سنڌ اسيمبلي جا منجهيل انتظامي مامرا ۽ خرچ

تحرير: جي ايم کوکر

جيتوڻيڪ سنڌ اسيمبلي هڪ خودمختيارادارو آهي جنهن جو ڪم صرف قانون سازي ڪرڻ ئي هوندوآهي اتي معزز اسيمبلي کي پاڪستان ٺاهڻ جي قرار منظور ڪرڻ جو به شرف حاصل آهي گورن جي دور حڪومت ۾ سنڌ جي ان وقت جي گورنر سر لانسلوٽ گرايم 27 اپريل 1937ع اڱاري واري ڏينهن صبح جو يارهين وڳي سنڌ اسيمبلي جي پهرين اجلاس لاءِ  سنڌ جي ميمبر ديوان بهادر بيرانند کي چئرمين مقرر ڪيو پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ  قائد اعظم محمد علي جناح صاحب هن اسيمبلي ۾ خطاب ڪيو اهو ئي سبب آهي جو سنڌ اسيمبلي کي دنيا ۽ ملڪي سطح تي  عزت جي نظر سان ڏٺو ۽ پڪاريو ويندو آهي،

پر اڄ هي سنڌ اسيمبلي پنهنجي ان  تاريخي ڪردار سان نه پر ڪرپشن ۽ نااهليت جي طور تي سڃاتي وڃي ٿي جتي مسئلن جا انبار لڳل آهن آفيسرن جي مقررين کان وٺي فنڊنگ جي استعمال ۽ خرچن ۾ گهوٻيون هڻڻ  جهڙا اسپيڪر ، ڊپٽي اسپيڪر  ۽ سيڪريٽري مٿان مختلف ڪورٽن ۾ پنهنجن ئي آفيسرن پاران ڪيس هلندڙ آهن ته ٻئي پاسي وڏي عرصي کان اسيمبلي جي معامرن جي جاچ بابت نيب توڙي اينٽي ڪرپشن جي ادارن ۾ انڪوائريون هلندڙ آهن انتظامي ليول تي سنڌ اسيمبلي ۾هن وقت موجود اعليٰ آفيسرن وچ ۾ سخت اختلافات ڏٺا وياآهن جنهن ڪري قانونسازي جا معامرا ۽ انتظامي معامرا پڻ سخت متاثر ٿيل آهن اهي اختلاف ڪئين پيدا ٿيا ان بابت اسيمبلي جي هڪ اعليٰ آفيسر جو چوڻ آهي ته ان جو سبب سينارٽي لسٽ کي اسپيڪر پاران نظرانداز ڪرڻ آهي جنهن سبب سينيئر آفيسرن جا حق متاثر ٿيا آهن اتي اسپيڪر طرفان ڪجهه مهينا اڳ ڪنهن حد تائين اسيمبلي جي اسٽاف جون ترقريون ڪيون پر اتي به سينارٽي کي مڪمل طور تي نظراندااز ڪيو ويو ۽ ڪيترن ئي سينيئر آفيسرن جي اڳيان جونيئرن کي ترقيون ڏئي انهن جونيئرن کي سينيئرن جو بوس بڻائي مقرر ڪيو ويو،جيڪڏهن پروموشن جي ميرٽ جي ڳالهه ڪجي ته اها ناني ويڙهو ئي ثابت ٿيندي ڇو ته سفارشي آفيسرن ۽ رشوت وٺي ڪيترن ئي ماڻهن کي قانون جي ابتڙ ترقيون ڏنيون ويون .

اهڙي طرح اسيمبلي جي انتظاميا پنهنجي خودمختياري واري طاقت جو خوب استعمال ڪندي پئي اچي ڏٺو وڃي ته قانون ساز اداري سنڌ اسيمبلي کي حڪومت سنڌ طرفان مخصوص بجٽ هر سال مختص ڪئي ويندي آهي ۽ اها بجٽ اسيمبلي کي هلائڻ لاءِ  تمام گهڻي يعني 200 سئو سيڪڙو وڌيڪ آهي هلندڙ سال جي بجٽ ۾ سنڌ اسيمبلي جي خرچن لاءِ  2 ارب 39 ڪروڙ 67 لک 86 هزار روپيا رکيا ويا آهن جن ۾ هڪ ارب 34 ڪروڙ 41 لک 81 هزار روپيا ملازمن جي پگهارن ۽ هڪ ارب 5 ڪروڙ 26 لک نان سيلري تي مختص ڪيا ويا آهن،سنڌ اسيمبلي ۾ ٽوٽل 168 ميمبر هوندا آهن جن کي 175000 پگهار هر ميهيني ۾ اسيمبلي طرفان ڏني ويندي آهي جڏهن ته وڏو وزير ۽ ان جي ڪابينا ۾ شامل ڪنهن به ايم پي ايز کي اسيمبلي پگهار يا ٻيون مراعتون ناهي ڏيندي، جڏهن ته 149 باقي ميبمبرن کي اسيمبلي هر ميهيني پگهار جي مد ۾ 2 ڪروڙ 60 لک ادا ڪري ٿي اهو انگ 31 ڪروڙ 29 لک روپيا ٿئي ٿو، سنڌ اسيمبلي ۾ اسٽيڊنگ ڪميٽين جي تعداد 40 جي  لڳ ڀڳ آهي جنهن ۾ 34 اسٽيڊنگ ڪميٽيون جن ۾ هن پوري پنج سال جي عرصي ۾ 12 مخالف ڌر کي مليل اسٽيڊنگ ڪميٽيون غير فعال رهيون جڏهن ته حڪومت سطح تي 22 اسٽيڊنگ ڪميٽيون  فعال رهيون سيڪريٽري سنڌ اسيمبلي موجب  اسٽيڊنگ ڪميٽين جي چيئرمينن کي گاڏيون ۽ پيٽرول جون مراعتون حاصل آهن اسيمبلي بجٽ موجب 6 ڪروڙ 30 لک روپيا صرف فيول جي مد ۾ رکيا ويا آهن جيڪي هيليڪاپٽر ۽ گاڏين جي مد ۾ استعمال ڪيا ويندا جيڪڏهن ان بجٽ کي 290ريپيا في ليٽر جي حساب سان تقسيم ڪجي ته 2 لک 40 هزار ليٽر ٿين ٿا ۽ اهي 500 سئو ماڻهن کي به تقسيم ڪجن ته به 450 ليٽر في ماڻهو کي مهينو ٿئي ٿو، اهڙي طرح سنڌ اسيمبلي کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ   اسيمبلي بلڊنگ جي چئني طرف ننڍن باگيچن جي مرمت ۽ انهن کي خوبصورت بڻا ئڻ لاءِ  هڪ ڪروڙ 31 لک رکيا ويا آهن پر  بدقسمتي سان اهي پارڪ ۽ ڇٻر کي موجود مالهين طرفان پاڻي ڏئي سائو رکن ٿا پر اهي پيسا ڪٿي ٿا خرچ ٿين  اها خبر اسيمبلي انتظاميا کي هوندي اهڙي طرح اسيمبلي سڳوري جا لڪيل ڪيترائي فنڊ آهن جن کي ڪڍرائي لڪيل خرچن کي پورو ڪيو ويندو آهي   اسيمبلي بجٽ ۾ عام شين جي خريداري لاءِ  22 ڪروڙ رکيا ويا آهن جن ۾ اسٽيشنري لاءِ  4 ڪروڙ 46لک، ڇپائي لاءِ  4 ڪروڙ 20لک، اخبارن ۽ ڪتابن جي خريداري لاءِ  84 لک، سيڪيورٽي يونيفارم ۽ ڪپڙن جي خريداري لاءِ  هڪ ڪروڙ پنج لک، قانوني معامرن لاءِ  هڪ ڪروڙ، ڳجهي سرور لاءِ  هڪ ڪروڙ ڏهه لک، سرور چارجز لاءِ  هڪ ڪروڙ 25 لک،ٻين اسٽورن جي خرچن لاءِ  82 لک، ڪمپيوٽر جي ڪاغزن جي خريداري لاءِ  66 لک، بسڪيٽن  جي خريداري لاءِ  99 لک روپيا جڏهن ته ٻين خرچن لاءِ  5 ڪروڙ 62 لک 50 هزار روپيا رکيا ويا آهن ٽرانسپورٽ جي خريداري لاءِ  5 ڪروڙ 15 لک، تحفن جي خريداري لاءِ  3 ڪروڙ 41 لک، گرانڊ، سبزڊي ۽ لون لاءِ  هڪ ڪروڙ 25 لک،اسيمبلي جي فوت ٿيل ملازمن جي پويئرن جي سار سنڀار لاءِ 55 لک روپيا رکيا ويا آهن مختلف الائونسز جي مد ۾ 40 ڪروڙ رکيا ويا آهن، اوور ٽائين الائونس 25 لک 62 هزار، اعزازيو لاءِ  15 ڪروڙ، ميڊيڪل چارجز لاءِ  4 ڪروڙ 50 لک، سيشن الائونس لاءِ  20 ڪروڙ، ۽ ٻيا الائونس لاءِ  33 لک 22 هزار روپيا رکيا ويا آهن آپريٽنگ خرچن لاءِ  41 ڪروڙ 79 لک،رابطن جي خرچن لاءِ  2 ڪروڙ 4لک، يوٽليٽي بلن جي خرچن لاءِ  6 ڪروڙ 82 لک،گاڏين جي خريداري لاءِ  60 لک، اچ وڃ جي خرچن لاءِ  8 ڪروڙ 82 لک 30 هزار روپيا رکيا ويا آهن جڏهن ته بجٽ ۾ ٻين ڪيترن ئي ايٽمن جي خريداري لاءِ  ڌار اڪائونٽس ڪيترائي ڀيرا ڏنا ويا آهن جن کي لکڻ لاءِ  پورو ڪتاب گهربل آهي

سنڌ اسيمبلي ۾ هونئن ته 994  ملازم آهن جڏهن ته 3 نيون ڀرتيون ڪيون ويون آهن انهن کي ملائي ڪري 997 ريگيولر پوسٽون آهن جڏهن ته 40 کان 50 ڪانٽريڪٽر ملازم به انهن ۾ شامل آهن، انهن ملازمن جي بيسڪ پگهار لاءِ 30 ڪروڙ روپيا مختص ڪيا ويا آهن اهڙي طرح اسيمبلي ۾ هڪ گريڊ جا ٽوٽل ملازمن جي تعداد 125 آهي ، 2 گريڊ جا 127، 3 گريڊ جا 16، 4 گريڊ جا 31، 5 گريڊ جا 57، 6 گريڊ جا 13، 7 گريڊ جا 50، 8 گريڊ جو هڪ، 9 گريڊ جا 98، 11 گريڊ جا 106، 12 گريڊ جا 10، 13 جا 3، 14 گريڊ 85، 15 گريڊ جا 2، 16 گريڊ جا 114، 17 گريڊ جا 75، 18 گريڊ جا 46، 19 گريڊ 24، 20 گريڊ جا 6، 21 گريڊ جا 2 ۽ اسپيشل گريڊ جا 3 آفيسر موجود آهن انهن ۾ 2گريڊ جي ٻن پوسٽن سميت21 هين گريڊ جي هڪ پوسٽ نئين پيدا ڪئي وئي آهي جتي اسيمبلي ٻن رٽائرڊ آفيسرن کي ڪانٽريڪٽ  جي بنياد تي رکيو ويو آهي هڪ 21 گريڊ جي پيدا ڪيل پوسٽ تي هڪ نئين ماڻهو کي رکيو ويو آهي، انهن پيدا ڪيل پوسٽن کي اسيمبلي ۾ موجود سينيئر آفيسرن طرفان عدالتن ۾ چيلنج ڪيو ويو آهي

سنڌ حڪومت جي خساري واري بجٽ ۾ جيڪا سرڪاري ادارن لاءِ  بجٽ مختص ڪئي وڃي ٿي ان جو سڌو سئون تعلق عوام جي ڀلائي سان ڪڏهن به ناهي رهيو  پر اها بجٽ سڌو سنئون اداري جي خرچن ۽ موجود ملازمن جي پگهارن لاءِ  رکيل هوندي آهي پر  اتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪي خرچ ڌار يعني نامعلوم اڪائونٽس ۾ رکياويندا آهن ڇا اهي واقعي به درست  طور تي خرچ ٿين ٿا ڇا ڪڏهن انهن لڪيل بجٽ جي ڪنهن اداري کان يا انهن جي آڊٽ ٿئي ٿي،اهو سوال پنهنجي جاءِ تي پر سنڌ اسيمبلي جي بجٽ کان وٺي انتظامي معامرن کي سلجهائڻ لاءِ  معتبر شخصيتن کي اڳتي اچڻو پوندو خاص طور تي اسپيڪر صاحب کي پنهنجي اداري جي ڀلائي ۽ موجود آفيسرن جي تڪرار کي ختم ڪرڻ لاءِ  جوڳو قدم کڻڻو پوندو ته جئين هن تاريخي اسيمبلي جو مان مٿانهون رهي ۽ ڪير ان تي آڱريون نه کڻي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.