ڪراچي: سنڌي ادبي سنگت جي ڊائمنڊ جوبلي ڪانفرنس جي آخري ويهڪ ۾ شاعرن پنهنجي نڪور شاعري پيش ڪئي، جنهن جي صدارت ليکڪ اظهر ٻانڀڻ ۽ مھمان خاص سلطانه قاضي هئي، هن ويهڪ ۾ ادل سومرو، انور ڪانڌرو، فائزا سولنگي، خالد راڄپر، بخش مهراڻوي ،غوث پيرزادو، امر پيرزادو، ساجده ميمڻ، شهناز راهو، اصغر مهراڻوي ۽ ٻين شاعرن پنهنجي شاعري پڙهي داد حاصل ڪيو، پروگرام ۾ قومي راڳي بيدل مسرور، اعجاز قريشي، رميش لعل، ليکڪ واحد سومرو، سينيئر صحافي ۽ ڪالم نگار الهه بخش راٺوڙ، ناليوارو شاعر زاهد راڄپر، پبلشر مرتضي’ لغاري، سينيئر صحافي منصور کوکر، نوجوان شاعر امتياز دانش، سنڌ سجاڳي فورم جي سرواڻ سارنگ جويو، نوجوان صحافي، ڪالم نگار فرحان تنيو، صحافي، سوشل ورڪر ولي ناريجو سميت ٻين ڪيترن ئي شاعرن، اديبن، سنڌي ٻوليءَ جي گهڻگهرن، ساڃاهه وندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري پروگرام کي ڪامياب بڻايو.
ليبيا ۾ ٻوڏ سبب 11 هزار ماڻهو فوت ٿيڻ جي تصديق
طرابلس(م ڊ) ليبيا ۾ ٻوڏ سبب 11 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي،10 هزار کان وڌيڪ ماڻهو گم آهن، هڪ هفتي بعد به لاش ملڻ جو سلسلو جاري آهي، ٻوڏ متاثر شهر درنه ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن،40 هزار ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي، سعودي عرب جو پهريون امدادي جهاز ليبيا پهچي ويوآهي، ميڊيا رپورٽن موجب خادم الحرمين الشريفين شاه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان جي هدايت تي عمل ڪندي سعودي عرب جو پهريون امدادي جهاز ليبيا جي شهر بن غازي پهچي ويو آهي، رياض جي ڪنگ خالد انٽرنيشنل ايئر پورٽ وٽان بن غازي موڪليل جهاز ۾ 90 ٽن امدادي سامان آهي، امدادي سامان ڪنگ سلمان سينٽر جي اهلڪار ليبيا جي هلال احمر حوالي ڪندا.
مشعال ملڪ پاران ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڳڻتي جو اظهار
اسلام آباد(م ڊ) انسان حقن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ بابت نگران وزيراعظم جي خاص مددگار مشعال حسين ملڪ غير قانوني ڀارتي قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ غير قانوني طور تي نظربند حريت اڳواڻن جي زندگي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو، آچر ڏينهن هڪ نجي نيوز چئنل سان ڳالهائيندي هن گڏيل قومن تي زور ڀريو ته هو انهن جي آزادي ۾ فعال ڪردار ادا ڪري ۽ ڀارت کان مطالبو ڪيو ته والاريل وادي ۾ انساني حقن جي منظم خلاف ورزين کي روڪيو وڃي، هن چيو ته عالمي طور تي تسليم ٿيل تڪراري علائقي ۾ هندستاني شهرين کي ووٽنگ جو حق ڏئي علائقي جي آبادي کي تبديل ڪرڻ عالمي قانونن جي تمام وڏي خلاف ورزي آهي، هن چيو ته هي انتهائي بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته مودي حڪومت بدترين قسم جي انتهاپسندي ۽ فسطائيت جو سهارو وٺي والاريل وادي کي فوجي ڇانوڻي ۾ تبديل ڪري پراڻي ڪشمير تڪرار کي حل لاءِ سمورن پرامن ذريعن جا دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي سمورين لاڳاپيل تنظيمن جي ذميواري آهي ته هو غير قانوني ڀارتي والاريل ڪشمير جي ماڻهن جي جانين جي تحفظ لاءِ پنهنجي لاڳاپيل قراردادن تي عمل ڪندي ڪشمير تڪرار کي حل ڪري.
اي
ٽن ڪيسن ۾ پرويز الاهي کي ڊسچارج ڪرڻ خلاف درخواست تي اڄ ٻڌڻي
لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ طرفان ٽن ڪيسن ۾ تحريڪ انصاف جي صدر چوڌري پرويز الاهي کي ڊسچارج ڪرڻ خلاف پنجاب حڪومت جي درخواست تي ٻڌڻي اڄ ٿيندي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سلطان تنيور احمد ٽن ڪيسن ۾ تحريڪ انصاف جي صدر کي ڊسچارج ڪرڻ خلاف پنجاب حڪومت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندو. عدالت ان سلسلي ۾ دائر درخواست تي ڌرين جي وڪيلن کي دليل پيش ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.