اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان نيوي مقامي طور تي تيار ڪيل اينٽي شپ بيلسٽڪ ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي، جيڪو سمنڊ ۽ زمين تي تمام گهڻي درستگي سان هدفن کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. آءِ ايس پي آر موجب، ميزائل جديد هدايت ۽ مانورنگ نظام سان ليس آهي. نيول چيف ايڊمرل نويد اشرف، سائنسدانن ۽ انجنيئرن سان گڏ، ٽيسٽ ڏٺي، جڏهن ته صدر، وزيراعظم، آرمي چيف ۽ ٻين سروس سربراهن ٽيسٽ تي مبارڪباد ڏني. ان کان اڳ 30 سيپٽمبر تي مقامي طور تي تيار ڪيل فتح-4 ڪروز ميزائل جو تجربو پڻ ڪامياب رهيو، جيڪو 750 ڪلوميٽر جي رينج سان آهي.