڌين ڪيئن ۽ ڪھڙي ڳالھه سوچي ھڪ ھٿيارن کان پاڪ معاشرو ٺاھيو ھو جو اڄ ھزارين سال گذرڻ کانپوءِ به ھيءَ دنيا جتي ھزارين نه لکين انساني حقن جو تنظيمون ڪم ته ڪن ٿيو پر تنھن باوجود به اھي انساني قتل عام کي روڪڻ لاءِ ايڏا وڏا فيصلا نه ڪري سگھي آھي!  جڏھن ته اڄ جي ھن جديد دؤر ۾ ھٿيارن جي استعمال ۽ جنگين سبب ھر صديءَ ۾ 20 ڪروڙ ماڻھون قتل ٿي رھيا آھن!

سائين يوسف شاھين جي لکيل ھن نئين ڪتاب ۾ قديم سنڌ ۽ قديم مذھبن بابت زبردست ڄاڻ موجود آھي, جنھن سبب سائين يوسف شاھين جي محنت ۽ گھرو مطالعو ئي آھي. سائين يوسف شاھين جي محنت کي سلام پيش ڪجي ٿو. جنھن ھھڙو شاندار ۽ تاريخي ڪتاب لکي ڪري سنڌي ادب ۾ شاندار واڌارو ڪيو آھي!

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.