سکر (رپورٽ:آزاد مهر) سکر ۾ جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جو سنڌ جي مسئلن تي آواز اٿارڻ لاءِ پر امن احتجاجي مارچ سنڌ جي وجود کي بچائڻ ۽ سنڌ سان ٿيندڙ ظلم خلاف لاءِ جدوجهد تيز ڪندي 19 نومبر تي حيدرآباد ۾ پرامن احتجاجي مارچ جو اعلان ڪيو ويو، جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي طرفان سکر جي ايوب گيٽ کان سکر پريس ڪلب تائين هڪ پرامن احتجاجي مارچ ڪيو ويو جنهن ۾ وڏي انگ ۾ شريڪ ڪارڪنن هٿن ۾ جهنڊا ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعري بازي ڪئي، سکر پريس ڪلب آڏو هڪ وڏي احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي ۽ جيئي سنڌ محاذ جي سربراهه رياض چانڊيو، جسقم اڳواڻن ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، اسلم خيرپوري، سورهيه سنڌي، رواداري تحريڪ پنهل ساريو۽ ٻين چيو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ پنجاب جو ملڪ تي غير قانوني قبضو آهي، سنڌ کي ڦريو ويو آهي، سنڌ ۾ امن امان جو مک سبب ڌارين جي آبادڪاري آهي جنهن کي حڪمرانن هٿ سان وڌائي سنڌ جي امن کي برباد ڪيو آهي پاڪستان جي سپريم ڪورٽ جي فيصلي باوجود حڪمران سنڌ ۾ غيرقانوني افغانين ۽ ٻين طارڪين وطن کي ٻاهر نه ٿو ڪڍيو وڃي ان سان گڏوگڏ جڙتو آدمشماري ڪرائي سنڌين کي پنهنجي وطن تي اقليت ۾ آڻڻ جي سازش جاري آهي پر سنڌ جي نمائنده پارٽي جي دعوا ڪندڙ پيپلزپارٽي جو وزير اعلي به ان ڊرافٽ تي صحيح ڪري آيو، هنن اقتدار لاءِ سنڌ جي عوام سان هميشه دوکا ڪيا آهن، سنڌ جي مسئلن تي سائين جي ايم سيد جا پيروڪار ئي پنهنجو فرض سمجهي سخت ردعمل عمل ظاهر ڪندا آهن عوام کي پنهنجي سڄڻن ۽ دشمنن کي سڃاڻو پوندو، هنن چيو ته سنڌ جا وسيلا محفوظ ناهن، سنڌين تي سندن وسيلا خرچ ٿين ته هتي بک بدحالي ۽ بيروزگاري نه ڏسڻ ۾ نه ايندي ، سنڌ ۾ ڌاڙيل، سرداري ۽وڏيرا راڄ قائم ڪيو ويو آهي معصوم نياڻيون ٻارڙا به اغوا کان محفوظ ناهن ڌرتيءَ جا وارث امن امان جي ڪري پنهنجو وطن ڇڏڻ تي مجبور آهن، صحافي جان محمد مهر۽ افضل لنڊ جا قاتل گرفتار نه پيا ڪيا وڃن، حڪمران پنهنجي ناڪامين ۽ ڪرپشن جو سڄو بار مهانگائي جي صورت ۾ عوام مٿان پيا اڇلائين هنن چيو ته اسان سنڌ ڌرتي کي پنهنجي ماءُ سمجهون ٿا ان جي وجود جي بقا ۽ حقن جي حاصلات لاءِ پنهنجي رهبر سائين جي ايم سيد جي عدم تشدد واري فڪر هيٺ پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين ۽ سنڌ جي ماڻھن کي هاڻ ٺڳڻ مان جان ڇڏائي ڌرتيءَ جي پٽن جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، هنن 19 نومبر ۾ حيدرآباد ۾ پرامن احتجاجي مارچ جو اعلان ڪندي مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ ڌارين کي پنهنجي ملڪن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن، صحافي جان محمد مهر ۽ افضل لنڊ جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي، پريا ڪماري سميت سمورن مغوين کي بازياب ڪرائي سنڌ ۾لاقانونيت ختم ڪئي وڃي ۽ قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪري مارڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي.