ڪراچي: سنڌي ادبي سنگت جي ڊائمنڊ جوبلي ڪانفرنس جي هڪ ٽي ويهڪ غوث پيرزادو هلائي، جنهن ۾ مختيار ملڪ، ليکڪ، سياسي اڳواڻ ۽ ترجمي نگار رشيد ڀٽي تي ڳالهائيندي چيو ته رشيد ڀٽي گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو، هن جو ادب جي آبياري ۾ وڏو ڪردار هو،، هن پنهنجي ترقي پسند سوچ ۽ فڪر ڪري تڪليفون برداشت ڪيون، سندس تعلق رسول بخش پليجو جي عوامي تحريڪ سان هو، اڄ به سندس خاندان جون عورتون سنڌياڻي تحريڪ ۾ شامل آهن، رشيد ڀٽي عالمي ادب جو سنڌي ترجمو به ڪيو، سندس سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ ۾ وڏو ڪردار هو، نامياري شاعر ادل سولنگي، شاعر تنوير عباسي تي ڳالهائيندي چيو ته ون يونٽ مخالف تحريڪ ۾ سنڌي اديبن جو ٿاڪ حيدرآباد ۾ ڪراچي هوٽل هوندو هو ۽ کين ماني کائڻ جا پئسا نه هوندا هئا ۽ هنن تي 300 روپيا اوڌر ٿي وئي هئي، جڏهن ته ان وقت پگهار پنجاھ روپيا هوندي هئي، تنوير عباسي انهن ڏکين حالتن ۾ سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري طور مکيه ڪردار ادا ڪيو ليکڪ امداد سولنگي، مشهور شاعر ۽ صحافي شمشير الحيدري تي ڳالهائيندي چيو ته شمشير الحيدري سنڌ جو هڪ ٻيو موهين جو دڙو هو، هن ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو، هن جون بي شمار ادبي ۽ صحافتي خدمتون هيون، هو صابرين طبيعت جو مالڪ هو، هن سنڌي ادب خلاف حملن ۾ ڀرپور مزاحمتي ڪردار ادا ڪيو، هن 20 ڪتاب لکيا ۽ هن جي سيڪريٽري ادبي سنگت واري دور ۾ سنگت متحرڪ ڪردار ادا ڪيو، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري تاج جويو، سنڌ ۽ هند جي نامياري اديب ۽ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وجهڻ واري شخصيت گوبند مالهي تي ڳالهائيندي چيو ته گوبند ۽ ٻين سنڌي اديبن کي پاڪستان ٺهڻ بعد کين زبردستي سان سنڌ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو، پر هن ڀارت ۾ به ٻين سنڌي اديبن سان ملي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي خدمت جاري رکي