اسلام آباد (قربان بلوچ) وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ مالي معاملن تي تڪرار هلي رهيو آهي. 11 هين قومي مالياتي ڪميشن جو اجلاس 4 ڊسمبر تي طلب ڪيو ويو آهي. وفاق جو خيال آهي ته قومي قرض واپس ڪيو وڃي ۽ دفاعي خرچ وڌيا آهن، جنهن کان پوءِ صوبن جو مالي حصو گهٽايو وڃي. صوبا ان تي گڏيل موقف اختيار ڪرڻ ۽ وفاق کي هڪ مضبوط ڪيس پيش ڪرڻ جي تياري ڪري رهيا آهن. ذريعن موجب، ان حوالي سان صوبن پاڻ ۾ رابطا ڪيا، طئي ٿيو ته صوبن جي حصي گهٽائڻ جي مخالفت ڪئي وڃي. صوبا چاهين ٿا ته پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي ۽ اسٽيٽ بينڪ جي منافعي کي ورهائيندڙ پول ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ پوءِ مالي وسيلا ورهايا وڃن. پيٽروليم ڊيولپمينٽ ليوي جي مد ۾ نان ٽيڪس آمدني مان 1200 کان 1500 ارب رپيا سالياني آمدني ٿئي ٿي. اسٽيٽ بينڪ مان منافعي جي مد ۾ وفاقي حڪومت کي گذريل سال 2500 ارب رپين جي آمدني ٿي هئي. ٻئي گڏائي 4000 هزار ارب وفاق کي سڌي ريت هليا وڃن ٿا. اجلاس ۾ اهي ٻئي نقطا رکيا ويندا ۽ گڏيل موقف اختيار ڪيو ويندو. هن قدم جو مقصد مهانگائي ۽ خرچن جي اثر کي نه رڳو وفاق تي پر صوبن تي به منصفاڻي طور تي ورهائڻ آهي. صوبن جو خيال آهي ته خرچن ۽ آمدني جي حوالي سان نه رڳو وفاق پر صوبا به متاثر ٿيا آهن، ان لاءِ فارمولو منصفاڻو هجي. اهو ممڪن ناهي ته وفاق قرضن جي واپسي جي نالي تي دفاعي خرچ وڌائي ۽ صوبن کي نظرانداز ڪيو وڃي. ڊسمبر نه رڳو وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ لاڳاپن لاءِ سياسي طور تي اهم هوندو، پر ملڪ ۾ مالي ۽ آئيني معاملن ۾ پڻ سنجيده موڙ جو امڪان آهي.