سپريم ڪورٽ ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ڪيس جي اڄ ٻڌڻي

اسلام آباد (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ عهدي جو حلف کڻڻ کانپوءِ ٻڌڻي لاءِ پهرين بئنچ جوڙي ڇڏي جنهن جي  اڄ ٻڌڻي ٿيندي، ڪيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ جي 15 رڪني فل ڪورٽ ڪندي.چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ فل ڪورٽ بئنچ جوڙي آهي، جيڪا سومر تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.واضح رهي ته سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ چيف جسٽس آف پاڪستان جي اختيارن بابت آهي، جنهن کي پارليامينٽ منظور ڪيو هو پر اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 8 رڪني لارجر بئنچ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تي منع نامو ڏنو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.