ڪراچي ( رپورٽر )پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عورتن خلاف تشدد جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي عورتن خلاف هر قسم جي تشدد، بشمول ڊجيٽل تشدد، جي سخت مذمت ڪري ٿي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي عورتن تي ٿيندڙ ظلمن جي مڪمل خاتمي لاءِ پُرعزم آهي، ڇو ته جيستائين عورتون امتيازن ۽ تشدد جو شڪار رهنديون، ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته عورتن خلاف جسماني، نفسياتي، سماجي، معاشي يا ڊجيٽل تشدد انساني وقار تي حملو ۽ سماج جي اخلاقي ناڪامي آهي. ڪنهن عورت تي تشدد هڪ خاندان جو روح زخمي ڪري ٿو ۽ قوم جو مستقبل ڪمزور ٿئي ٿو،هوڏنهن خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري عورتن تي تشدد جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي چيو آهي ته جتي عورتون خوف يا خاموشيءَ ۾ زندگي گذارين ٿيون، اهڙو سماج ترقي نٿو ڪري سگهي. بي بي آصفه ڀٽو زرداري موجب رياست پاڪستان سڀني عورتن ۽ ڇوڪرين جي عزت، حقن ۽ تحفظ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان جا شهري، ادارا ۽ ڪميونٽيز خواتين تي تشدد جي خاتمي لاءِ متحد ٿيڻ گهرجن.
-
عورتن خلاف سائبر وسيلي هراسمينٽ ۽ ذهني تشدد عام
ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ ويمن لائيرس الائنس جي چيئرپرس ايڊووڪيٽ شازيه نظاماڻي عورتن تي تشدد خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي چيو آهي ته اڄڪلهه عورتن خلاف سائبر وسيلي هراسمينٽ ۽ ذهني تشدد ٿي رهيو آهي، جنهن جو وڏو انگ رپورٽ نه ٿي رهيو آهي، اڪثر نوجوان ڇوڪريون ۽ نوڪريون ڪندڙ ۽ فنڪار عورتن خلاف سوشل ميڊيا وسيلي ذهني تشدد ،هراسمينٽ ۽ بليڪ ميل ڪرڻ جا واقعا وڌي رهيا آهن، جنهن خلاف سائبر ڪرائيم جا قانون موجود آهن، هن چيو ته سنڌ حڪومت طرفان عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ تشدد خلاف قانون موجود آهن، جنهن جي آگاهي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين کان سواء گهرن ۾ رهندڙ عورتن ۽ انهن جي والدين تائين پهچائڻ جي منظم ۽ مسلسل منصوبه بندي ڪرڻ جي ضرورت آهي، شازيه نظاماڻي چيو ته ڇوڪريون، عورتون پنهنجي خلاف سوشل ميڊيا وسيلي ٿيندڙ هراسمينٽ ۽ ذهني تشدد، بليڪ ميلنگ خلاف خاموشي کي ٽوڙي سائبر ڪرائيم جا ڪيس داخل ڪرائن،