ڪراچي: ڪالم نويس پروفيسر امر سنڌو سنڌي ادبي سنگت جي ڊائمنڊ جوبلي ڪانفرنس جي ٻي ويهڪ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ اردو جي نامور ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نويس نورالهدي شاهه جي ادبي خدمتن تي ڳالهائيندي چيو ته نورالهدي شاهه گهڻ رخي ڪهاڻي لکڻ ۾ مهارت رکي ٿي، کيس قلم تي ڪمال حاصل آهي. هن پنهنجين ڪهاڻين ۾ حويلين جا صديون پراڻا راز پڌرا پٽ ڪري ڇڏيا آهن ، هن عورت کي رانديڪو سمجهڻ واري مرداڻي سماج جي اصليت کي دليريء سان وائکو ڪيو، ڪهاڻي پروميٿس جي باهه وانگر سري گھاٽ جي ڳاڙهي بازار جي دلال جي ڪردار هٿان اديب ۽ ليکڪ جي لڪيل ڪردار کي پڻ وائکو ڪيو، هن سيڪس جي پوڄاري سماج جي سيدن، مرشدن، اديبن جي ڪردار کي وائکو ڪيو آهي سندس ڪهاڻين ۾ نظر ايندڙ بغاوت هڪ سنڌياڻي عورت جي بغاوت جو مظهر آهي، دوزخ جي دکندڙ ٽانڊن جي ڪهاڻي نورالهدي شاهه جي قلم مان سرجيل تخليقن ۾ نظر اچي ٿي. بغاوت تي ٻڌل سندس ڪهاڻين ۾ حويليءَ جي ديوارن کان بدڪردار ۽ شريف عورت تائين سڀني کي ڪردارن ۾ سمايو ويو آهي، سندس ڪهاڻين ۾ عورت کي جذبي، دليري، همت ۽ بهادري سان مرداڻي سماج جي ظلم، ناانصافي ۽ اڻبرابري خلاف بغاوت جو علم بلند ڪرڻ جي سگهه ملي ٿي. حسين مسرت نامور ڪهاڻيڪار خير النساء جعفري جي ڪهاڻين ۽ شخصيت تي ڳالهائيندي چيو ته هن جي شخصيت ۽ ڪهاڻيون بخشو وانگر آهن، هن جي ڪهاڻين جي ڪردارن جي خوابن، بي چيني ۽ ارپنا واري ڪيفيت اڄ به موجود آهي، هن جي ڪهاڻين جا ڪردارن محبت ڪرڻ ختم نه ڪئي آهي، ڪهاڻين ۾ هن جا لازوال ڪردار هئا، ليکڪ چندر ڪيسواڻي نامور صحافي ۽ ڪهاڻيڪار جان خاصخيلي تي ڳالهائيندي چيو ته جان جي زندگيءَ ۾ جيڪا ويڳاڻپ جي ڪيفيت ۽ بي چيني هئي، ان کي هو پنهنجين ڪهاڻين ۾ کڻي آيو، ڪهاڻيڪار ناصر مورائي تي ڳالهائيندي چيو ته سنڌي ادبي بورڊ ناصر مورائي ۽ ٻين اهڙن اديبن ۽ ڪهاڻيڪارن جا ڪتاب ڇپائڻ گهرجن، ناصر مورائي سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري به رهي چڪو هو، هن جو هڪ 1960 ۾ هڪ ناٽڪ ناول ڇپيو هو، هن ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ حصي وٺڻ ۽ لکڻ ڪري ڀوڳنائن کي برداشت ڪيو، گرفتار ۽ بي روزگار ٿيو، هن ادبي صحافت به ڪئي، هن انقلابي ڪردار تخليق ڪيا. ليکڪ ابراهيم کرل، نامور ڪهاڻيڪار نسيم کرل جي ڪهاڻين تي ڳالهائيندي چيو ته نسيم 39 سالن جي مختصر عمر ۾ 39 ليک لکيا، جن ۾ 33 ڪهاڻيون به شامل آهن، کيس سندس ادبي خدمتن عيوض سندس زندگيءَ ۾ ئي وڏي مڃتا ملي هئي، هن پنج ڪهاڻيون پنهنجي وڏيرڪي طبقي تي به لکيون هيون، هن جون ڪهاڻيون حقيقت تي ٻڌل ڪردارن تي لکيل آهن، جن مان ڇهن ڪردارن سان منهنجي به ملاقات ٿي هئي، هو شهري ۽ ٻهراڙي جي ماڻهن جي نفسيات کان واقف هو، کيس سنڌي ڪهاڻي جي امام جو لقب به مليو هو، هن 20 سالن جي عرصي ۾ سنڌي ادب کي ٽي ڪتاب ڏنا ۽ هن سنڌ جي 160 ماڳن مڪانن کي به پنهنجي ڪهاڻين ۾ شامل ڪيو هو، ڪهاڻيڪار طارق قريشي، بھترين ڪهاڻيڪار ڊاڪٽر رسول ميمڻ جي ادبي پورهئي تي ڳالهائيندي چيو ته رسول ميمڻ سرمست ۽ سودائي هو، هو هڪ ئي وقت ڪهاڻيڪار، فلسفي، ڊاڪٽر ،نقاد، شاعر ۽ نفسيات جي علم جو ڄاڻو هو، هن 03 ڊزن ڪتاب لکيا، هن فلسفي ۽ نفسيات تي به لکيو، هو بي قدري جو به شڪار ٿيو، پر هن پنهنجي ادبي سفر کي اڌ ۾ نه ڇڏيو ۽ 200 ڪهاڻيون لکيون، جيترو وقت به زنده هو لکندو رهيو