18هين ترميم جي واپسي جي مخالفت ڪنداسين:نثار کهڙو

حيدرآباد(رپورٽ: اعجاز چانڊيو) سنڌ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين ۽ پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙو چيو آهي ته 27هين آئيني ترميم حڪومت آندي آهي. پيپلز پارٽي رڳو ان ۾ سڌارن بابت پنهنجون تجويزون ڏنيون آهن. آئيني عدالت جو مطالبو پيپلز پارٽي 2005ع ۾ ڪيو هو. سپريم ڪورٽ ماضي ۾ ڪيترائي ڀيرا قوم کي مايوس ڪيو، مارشل لا کي صحيح قرار ڏنو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل جو فيصلو به پنج بجاءِ چار ججن ڏنو هو. پيپلز پارٽي 21 لک گهر ٺهرايا جن مان 7 لک حقدارن حوالي ڪيا آهن. 30 نومبر يوم تاسيس جي سلسلي ۾ هر ضلعي ۾ جلسا ڪيا ويندا. 30 نومبر پاڪستان جي سياسي تاريخ جو اهو اهم ڏينهن آهي. حيدرآباد ڊويزن جي تنظيمي اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن ٻڌايو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ڪم جي نتيجي ۾ سنڌ حڪومت جا 26 ارب رپيا واجبات وصول ڪيا ويا، جيڪي ماضي ۾ ڪڏهن به جمع نه ٿيا هئا. هن واضح ڪيو ته پيپلز پارٽي ڪنهن به صورت ۾ ارڙهين ترميم جي رول بيڪ جي سخت مخالف آهي. ان کان اڳ اجلاس ۾ شفقت شاهه شيرازي، ڪاشف خان شورو، عاجز ڌامراه، گيانچند ايسراڻي صادق ميمڻ، سيد طارق حسين شاهه ڄاموٽ،  جبار خان، ڊاڪٽر موهن لال ڪوهستاني، سيد اعجاز شاهه۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.