رضوان ۽ عبدالله شفيق سبب پاڪستان عالمي ڪپ جو وڏو هدف ماڻڻ ۾ ڪامياب

حيدرآباد دکن( اسپورٽس نيوز) پاڪستان ورلڊ ڪپ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو هدف پورو ڪري ورتو، آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي اٺين مئچ ۾  پاڪستان 6 وڪيٽن تان 345 رنس جو هدف پورو ڪري سريلنڪا کي شڪست ڏئي ڇڏي. انهيءَ کان اڳ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي اٺين مئچ ۾ سريلنڪا گرين شرٽس کي 345 رنس جو هدف ڏنو هو، سريلنڪا جي بئٽسمين ڌڙاڌڙ رنس وٺي پاڪستاني بالرز جون متيون مُنجهائي ڇڏيون هيون، سريلنڪا مقرر 50 اوورز ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 344 رنس ٺاهيون، ڪوشال مينڊس 122 ۽ سمارا اوڪرما 108 رنس ٺاهي نمايان رهيا، پاڪستان پاران حسن علي 4 رانديگر آئوٽ ڪيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.