پيپلز پارٽي  ڪھڙو رستو چونڊيندي ؟

تحرير: عاصم علي

موجوده دور ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ بابت عام تاثر ھي آهي ته اها ڪنهن زماني ۾ عام ماڻهو جي پارٽي سڏبي هئي، پرهن وقت جاگيردارن، وڏيرن، مخدومن ۽ گادي نشينن جي پناهه گاهه بڻجي چڪي آهي.

بلڪه پورو سچ  ھي آهي ته بي اعتمادي جي رٿ ۽ اتحادي حڪومت جي حصي بڻجڻ بعد اڪثر  عوامي حلقن ۾ اهو خيال پختو ٿي ويو آهي ته پيپلز پارٽي ڄڻ  هاڻي وڏيرا سياسي اسٽيٽس ڪو ،جي آخري پناهه گاهه طور ڪم ڪري رهي آهي. هڪ سوال  ذهن ۾ ايندو هو ته آصف علي زرداري جي سياست ۾ اهو ڪهڙو مسئلو آهي، جنهن سبب پيپلز پارٽي آهستي آهستي ڊرائنگ روم ڏانهن وڌي رهي آهي،اھو ڊرائنگ روم حقيقت ۾ ان جي طبعي موت جو ھنڌ آھي. اھو سوال ھاڻي سمجهھ ۾ اچي ٿو تھ پيپلز پارٽي مفاهمت جي سياسي راند ۾ پنهنجو سياسي ۽ جمهوري روح وڃائي چڪي آهي، جنهن لاءِ اها عوام ۽ جمهوري حلقن ۾مشھور ھئي.

ان معاملي جي ٻئي رخ تي نظر وجهون ته، معلوم ٿئي ٿو ته بي بي جي شهادت کانپوءِ پيپلز پارٽي هڪ عوامي  قيادت کان محروم ٿي چڪي هئي، آصف علي زرداري کي وقت جي ضرورت هئي،جيستائين بلاول ڀٽو زرداري پارٽيءَ جا معاملا سنڀالي سگهي.ان دوران صدرآصف زرداري ڳٺ جوڙ ۽ مفاھمت سان گڏيل سياست سان  ملڪ جي يونٽن ۽ پارليامينٽ جي مضبوطيءَ لاءِ ڪم بھ ڪيو ۽ ان سان گڏ  پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت ايندڙ نسل ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ مناسب وقت جو انتظار پڻ ڪندو رھيو.

جهڙيءَ طرح هر نظريي، حڪمت عملي ۽ منصوبي جو ھڪ فطري موت هوندو آهي، اهڙي طرح پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ان  مختصر سياسي بندوبست جو هاڻي موت ٿي چڪو آهي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي .بي بي جي، شهادت کانپوءِ پارٽي جي، ايڊهاڪ پاليسي واري دور ۾ پيپلز پارٽي جي نظريي ۽مزاحمت واري  سياست جو جادو عمران خان جي تحريڪ انصاف جھٽي ورتو .پر پيپلز پارٽي کي ان صورتحال کي پهريون ڀيرو  منهن نھ ڏيڻو پئجي  رهيو آهي.

قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي  قيادت کان محروم ٿي وئي ھئي.مير مرتضيٰ ۽ شاهه نواز به مارشل لا ۽ بدترين آمريت خلاف مزاحمتي ڪندي ٻئي رخ ۾ ھليا ويا.محترمھ بينظر ڀٽو ڪيسن کي منھن ڏيڻ سان گڏوگڏ  پنھنجي والده  محترمه نصرت ڀٽو سان گڏجي  پارٽي جي معاملن کي به ڏسندي ھئي.

بي بي شهيد پارٽيءَ جي باضابطه قيادت سنڀالڻ جو فيصلو ان وقت ڪيو، جڏهن هن جلاوطنيءَ کان واپسيءَ تي عملي سياست جي شروعات ڪئي.ھن پارٽي معاملن کان پنھنجي ماءُ کي الڳ ڪري ڇڏيو. ھن پاڻ عوام ۽  سياست جي تازي فضا سان ھم آھنگ ٿي وئي.ھن وقت بينظير ڀٽو جي پيپلز پارٽي انھن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهي هئي، جن کي1988ع ۾ ڀٽو صاحب پيپلز پارٽي کي منھن ڏيڻو پيو ھو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ کي پنهنجي والد آصف علي زرداري جي سياست جي اثر کان هٽي ڪري عوام ۾ وڃڻو پوندو. جيڪو پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين جي حيثيت  سندس حقيقي مينڊيٽ آهي.

محترمه بينظير ڀٽو سڀ کان پهرين، پارٽي جي پنهنجي والده کان  ورتي ۽ پاڻ  سنڀالي ورتي ۽ پارٽي جي معاملن کي هلائڻ لاءِ پنهنجي سياسي حڪمت عملي جوڙي. بي بي شهيد پارٽي اندر سڌارا ڪيا،۽  پارٽي کي جاگيردارن ۽ وڏيرن جي ڪوڙڪي  مان ڪڍي عوام تائين پهچائڻ جو فيصلو ڪيو. ان ڪم ۾ بي بي شهيد کي سڀ کان  وڌيڪ مسئلو انھن ”انڪلز “ جو ٿيو. جيڪي ڀٽو صاحب جي دور کان وٺي پيپلز پارٽيءَ ۾ ڪافي عرصي کان موجود هئا. بي بي صاحبه وڏي هوشياري ۽ سياسي بصيرت سان پارٽيءَ جا سمورا معاملا پنهنجي هٿ ۾ کنيا ۽ انڪلز جي دائري کي ٽوڙي عوام ڏانهن موٽي آئي، جتي ڀٽو صاحب 1979ع کان وٺي هميشه لاءِ رهيوھو.

تاريخ جو ھي دلچسپ موڙ آهي ته، نوجوان ليڊر بلاول کي به هن وقت اهڙي ئي صورتحال کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، سندس چوڌاري سڀ انڪلز آهن، جيڪي بي بي شهيد جي دور کان وٺي پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.

انقلابي ۽ مزاحمتي سياست ۾ انڪلز  جي ڪردارن کي ان ڪري  مناسب حد تائين رکيو وڃي ٿو تھ جيئن تازي نه لڳڻ ڏني وڃي، نوان خيالن کي نظرانداز ڪندي ۽ مفاهمت واري رستي ۾ رولي ڇڏيندا آھن. ان سان اسٽيٽس ڪو برقرار رهي ٿو، پر نئين سياسي ۽ عوامي سوچ  نٿي اسري نسري سگھي .

انگريز ليکڪ جارج برنارڊ شا  چيو ھو ، ته جيڪو ويهن سالن جي ڄمار ۾ سوشلسٽ ناهي ان وٽ دل ناهي ۽ جيڪو چاليهه سالن جي عمر تائين سوشلسٽ رهي ان وٽ دماغ ناهي. جڏهن سياسي انقلاب کي عوام تائين پهچائڻ جي ضرورت ھجي تھ دل جو ڪم  ذهن کان  وڌيڪ اثرائتو ۽ ڪارائتو هوندو آهي ڇو ته انسان جي جوش ۽ جذبي لاءِ دل دماغ کان مٿاهون هوندي آهي ۽ اڄ  توھان  ھن دور جي سياسي نوجوانن سان مخاطب ٿيو تھ اھو معاملو اڻٽر آھي.جيڪو عمران خان جي تحريڪ انصاف ۾ واضح طور تي نظر اچي رهيو آهي.

چيئرمين بلاول جي چوڌاري انڪلز، اعليٰ درجي جاشريف النفس  امير،دانشور ۽ وفادار ماڻهو آهن، پر هاڻ انهن جو مال مارڪيٽ ۾ کڻڻ وارو ڪو به ناهي، سوشل ميڊيا ۽ ٽيڪنالاجي گلوبلائيزيشن جي هن دور ۾ جتي توهان جي ملڪ جا 60 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽر، اهو نوجوان طبقو آهي، جيڪي لمحي لمحي پراڻيون شين کي ترڪ ڪري رهيو آھي. اهو الڳ بحث آهي ته ان برق رفتار سائنسي تبديليءَ ۽ سوشل ميڊيا جي عروج جا پاڪستان جي نوجوانن جي زندگيءَ تي ڪهڙا اثر پيا، پر اها هڪ سياسي حقيقت آهي ته پاڪستان جا نوجوان هاڻي ان ئي مائينڊ سيٽ کي فالو  ڪري رهيا آهن ۽ ان ۾ رھندي ئي ڳالھھ ٻڌڻ ۽ مڃڻ چاهي ٿو.

موجوده دور ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي  عوام خاص ڪري پنجاب جو نوجوان اپنائڻ کان بيزار آهن، بلڪھ اڪثر نوجوان ان خيال کي سختيءَ سان رد ڪن ٿا. ان جو سبب پيپلزپارٽي جي  روايتي، موروثي ۽ اسٽيٽس ڪو واري پارٽي ھئڻ جو تاثر آهي، جيڪو، بي جي شهادت کان پوءِ واري دور ۾ پيدا ٿيل آهي، جيڪو به وڏي پئماني تي پروپيگنڊا ۽زرداري سان  نفرتن سان بھ ڀريل آهي، پر ان جو اثر تڏھن زائل ٿيندو.جڏھن چيئرمن بلاول ڀٽو پنھنجي والده جيان موروثي ۽ رسمي سياست جو بت ٽوڙي ڪري نوجوان نسل جي مائيڊ سيٽ کي ڇڪيندو. بينظير ڀٽو صاحبھ عوام سان نامياتي رابطا  قائم ڪري، اسلامي دنيا جي پهرين چونڊيل وزيراعظم ٿيڻ کان پوءِ دختر مشرق بڻجڻ بعد ڀٽوصاحب کي وڌيڪ امر ڪري وئي.

سياڻن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پيءُ جو وڏو نالو هجي ته پوءِ پٽ کي نالي بڻائن ۾ ڏکيائي ٿيندي آھي.

پر هتي هڪ ڌيءَ پنهنجي جدا سڃاڻپ بھ ٺاهي ۽ ڪيترين ئي سياسي ۽ غير سياسي معاملن ۾ ڀٽو صاحب کان به وڏي ٿي وئي. ڇا نوجوان چيئرمين بلاول پنهنجي ماءُ وانگر عوام وٽ وڃي سگهندو ۽ ڇا هو پنهنجي خانداني سياسي ورثي مان نڪري هڪ آزاد سياسي ليڊر بڻجي سگھندو ۽ ڇا ھو ان  عوام تائين پهچندو جتي ليڊر بڻجڻ جو هنر سيکاريو ويندو آھي ؟

پر فيض صاحب، چيو آھي تھ ..

ہم دیکھیں گے

لازم ہے کہ ہم بھی دیکھیں گے

جب ارض خدا کے کعبہ سے

سب بت اٹھوائے جائیں گے

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.