فلسطينين تي ظلم ۽ ڇڙوڇڙ مسلمان

تحرير: رياض ابڙو 

اسرائيل کي نه مڃڻ پٺيان اهي به ڳالهيون هيون ته انهن جي ناجائزي ڪري فلسطينن جي ڌرتي تي قبضو ڪري پنهنجي رياست بڻائي ڇڏين، جيڪا وڃي ٿي وڌندي ۽ ڦهلبي، جيڪا روڪجڻ واري ناهي. ان ڪري سڄي دنيا جا ملڪ ۽ خاص اسلامي ملڪ ان کي رياست مڃڻ لاءِ راضي نه هيا، ۽ ڪجھه  اڃان به ناهن. پر ٻيا اسلامي ملڪ پنهنجي جاءِ تي عربن ته ڍر ئي نه ڪئي، اهي ته اسرائيل سان گڏ وڃي ويٺا،  پوءِ اسان ويٺا ڀتين تي گار گند لکون، اسان ويٺا پنهنجي منهن پمفليٽ ڇپرائي القدس، القدس ويٺا ڪيون. پر سڄي ان ڳالھه  ۾ او آءِ سي ڇا ٿي ڪري؟ ان ڳالھه  ۾ اسلامي ملڪن جا سربراھ ڇا ٿا ڪن؟، انهن جي جونءَ به نه ٿي چري، اهي ڪهڙيون تحريڪون ٿا هلائن؟ گذريل سال محمد علي خواجا (جيڪو امارات جو پهريون ايمبيسيڊر آهي) جيڪو اسرائيل پهتو هيو جنهن جو وڏو استقبال ڪيو هين، اتان جي صدر ”ريوون رِوِلِن“ تائين خيريت جو پيغام پڄايائين، اسرائيلين ان ڳالھه  تي وڏي سرهائي ڏيکاري هئي ته سڄو اسرائيل عربن جي آجيان تي ۽ اسرائيل کي ملڪ مڃڻ تي خوش آهن. انهن سان گڏ دنيا جا ٻيا اسلامي ملڪ به آهن جيڪي اسرائيل کي مڃن ٿا (رڳو اسان وٽ اعتراض آهن) اهي ملڪ ته مذهبي رنگ ۾ ئي ناهن، اهي ته رڳو سياست ٿا ڪن. پر ان سڄي مڃتا ڏيارڻ ۾ آمريڪا جو سڌو سنئون هٿ هيو، ڇو ته مشروط طور تي اسرائيل به راضي ٿي ويو هيو ته جي مصر جيڪا اسرائيل کي 1979 کان ملڪ تسليم ڪري ويٺي آهي، جنهن مڪمل سياست ۽ ڊپلوميٽڪ رابطا بحال رکيا آهن، ۽ وري اتي رهيل کهيل عرب ۽ اسلامي ملڪن به تسليم ڪيو جن ۾ اردن 1994 کان پنهنجا سياسي ۽ سفارتي ناتا جاري ۽ بحال رکيون ويٺو آهي، وري بحرين، موراڪو ۽ سوڊان آهستي آهستي ”ابراهام اڪارڊ“ جو حصو بڻجندا ويا آهن، جنهن جي مڃائڻ ۾ ٽرمپ سرڪار جو وڏو هٿ رهيو هيو، جنهن جي بليڪ ميلنگ ۾ واقعي ئي عرب اچي ويا هيا، توڻي جو وچ ۾ عرب ملڪ ايشيائي مسلمان ملڪن جي جيڪي اسرائيل تي ڪاوڙيل رهيا جنهن 1967 واري لڙائيءَ ٽي لک کان مٿي فسلطينن کي بي گهر ڪري تڙي ڪڍيو ويو هيو، رڳو غزا ۽ ويسٽ بئنڪ (جنهن ۾ يريشلم به اچي ٿو) جتي مسلمان معنيٰ فلسطيني رڳو مسجد اقصي تي قابض آهن باقي يروشلم جو وڏو حصو اسرائيل جي قبضي ۾ آهي. اسرائيلين جي اتي سپريم ڪورٽ، وزيراعظم هائوس، سرڪاري آفيسون ۽ ٻيون آباديون پڻ آهن، سواءِ مسجد بيت المقدس جي شهر جو سمورو ڪنٽرول اسرائيل وٽ آهي. فلسطينن وٽ رڳو يرويشلم جو باقي ڪجھه  حصو وڃي بچيو آهي، مڃون ٿا ته اسرائيلي وکريل ۽ ڪڻو ڪڻو آهن جن جو وري هڪ جاءِ تي ملڻ مشڪل هيو جو هڪ ته حضرت موسيٰ عليه السلام جي دور ۾ وکري ويا هيا، ٻيو وري ”نازي ڪيمپ“ ۾ رهيا ”اڊولف هٽلر“ 1941 کان 1945 تائين تقريبن 60 لک يهودي ماري ڇڏيا.

جڏهن 30 جنوري 1933 تي هٽلر کي جرمني جو چانسلر بڻايو ويو هو تڏهن هن سڄي يورپ ۾ يهودين جي خلاف مهم هلائي انهن جي ڪاروبار جو بائيڪاٽ ڪيو هيو. آهستي آهستي انهن کي سڄي يورپ مان ڌڪي ڪيمپ جي صورت هڪ جاءِ تي ڪٺو ڪيو ويو هيو، اها مهم ايڏي ڊگهي هئي جو 1935 کان هلندي هلندي 1938 تائين هلي ۽ وري جڏهن هٽلر سيپٽمبر 1939 ۾ پولينڊ تي حملو ڪري ڏنو جو ٻي مهاڀاري لڙائي ڇڙي پئي ۽ ڪيمپ ۾ رهيل 60 لک يهوين تي سڌي فائرنگ ڪري انهن کي ٿڏي تي ماري ڇڏيو هين، جن ۾ ٻار ۽ زائفون به شامل هيون، ۽ بچيل يهودين جي لاءِ هٽلر اهو چئي ويو هيو ته ”انهن کي ان ڪري ڇڏي ٿو وڃي ته دنيا ڏسي ته اهي ڪيترا خطرناڪ آهن“ پر ڳالھه  اها هئي ته جي اهي اسرائيلين جي لاءِ خطرو هيا ته هاڻي مسلمانن جي لاءِ به ٿي سگهن ٿا جنهن جي لاءِ هاڻي جي مسلمانن جو گڏجڻ ڀلي ممڪن ناهي پر مسلمانن جو هڪ نه ٿيڻ خطري کان خالي ناهي، ۽ ڳڻتي اها به آهي ته فلسطيني عربن جي اهڙن وقتي ٺاهن کي مڃن ئي نه ٿا، اهي ته عربن جي اهڙي حرڪت کي فلسطيني عربن جو قومي ڏوھ سمجهن ٿا ، اهي ان کي نندن ٿا، فلسطيني ته اسان کان وڌيڪ اسرائيلين کان ۽ انهن سڀني عرب ملڪن کان به نفرت ٿا ڪن جيڪي فلسطينين کان انهن جي ڌرتي پيرن هيٺان کسڪائي رهيا آهن، جيڪي مسلسل حملن، خونريزين ۽ جنگين کانپوءِ ڄڻ ته هارائجي ويا آهن، ڇو ته اسرائيل سڀ فلسطيني ڌڪي سوڙها ڪري ڇڏيا آهن، جيڪي هاڻي رڳو ويسٽ بئنڪ ۽ غزا جي پٽي ۾ رهجي ويا آهن، يروشلم جيڪو ويسٽ بئنڪ ۾ هوندي به فلسطينين جو ناهي، اتي ته اسرائيل نوان رهائشي پروجيڪٽ پيو ٺاهي، ان جي روڪڻ جي لاءِ عرب ڪڏهن به اڳتي وڌي اسرائيل کي نندن نه ٿا، رهندو ڪندو اسرائيل جي رياست کي مڃي انهن سان سياسي ۽ سفارتي ناتا بحال ٿا رکن، جيڪي کڻي اڻٽر آهن پر فسلطينن جي زندگي، انهن جي ڌرتي ۽ انهن جو نسل ان سڄي پٽيءَ تي تيستائين خطري ۾ رهندو جيستائين اسرائيل جي بربريت کي عرب هڪ قوم جي صورت هڪ ٿي جواب نه ٿا ڏين، ڇو ته رڳو ”لپ سروس“ سان ڪم نه هلندو.

اسرائيل جو به ظلم نڪري نروار ٿيو جو 1948 واري عرب اسرائيل وار ۾ جتي فلسطين سو سيڪڙو هيو پر ان جنگ کانپوءِ اسرائيل جي والار 60 سيڪڙو ٿي وئي ۽ فلسطين وري رڳو 40 سيڪڙو تائين رهجي ويو. معنيٰ ويسٽ بئنڪ جنهن ۾ يروشلم، بيت المقدس ۽ غزا واري پٽي رهجي وئي جتي فلسطيني ”ڪارنر“ ٿي ويا. باقي سڄو علائقو اسرائيل ٿي ويو، پر ايڏي جنگ ۽ جدال کانپوءِ به فلسطينن جي همت هئي جو هنن يروشلم، واري سڄي پٽي اسرائيل جي قبضي ۾ نه ڏني، جنهن تي اسرائيل جو ظلم ۽ ڏاڍ جاري آهي ته جيئن اتان به فسلطيني نڪري وڃن ۽ اهو بيت المقدس وري سڄي جو سڄو اسرائيل جي قبضي ۾ اچي. پر حيرت اها به آهي ته اردن، مصر ۽ لبنان جي وچ ۾ اسرائيل ايترو دليري سان قابض آهي جو فسلطينن جي زندگي آزار بڻائي ڇڏي اٿئين، جنهن جي لاءِ مسلمان ڪجھه  به ناهن ڪري سگهيا پر رهندو ڪندو انهن اسرائيلين جي ڏينهون ڏينهن پکيڙ، واڌ ۽ آبادي ڏسندا ٿا رهن، پر ڪن ڪجھه  به نه ٿا. هاڻي ته آهستي آهستي اسرائيل وڃي ٿو وڌندو، فلسطيني جيڪي 1948 ۾ سو سيڪڙو قابض هيا، اهي 1967 جي ٻي عرب اسرائيل جھڙپ کانپوءَ 40 سيڪڙو رهجي ويا هيا ۽ هاڻي وري 25 سيڪڙو فلسطيني آباد آهن ۽ باقي سڄو علائقو اسرائيل جو آهي، جو ويسٽ بنئڪ ۽ غزا جي پٽي ۾ فلسطيني ويڙهجي ويٺا آهن.

مسلمانن جو هڪ خدشو بجا آهي ته اسرائيل واقعي ئي ”گريٽر اسرائيل“ جي چڪر ۾ ضرور آهي، جنهن وٽ آمريڪا جهڙي ملڪ جي ”ٿنڪ ٽينڪ“ آهن، معنيِٰ اهي آمريڪا ۾ 54 سيڪڙو آبادي رکن ٿا. هاڻي ته انهن وٽ ٽيڪنالاجي، دنيا جون بهترين ايجادون، ايٽم بم، بهترين جي ڊي پي، ورلڊ ڪلاس مين پاور، دنيا ۾ پکيڙيل ڪمپنيون ۽ ناڻي جي سگهھ آهي جنهن جي بنياد تي اهي دنيا جون طاقتور قومون آهن، ان جي مقابلي ۾ مسلمان ڀائر (عرب) جيڪي ان يورپي ملڪن جي ڪک ۾ رهيا پيا آهن انهن وٽ رڳو الله ڪارڻ پٽ پاراتو آهي، سکڻeون دعائون ۽ آسرا آهن ۽ ٻين مسلمان ملڪن جي ايمان جي طاقت جيڪا ڪجھه  به نه ڪري سگهندي پر کٽيو انهن ملڪن جيڪي ترقي ۾ اڳڀرا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.