سنڌ پهرين کان وڌيڪ تڪليف ۾ آهي، ڌارين جي لوڌ اچي وئي آهي:اديب/ليکڪ

ڪراچي ( ذوالفقار راڄپر) سنڌ جي اديبن، شاعرن، ڪهاڻيڪارن ليکڪن اپريل 1947 ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وجهندڙ گوبند  مالهي کي خراج تحسين پيش ڪندي سنڌي ادب، ٻولي ۽ سنڌ جي قومي تاريخي حقن جي ترقي ۽ حفاظت جي لاءِ سنڌي ادبي سنگت جي گروپن جي خاتمي تي زور ڏنو، سنڌي ادب ۽ ٻولي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي ۽ سنڌي ادب، ٻوليءَ جي وڏي شخصيت انور پيرزادو تي سنڌي ادبي سنگت طرفان الڳ پروگرام ڪرڻ ۽ مصطفي قريشي کي سنگت ڪراچي شاخ جي اعزازي ميمبرشپ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو اها ڳالهه آچر ڏينهن تي پاڪستان آرٽ ڪائونسل ڪراچي جي هال ۾ سنڌي ادبي سنگت ڪراچي، گلشن حديد، ملير، ابراهيم حيدري ۽ گلشن اقبال شاخن طرفان ادبي سنگت جي 75 سال مڪمل ٿيڻ تي ڊائمنڊ گولڊن جوبلي ڪانفرنس سنڌ ثقافت کاتو، ڪراچي يونيورسٽي سنڌي شعبو، پاڪستان آرٽ ڪائونسل جي سهڪار سان منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي ڪانفرنس جي پهرين ويهڪ جي صدارت ڪندي ليکڪ يوسف شاهين خطاب ڪندي چيو ته    پاڪستان جون حڪومتون جيڪڏھن 1940 جي قرارداد جي هڪ به شق تي عمل نه ٿيون ڪن ته پوءِ 23 مارچ جي ڏينهن ۽ تاريخ کي ڇو ٿو ملهايو وڃي، ان دور جي اسان جي اڳواڻن کان ڀل ٿي وئي، انهن سمجهيو هو ته ڪا چڱي شيء ٺهي رهي آهي، پاڪستان کان اڳ ئي سنڌ سان دوکو ڪيو ويو، هن چيو ته سنڌي اديبن کي اهو ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته سنڌ 47 ۾ جيڪا تڪليف ڏٺي هئي، اڄ سنڌ ان کان وڌيڪ تڪليف ۾ آهي، اڳي اسان بهارين، بنگالين جي خلاف آواز اٿاريندا هئاسين پر هاڻي ڪراچي ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ افغاني آباد آهن ۽ سنڌ جي ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ پٺاڻ آباد ڪيا پيا وڃن  ۽ افغانين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا ويا آهن، سنڌي ادبي سنگت کي روايتن کان هٽي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، نامور ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نويس نورالهدي شاهه چيو ته سنڌي اديبن جو سنڌي ٻولي، ادب ۽ قومي حقن جي جدوجهد ۾ هميشه وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي، 74 کان پوءِ جڏهن نئون حڪم نامو آيو ته سنڌي اديبن سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌ خلاف سازشن خلاف شاھ لطيف ۽ سچل جي پويان بيهي مزاحمت ڪئي ۽ ان دور ۾ جيجي زرينه بلوچ ۽ ٻين به مزاحمتي ڪردار ادا ڪيو، اڄ جي حالتن ۾ سنڌي ادبي سنگت کي ليکڪن جي تربيت ڪرڻ گهرجي، اڄ جي حالتن ۾ جيڪڏهن ڪو سنڌي اديب ۽ ليکڪ مزاحمت بدران پنهنجن لفظن ۾ ڪو به سمجهوتو ڪري ٿو ته ان کان وڌيڪ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي ٻي بدنصيبي نه ٿيندي . اڳوڻي ڪاموري ۽ ليکڪ مھتاب اڪبر راشدي چيو ته ملڪ ۾ سنڌ واحد خطو آهي جتي سنڌي ادب، سماجي خدمت وارا ادار ان جون سنڌي ادبي سنگت ۽ سگا جهڙيون بهترين تنظيمن جو وجود آهي، انهن تنظيمن ۾ موجود اوڻايون ختم ڪرڻ گهرجن، ڪرسي تي جهيڙا ختم ٿيڻ گهرجن، سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ اڄ به طاقت رکن ٿيون، سنگت جي سيڪريٽري تاج جويو چيو ته سنڌي اديبن جي الڳ تنظيم جو خيال ڊاڪٽر عمر دائود پوٽو 1945  ۾ پيش ڪيو ۽ اپريل 1947 ۾ گوبند مالهي ڪراچيءَ ۾ بنياد وڌو، ڪراچي يونيورسٽي جي پروفيسر سليم ميمڻ چيو ته جيئن اپکنڊ ورهائجي ويو، ائين ئي سنڌي ادبي سنگت به ورهائجي وئي آهي، سنڌ يونيورسٽيءَ کي به سنڌي ادبي سنگت جي پروگرام ۾ سهڪار ڪرڻ گهرجي ها، ملڪ جي نامور فلمي اداڪار ۽ اڳوڻي ريڊيو انائونسر مصطفيٰ قريشي چيو ته ون يونٽ ٺهڻ بعد پڪي قلعي ۾ موجود توپون، گولا ۽ ٻيون قيمتي تاريخي شيون لاهور کڻي ويا، ان تي اديبن ۽ اسان ۾ ڪاوڙ اچي وئي، ايوب جي مارشلا لڳي ته اسان کي ريڊيو ۾ ڪم ڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيش آيون، ريڊيو تي فوج قبضو ڪيو، ون يونٽ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي نصاب مان خارج ڪيو ويو، شيخ اياز، ابراهيم جويو، مقبول ڀٽي ۽ ٻيا اديب حيدرآباد جي بسنت هال ۾ گڏ ٿيندا هئا، اسان هر روز سنڌي ٻوليءَ جي بحالي ۽ ون يونٽ جي خاتمي لاءِ جلوس ڪڍندا هئاسين ته فوجي گرفتار ڪري ٻولهاڙي ۾ ڇڏي ايندا هئا ته وري واپس اچي وري احتجاج ڪندا هئاسين، مان به هفتي کان وڌيڪ جيل ۾ گذاريو هو، ان موقعي تي سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ جي سيڪريٽري راشد لکمير سنڌ ثقافت کاتي جي منور مهيسر، سليم سولنگي، پاڪستان آرٽس ڪائونسل جي احمد شاهه ۽ ڪراچي يونيورسٽي جو پروگرام ۾ سهڪار ڪرڻ تي ٿورو مچيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.