وچ اوڀر ۾ جنگ جو اصل سبب نفرت آھي، اھا ڪيئن ختم ٿيندي؟

ھن ڌرتيءَ جي گولي تي فلسطين ھڪ رسندڙ ڦٽ آھي،جيڪو عالمي قوتن جي خاموشي جي ڏوھ ۾ ھر ڀيري نئين ڇڪتاڻ ۽ نفرتن جو سبب بڻجي ٿو.بدقسمتيءَ سان آمريڪا ۽ ان جي سامراجي ساٿارين جي ڪري،وچ اوڀر ۾ ھٿ سان قائم ڪيل ھڪ ننڊڙي رياست جي انا،ضد ۽ گھمنڊ نون مسئلن کي پيدا ڪرڻ جو جواز پيدا ڪندو ٿو رھي. دنيا جا اسريل ۽ طاقتور ملڪ فلسطين جي مسئلي تي سموري مھذبپڻي ۽ انساني حقن بابت جوڙيل سمورن قانون کي وساري وھي ٿا رھن.

اسرائيل تي حماس جي حملي کانپوءِ وچ اوڀر هڪ ڀيرو ٻيهر  بي يقيني۽ ورھاست جي وڌيڪ درجھ بندي جو  شڪار ٿي ويندو.ھن پس منظر ۾ اسرائيل سان لاڳاپن جي بحاليءَ جي پٺڀرائي ٿيندي نظر اچي رهي آهي.

هڪ طرف ايران ۽ شام حماس جي حمايت ۾ آواز بلند ڪري رهيا آهن ته ٻئي طرف سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان فلسطيني صدر محمود عباس سان گڏوگڏ مصر ۽ اردن سان ڳالهه ٻولهه پڻ آهي. عرب ليگ جو اجلاس (اڄ) اربع تي ٿي رھيو آهي. جڏهن ته ايران ۽ عراق فلسطين جي تازي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ مسلم ملڪن جي تنظيم جو اجلاس سڏايو آهي.

حماس پاران اسرائيل تي تازو حملو هڪ اهڙي وقت ۾ ٿيو آهي جڏهن سعودي عرب ۽ اسرائيل وچ ۾ لاڳاپا بحال ڪرڻ جون ڳالهيون جاري ھيون. سعودي عرب جو چوڻ آھي تھ اسرائيل جو اهو اعتراف تھ گڏيل قومن جي ٻن رياستن وارو حل ئي بھتر آھي. فلسطين ۽ اسرائيل جي قيام سان گڏوگڏ بي گهر فلسطينين جي مسئلي جي پڻ انصاف ڀرئي حل جي گھرج آھي.

وچ اوڀر بابت ماھرن حماس جي حملي تي حيران آهن، سوال آھي ته ڇا سعودي عرب ۽ اسرائيل جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن جي بحاليءَ جون ڪوششون هاڻي پوريون ٿي وينديون يا ان ۾ ٿورو وقفو ايندو.ڪجھھ مهينن دوران آمريڪي ڪوششن سان  سعودي عرب ۽ اسرائيل وچ ۾ لاڳاپن جي بحاليءَ لاءِ ڳالهيون شروع ھيون.امڪاني معاھدي سان سعودي عرب کي هڪ  خاصي علامتي فتح ملڻي ھئي، ان سان گڏ عرب ۽ اسلامي دنيا ۾ سعودي عرب جي اهميت بھ جڙي رھي ھئي.حماس وچ اوڀر جي عرب ملڪن طرفان اسرائيل سان لاڳاپا بحالي جي  مخالف رهي آهي.

غزه ۾ اسرائيل جي هوائي حملن  ۾ 704 شهيد ٿيل فلسطين  ۾ 140 ٻار ۽ 105 عورتون شامل آهن.ٽي هزار 726 زخمي آهن.7 مسجدون ۽ 72 رهائشي عمارتون تباهه ٿي ويون.5 هزار کان وڌيڪ عمارتن کي نقصان پهتو آھي. اسرائيل غزه جي مڪمل ناڪابندي تي گڏيل قومن جي سربراهه انتونيو گوتريس جو چوڻ آهي ته غزه ۾ بجلي، تيل ۽ خوراڪ جي کوٽ سان سنگين صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي. گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگ کان پوءِ غزه جا سو لک ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن ۽  غزه ۾ 23 لک ماڻهو رهن ٿا.

حماس پاران حملي عالمي سطح تي اسرائيل جي ساک کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو آھي.دنيا ان ڳالھھ تي حيران آھي تھ اسرائيل وٽ دنيا جي جديد ھٿيارن ۽  ٽيڪنالوجي باوجود حماس سموريون رڪاوٽون ٽوڙي ٽنھي محاذن تان ڪئين ڪاميابي سان حملو ڪيو آھي ؟ لڳ ڀڳ مني صديءَ اڳ قائم ٿيل يھودي رياست ۽ آسپاس جي مسلمان رياستن ۾ تڪرار  آھي.جنگي لحاظ سان برتري اسرائيل کي حاصل ٿي آھي.ھن وقت اسرائيل جنگ ۾ پنھنجن 900 ماڻھن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.غيرمعمولي حملي بعد اسرائيل مان اسرائيل جي شھرين پاران ملڪ ڇڏڻ جي ڪوشش جاري آھي.

آمريڪا علائقائي سلامتي جي نالي تي ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ پنهنجا ٻيڙا ۽ جنگي جهاز موڪلڻ جو اعلان ڪيو آهي. پر واشنگٽن باقي دنيا کي خبردار ڪيو آهي ته هو هن تڪرار ۾ پارٽي نه بڻجن. اڻ تصديق ٿيل رپورٽن موجب اسرائيلي حڪومت حماس سان ڪنهن به قسم جي ڊيل نه ٿي چاهي ۽ نه ئي ڪنهن فلسطيني قيدي کي آزاد ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

اسرائيل هڪ وڏي جنگي طاقت آهي،آمريڪا ۽ نيٽو کي بھ سندن پٺڀرائي مليل آهي. پر حماس جنهن کي اسرائيل وڏو ۽ خطرناڪ دشمن قرار ڏئي ٿو، سو سندس مقابلي ۾ هڪ ننڍڙو ويڙهاڪ گروپ آهي. جيڪو پڻ غزه جي پٽي تائين محدود آهي.جنھن کي مختلف ملڪن پاران دهشتگرد گروپ قرار ڏنو ويو آهي ۽ عالمي سطح تي ان جي ڪا وڏي سفارتي حيثيت پڻ ناهي.

اولهه ڪناري ۾ فلسطيني اٿارٽي کي فلسطين جو نمائندو سمجهيو ويندو آهي. بدقسمتيءَ سان اسرائيلي حڪومت نه رڳو حماس سان دشمني وارا لاڳاپا پيدا ڪيا آهن پر فلسطيني اٿارٽي سان معاملا طئي ڪرڻ ۽ ڪنهن به امن معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ به قدم نه کنيا آهن.

جيتوڻيڪ غزه ۾ فقط حماس اسرائيل کي منهن ڏئي رهي آهي، پر اولهه ڪناري ۾ رهندڙ فلسطيني به اسرائيل کي موجوده جنگ جو ذميوار سمجهن ٿا.فلسطيني اٿارٽي جي صدر محمود عباس حماس جي اسرائيل تي حملي کانپوءِ فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق تي زور ڏنو. هن چيو ته ”فلسطينين کي يهودي آبادڪارن ۽ اسان جي سرزمين تي قابض قوتن خلاف پنهنجو دفاع ڪرڻ جو حق آهي“.فلسطيني مسئلي جي حل لاءِ عالمي طاقتن جي خاموشي اسرائيلي ڏوهن ۾ اضافو جو سبب بڻجي رھي آهي.

حقيقت اها آهي ته ٻن ڏهاڪن کان اسرائيل غزه جو گهيرو ڪري لکين ماڻهن کي قيد ڪري ڇڏيو آهي پر عالمي ضمير ان جو بار محسوس نه ڪري سگهيو آهي.وچ اوڀر  جنگ جي ڪناري تي بيٺو آهي.

ھيءَ هلندڙ  جنگ شايد ڪجهه هفتن يا مهينن ۾ ختم ٿي ويندي، پر ان وچ ۾ چاهي حماس هجي يا اسرائيل، انهن جي عملن سان ماڻهن جي دلين ۾ هڪ ٻئي لاءِ پيدا ٿيل نفرت شايد وڌيڪ جنگين کي جنم ڏيندي.

ان ڪري حماس جي مذمت ڪري اسرائيل کي جنگ تي ڀڙڪائڻ بجاءِ ان کي امن جي ثمرن کان آگاهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن آمريڪا ۽ اسرائيل جا ٻيا  اتحادي هاڻي ائين ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا ته عالمي امن لاءِ اسرائيل جي دوستيءَ ۾ مستقل مسئلا پيدا ٿي پوندا.ان طاقتور ملڪن ۽ گڏيل قومن کي ڪنھن بھتر تجويز کي سامھون آڻڻ سان گڏ ان تي اتفاق ڪرڻ جي صورت ۾ ان تي عمل جي ضمانت پڻ ڏيڻ گھرجي ٻي صورت ۾ سکڻي اعلان سان جو نتيجو وري بھ نفرت ۽ جنگ جي صورت ۾ ظاھر ٿيڻو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.