سکر ۾ بااثرن پاران مبينا ڪارنهن جرڳو، 3 نياڻيون سڱ چٽي ۾ ڏيڻ جي فتويٰ

سکر(رپورٽ:آزاد مهر) سکر ۾ بااثرن پاران مبينا ڪارنهن جرڳو، ٽي نياڻيون سڱ چٽي ۾ ڏيڻ جي فتويٰ، زبردستي نڪاح ڪرائڻ بعد هڪ نياڻي کي اغوا ڪري وڃڻ جو الزام هنيوويو، متاثر عورت جو سڱ چٽي ۾ ڏنل ٻن  نياڻين سان گڏ احتجاج، سکر جي سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد ڳوٺ نهال خان کوسو  واسڻ شهربانو زال اڪبر کوسو معصوم نياڻين سان گڏ احتجاج ڪندي الزام هنيو ته کوسا برادري جي بااثرن امان الله، دوست علي، هزارو، بلاول، بهاول ۽ غلام علي کوسو 2 آگسٽ تي گهر ۾ گهڙي نياڻي ناديه کي اغوا ڪري چوپايو مال به ڪاهي ويا آهن، بااثر امان الله کوسو ۽ ٻين جوابدارن زبردستي جرڳي ۾ پٽ شهمير کوسو کي ڪارو قرار ڏئي ٽي نياڻيون سڱ چٽي ۾ ڏيڻ جي فتوي ڏني وئي آهي جرڳي بعد ٽن معصوم نياڻين ناديه، مينا ۽ ريما جا زبردستي نڪاح ڪرايا ويا آهن جنهن بعد ناديه کي   زبردستي اغوا ڪري کڻي ويا آھن، جڏهن ته اغوا ڪيل نياڻي ناديه کوسو جو ٻن ٻارن جي اولاد واري شخص عارب کوسو سان نڪاح ڪرايو ويو آهي، بااثر هاڻي ٻن معصوم نياڻين مينه ۽ ريما کوسو جا سڱ گهري رهيا آهن دانهڻ باوجود سکر پوليس بااثرن خلاف ڪارروائي نٿي ڪري، شهربانو کوسو نگران وڏي وزير، ڊي آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي سکر ۽ ٻين اختيارن کي نوٽيس وٺي نياڻين جون رندگيون بچائڻ جي اپيل ڪئي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.