شعوري انقلاب

تحرير: الطاف حسين پنهور

اسان جو ملڪ قدرتي وسيلن جهڙوڪ سون، قيمتي پٿر، ڪوئلو، ٽامو، پتل، تيل، گيس وغيره سان مالا مال آهي. هتي طرح طرح جا اناج، سبزيون، ميوا، ڪمند، ڪپهه ۽ ٻيا ڪيترائي فصل اُپايا وڃن ٿا. اسان وٽ بحري حدون آهن، سمنڊ، درياءَ ۽ نديون آهن، ٻيلا، جنگلات، آب و هوا سٺي، چار موسمون، زرخيز زمين ۽ پهاڙ پڻ آهن. مطلب ته هر طرح جا قدرتي وسيلا موجود آهن ۽ جيڪڏهن آءُ گَهِري سوچ سان ڏسان ته اسان جا نسل تمام ذهين، عقلمند آهن پوءِ به اسان جي ملڪ ۾ غربت، مهانگائي، بيروزگاري، ناانصافي ڇو آهي؟ اسان جو ملڪ دنيا جي لسٽ ۾ غريب ڇو آهي؟ ميرٽ جي لتاڙ، رشوت خوري، بدعنواني، ڦرون، چوري، جنسي زيادتي، تشدد، قتل ۽ ٻيا وڏا ڏوهه ڇو موجود آهن؟  ڇو جو مهنجي خيال ۾ عقل ۽ علم هئڻ ڪا وڏي ڳالهه نه آهي، ڪافي نه آهي، عقل ۽ علم جو صحيح استعمال لازمي آهي. اهڙي طرح ذهين هئڻ وڏي ڳالهه نه آهي، وڏو سٺو تندرست ۽ چست ذهن رکڻ سان گڏ شعور هئڻ لازمي آهي ذهن جي درست پروگرامنگ ڪري شعور سان ڀري هڪ سٺي شخصيت جي تشڪيل ڪرڻ ضروري آهي جنهن جي اسان ۾ تمام گهڻي کوٽ آهي.

افسوس پنهنجي ملڪ ۾ ايتري ته ڪرپشن آهي جو چئي سگھجي ٿو ته هر ماڻهو وڪامجندڙ آهي بس قيمتن جو فرق آهي. هتي اڪثريت بدعنوانيءَ جي ڍونڍ ۾ ناپاڪ ٿيل ماڻهن جي آهي، پٽيوالي کان رشوت خوري شروع ٿي ڪلرڪ، آفيسر، بيوروڪريٽ، منسٽر ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ايتري قدر جو وزيرِاعظم يا صدر جي عهدن تائين هلندي رهي ٿي. هي سڀ اسان مان ئي پيدا ٿين ٿا، انهن ۾ شعور وجھڻ جي ذميواري ڪنهن جي آهي؟ معاشري جي. والدين، استاد، دوست عزيز، مٽ مائٽ سوسائٽي هنن سڀني جي هٿن مان هر هستيءَ کي رنگ ملي ٿو، هر هستيءَ جي نشوونما ٿئي ٿي. هتي غلط ۽ ناحق کي روڪڻ ته پري، ان کي غلط چوڻ وارا گھٽ آهن.  صحيح جي صف ۾ بيهڻ وارا گھٽ آهن. جنهن جو اجتمائي نتيجو پڻ بد کان بدترين ٿي  چڪو آهي ۽ معاشرو نه سڌريو ته انکان به وڌيڪ بُرو ٿيندو رهندو. عدالتون آهن پر اڪثر طور انصاف نه آهي، پوليس ۽ ٻيا قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا آهن پر قانون تي عمل نه آهي

اسان جي قوم ۾ شعور جي تمام کوٽ آهي. بلڪه آءُ چوندس ته اڪثريت ۾ شعور موجود ئي نه آهي۔ اسان مان اڪثر ماڻهن پنهنجي ذهنن ۾، پنهنجي هستين ۾ اهڙي ته غلط پروگرامنگ ڪئي آهي جو کين صحيح غلط ۾ فرق ئي نظر نه ٿو اچي ۽ غلط کي درست، درست کي غلط سمجھيو زندگي گذاري رهيا آهن. ڪوڙ ڳالهائڻ، ٺڳي ڪرڻ ۽ ڌوکو ڏيڻ کيCleverness  ۽ Sharpness سمجھي ويٺا آهن، ايماندار انسان کي، سادگيءَ سان زندگي گذارڻ واري کي ۽ جيڪو ماڻهو پاڻ کان گھٽ حيثيت رکندڙن سان پيار، احترام ۽ عزت خلوص سان پيش اچي ان کي موڳو يا بيوقوف سمجھيو ويٺا آهن.  چمچاگيري ۽ چاپلوسي کي Protocol سمجھي رهيا آهن، Protocol کي عزت سمجھي رهيا آهن، عزت ڇا آهي؟

ڪاميابي ڇا آهي؟ اڪثر ماڻهن کي خبر ئي نه آهي. مالي حالات جي سڌري وڃڻ يا سٺي نوڪري  يا عهدوحاصل ڪرڻ، ڪاروبار ۾ ترقي ٿي وڃڻ ۽ دولتمند ٿي وڃڻ کي عزت ۽ ڪاميابي سجھي رهيا آهن. اها سڄي پروگرامنگ غلط آهي پر افسوس ته اسان ۾ اها ئي پروگرامنگ داخل ٿي چڪي آهي جيڪا لاشعوريت جو ثبوت آهي جنهن جا نتيجا پڻ غلط ۽ افسوسناڪ آهن.

آءُ پنهنجي نوجوانن کي چوندس ته پنهنجي شخصيتن مان بغض، حسد، ساڙ، ڪينو، لالچ، اناپرستي، هَوسَ، ڪاوڙ، نفرت جهڙا منفي احساس ختم ڪري سخاوت، همت، حوصلي، بردباريءَ، قدر، همدرديءَ ، خلوص، نيڪ نيتيءَ، محبت ۽ انسانيت، وارا احساس اڀاريو. ان ۾ ئي عزت ملندي ۽ ڪاميابي ملندي.

منهنجي خيال ۾، نه ئي دولتمند هئڻ ڪامياب يا ناڪام هئڻ آهي، نه ئي مفلس هئڻ ڪامياب يا ناڪام هئڻ آهي. ڪاميابيءَ جو دولت سان ڪو به تعلق نه آهي. پر ان جو هرگز اهو مطلب نه آهي ته اوهين محنت ڪرڻ ڇڏي ڏيو، سست بڻجي وڃو، سستي ۽ ڪاهلي هڪ ناڪارا ناڪام ماڻهوءَ جي نشاني آهي. محنت سان حلال ڪمائي ڪرڻي آهي، ۽ آمدني وڌائڻ جي ڪوشش ۾ رهڻو آهي ۽ دور (وقت) جي حساب سان ايترو ته ناڻو ڪمائڻو آهي جو  اسان کي پنهجي پاڻ لاءِ، پنهجي شريڪِ حيات لاءِ ۽ پنهجي اولاد لاءِ کاڌ خوراڪ، لٽو اَجھو، گھر، ڪپڙا، سٺي تعليم ۽ صحت جي اخراجات جي ذميوراي پاڻ afford & bear  ڪري سگھون ۽ اولاد جي شادي ڪرائڻ جي ذميواري به پاڻ کڻي سگھون. بجاءِ ان جي، جو ڪنهن جا محتاج بڻجون يا پنهنجون اهي ذميواريون به معاشري جي رشتن مان ڪنهن رشتي تي مڙهيون (ڪاهل بڻجي، موالي بڻجي، ناڪارا بڻجي)  ٻين تي بوجهھ بڻجئون ۽ پنهنجو وقار، ظرف ڪيرائي ويهون ۽ پنهنجي شريڪِ حيات يا اولاد کي به پنڻ تي مجبور ڪري ذلت جي زندگي گذارڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيون.

ڪائنات جي هڪ عظيم هستيءَ جو چوڻ آهي ته انسان کي خوشحال گذارڻ لاءِ دور جي حساب سان هڪ تولي سون برابر ماهوار آمدني ڪمائڻي آهي. مثال طور آڪٽوبر 2023 ۾ سون جي سراسري قيمت 200،000 روپيا آهي، ته هڪ گھراڻي جي خوشحال رهڻ لاءِ ضروري آهي ته ان جي آمدني 2 لک تائين هجي. هن وقت پاڪستان ۾ غريب ۽ Middle Class گھراڻن جي ماهوار آمدني ڇا آهي؟ 30 هزار يا ان کان به گھٽ. ته سوچيو غريب ماڻهن جو ڇا حال هوندو، هو ٻن ويلن جي ماني به مشڪل سان کائي سگھندا هوندا. ٻارن جي تعليم، بيمارين جي علاج جا خرچ برداشت ڪرڻ ته سندن لاءِ ناممڪن آهي. اڄڪلهه غريب ماڻهو پنهنجو پيٽ به نه ٿو پالي سگھي ۽ غربت سبب خودڪشين جا ڪيترائي واقعا سامهون اچن ٿا، ڪٿي ڪا ماءُ پنهجي ٻچن کي بک تي نه سمهاريندي بي وس ٿي ٻچن سميت خودڪشي ڪري ٿي ته ڪٿي ڪو پيءَ مالڪ مڪان جي ڪرائي گھرڻ ۽ مهڻن ۽ بک بدحاليءَ ڪري ٻچن سميت خودڪشي ڪري ٿو. والدين لاءِ پنهجي اولاد کي غربت سبب قتل ڪرڻ ڪيترو نه مشڪل هوندو! ان سڀ جو ذميوار اشرافيا لڏو ۽ حڪومت آهي.

پاڪستان ۾ ڪا به حڪومت ضرورت موجب روزگار جا موقعا پيدا نه ڪري سگهي آهي ۽ نه ئي شين جي اگهن ۾ غير ضروري واڌ تي ضابطو آڻي سگهي آهي. جيڪڏهن حڪمران پنهنجي نااهلي جي ڪري عوام جي هٿن مان سڀ ڪجهه کسي وٺندا ته پوءِ غريب لاچاريءَ جي حالت ۾ پنهنجون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڏوهه ڪندا. هڪ طرف حڪمرانن جي نااهلي آهي ته ٻئي طرف غريب بک ۽ بدحالي سبب چوريون ۽ خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن. حڪومت جي هر دور ۾ پنهنجي نااهلي جو بار ٻين تي مڙهيو ويو آهي. بي قابو مهانگائيءَ ۽ غربت سبب اسٽريٽ ڪرائم ۽ دهشتگرديءَ ۾ وڏي حد تائين اضافو ضرور ٿيو آهي ان ۾ حڪومت جي خراب پاليسين جو به وڏو هٿ آهي. حڪومت کي پنهنجي پاليسين تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي. حڪومت جا رليف پيڪيج رڳو مصنوعي قدمن ۽ ٺڳيءَ کان سواءِ ڪجهه به نه آهن، جيستائين حڪومت ڪا ٺوس ۽ جامع حڪمت عملي نه جوڙيندي تيستائين اهي بگڙجندڙ حالتون قابو ۾ نه اينديون۔

عوام ان غلط فهميءَ مان نڪري ته ڪو سٺو ليڊر اچي ملڪ جون حالتون  سڌاريندو، منهنجي خيال ۾ ايئين ڪڏهن به نه ٿيندو. آءُ چوندس ته پهريان عوام پنهجو پاڻ کي انفرادي ۽ پوءِ اجتماعي طور تي سڌاري، منفي، غلط احساسن جهڙوڪ لالچ، حسد، هَوَس وغيره مان آزاد بڻجي، پنهنجي هستيءَ جي درست پروگرامنگ ڪري هڪ سٺي شخصيت جي تشڪيل ڪري ۽ هڪ سٺو باشعور معاشرو قائم ڪري. اهو شعوري انقلاب آهي جنهن جي تمام اشد ضرورت آهي. عوام پاڻ سٺو بڻجندو ته  حڪمران، حڪومت ۽ نظام به سٺو ٿي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.