بدين جا آبادگار پاڻي لاءِ پريشان

تحرير: بابو کوسو

بدين جي پوڇڙين سميت رڻ ڪڇ تائين وڏي حصي کي پاڻي پھچائيندڙ اڪرم واھ جو پاڻي بيواھ عورت جي ملڪيت سمجھي  بندر بانٽ ڪري اصل بدين جي ٽيلن کي پاڻي ڦڙي لاءِ  سڪايو پيو وڃي ھي جيڪو ٻارھي مھينا وھندڙ ٽن سب ڊويزن کي پاڻي مھيا ڪري ٿو انھي ۾ ڪڍڻ قاضيا ۽ شادي سب ڊويزنون  شامل ھئا پوءِ   ھن مان پھريون ڀيرو منڍ جي بااثر آبادگارن  گاجيا سب ڊويزن ڪڍي پھرين پاڻي بندر بانٽ ڪرڻ جي شروعات ڪئي انھي کانپوءِ   اڪرم واھ جو پاڻي سکر بئراج سميت ٻين ڪئنالن جي زمينن کي ڏئسي اڪرم واھ ڪمانڊ ايريا جي زمينن کي پاڻي کان محروم ڪيو ويو 300 جي لڳ ڀڳ غير قانوني ڊيوز پمپ اسٽيشنون واٽر ڪورس ڏئي اڪرم واھ جي سڀني ٽيلن کي پاڻي کان محروم ڪيو ويو   پاڻي کوٽ سبب تقريبن اڍائي لک ايڪڙ زمين غير آباد ٿي وئي  هزارين ايڪڙن تي پوکيل فصل سڪي سڙي تباه ٿي ويا  وقت  جي حڪمرانن جي  خاموشي  سبب  بدين ضلعي جي پوڇڙ کي آباد ڪندڙ اڪرم واهه ۾ پاڻي کڻت  پوري نه ملڻ فصل نه ٿيڻ ڪري وڏي تعداد ۾ اڪرم واھ جي ٽيلن ۾ لڏپلاڻ پڻ ٿي سوين ڳوٺ خالي ٿي ويا 20.  25 سالن کان بندر بانٽ جو سلسلو ھلندو رھيو جيڪو اڃان تائين رڪجڻ جو نالو نٿو وٺي تازو

96 آرڊي مين اڪرم واھ مان روھڙي ڪئنال جي زمين گھوٽاڻو ڊسٽري سيري ڊسٽري سکر بئراج جي زمين 433 ايڪڙ زمين شفٽ ڪري ڪوٽڙي بئراج جي  اڪرم واھ  تي شفٽ ڪرڻ لاءِ   ڳجهه ڳوھ ۾ سمري ٺاھي ڪامورن ڪروڙين روپيا وٺي اڳوڻي ڊائريڪٽر ايريا واٽر بورڊ سميت ٻين طاقتور آبادگارن جي زمينن کي آباد رکڻ لاءِ  پاڻي تي ڌاڙي ھڻڻ لاءِ   قانون جو سھارو وٺي غير قانوني ڪم ڪيو ويو ھڪ سمري ٺاھي وزير اعلي ٰسنڌ کي موڪلي وئي   جنهن  ۾ 2021ع کان 2023ع تائين ھن معاملي جي ڳجهه  ڳوھ ۾  ڇنڊڇاڻ ھلي آخر ۾ ھي معاملو 15 آگسٽ 2023ع تي پڄاڻي تي پھتو ۽ وزير اعليٰ سنڌ ڪابينا کان منظوري ورتي آھي اڪرم واھ جي پاڻي تي ڌاڙي لاءِ   صحيحون ٿيون آھن ۽ ان کان علاوا اڪرم واهه ۾ سون جي تعداد ۾ غير قانوني پمپ لڳائي بدين جي ٽيل جو پاڻي تين وال اڳ ۾ ٿيل آھي جڏھن ته ٽيل آبادگار ايسوسيئشن بدين گذريل پنجن سالن کان پاڻي لاءِ   مسلسل جدوجھد ڪندي سوين پيادل مارچ ڪري مطالبو ڪندي رھي ته بدين جي پاڻي مٿان لڳندڙ ڌاڙو ھڪدم بند ڪري بدين جو پاڻي بدين کي ڏنو وڃي جڏھن ته  تازو بدين جي پوڇڙ جي چند  واهن جي لائننگ پڻ  ڪئي وئي آهي  ڊائريڪٽر ايريا واٽر بورڊ بدين جي ملي ڀڳت سان ايس ڊي ۽ ٻين ڪامورن ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪري غير معياري مٽيرل استعمال ڪيو جنهن سبب اهي اسڪيمون هيئر سان ئي تباهه ٿي ويون آهن واهن جي لائننگ  کانپوءِ   اتي جي مقامي بااثر زميندارن کان ڳري رشوت وٺي انهن جي واٽر ڪورسن ۾ رعايت ڏي ٽيل جي  ننڍن  آبادگارن جو معاشي قتل عام  ڪيو ويو  ننڍن آبادگارن جي واٽر ڪورسن کي دڪا لڳائي بند ڪري وڏن ذميدارن کي  آباد ڪيو ويو آبادگارن احتجاج لانگ مارچ ڪيا پر وقت جي  حڪمرانن  ۽ ايريگيشن عملدارن جي ڪن تي جون به نه سري ڪڍڻ سب ڊويزن جي واهن سنهي گهوني راڄ واهه علي واهه شير واه نور واهه مور شاخ ۽ ٻين واهن جي پوڇڙ ۾ پيئڻ جو پاڻي به اڻلڀ بڻيل آهي ڪنهن زماني ۾  هي علائقو دريائن  جو ديس هو ۽ اڄ  پاڻي جي ڦڙي  لاءِ   ترسي رهيو آهي.

تازو ڪجهه ڏينهن پهرين شديد گرمي ۾ تاريخي ماڳ علي بندر کان هزارين ماڻهن ٽيل آبادگار ايسوسيئشن بدين ۽ فشرفوڪ فورم بدين  پيادل لانگ مارچ ڪري سنهي گهوني شهر مڪمل بند ڪري  بدين ڏيپلو روڊ بند ڪري ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو پر ايريگيشن جو ڪو به نمائدو وٽن لڙي نه آيو  جڏهن ته سسٽم ۾ وافر مقدار ۾ پاڻي موجود آهي پوءِ   به بدين جي پوڇڙ پاڻي ڦڙي لاءِ   ترسي رهيو آهي  اڪرم واهه ٻارهو وھندڙ آهي جنهن کي قانون ۾ ٻارنهن مهينا پاڻي ڏيڻو آهي پر بدقسمتي سان چيٽ ۽ خريف  جو پاڻي به نٿو ڏنو وڃي هتي جي سڄاڻ ماڻهن جو چوڻ آهي ته جي ڪڏهن غيرقانوني واٽر ڪورس لڳل پمپ ختم نه ڪيا ويا ته بيٺل فصل ته هوئين ئي تباهه ٿي ويا آهن پر خريف  جو پوکيل  فصل سخت متاثر ٿيندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.