اڳوڻو وفاقي وزير شيخ رشيد راولپنڊي مان گرفتار

راولپنڊي (م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد کي گرفتار ڪيو ويو، عوامي مسلم ليگ جي سربراهه  شيخ رشيد جي وڪيل  سردار عبدالرزاق گرفتاريءَ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته شيخ رشيد کي راولپنڊي جي هڪ نجي هائوسنگ سوسائٽي مان ان جي گهر مان گرفتار ڪيو ويو آهي، سردار عبدالرزاق موجب اڳوڻي وفاقي وزير سان گڏ ان جي ڀائيٽي شيخ شاڪر ۽ هڪ ملازم کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻئي پاسي پوليس شيخ رشيد احمد جي گرفتاري جي تصديق ڪرڻ کان پاسو ڪيو آهي، ياد رهي ته شيخ رشيد احمد 9 مئي جي واقعن بعد روپوش هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.