اسلام آباد (م ڊ) جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيف جسٽس آف پاڪستان جي عهدي جو حلف کڻي ورتو. صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علي کانئس حلف ورتو. حلف برداري جي تقريب سادي ۽ پروقار تقريب گذريل ڏينهن ايوان صدر ۾ منعقد ٿي. حلف برداري تقريب ۾ نگران وزيراعظم ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير کان علاوه هٿياربند فوج جي سينئر آفيسرن، سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽن جي حاضر سروسز ۽ رٽائرڊ ججن، صوبائي گورنرز، وڏن وزيرن، نگران وفاقي وزيرن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي 21 جون تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي بطور چيف جسٽس آف پاڪستان جي مقرري جي منظوري ڏني هئي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي بطور چيف جسٽس آف پاڪستان مقرري آئين جي آرٽيڪل اي 175 (اي) 3 تحت ڪئي وئي. حلف برداري جي تقريب آزاد ڄمون ڪشمير سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، ججز، وفاقي شرعي عدالت جي ججز، بارز جي عهديدارن، لا آفيسرن ۽ بار جي ميمبرن شرڪت ڪئي. حلف کڻڻ بعد جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي ملڪ جو 29هون چيف جسٽس بنجڻ جو اعزاز حاصل ٿي ويو آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ قانون جي شعبي ۾ 45 سالن کان واڳيل آهي. هن تقريبن 27 سالن تائين وڪيل طور ڪم ڪيو، 5 آگسٽ 2009ع تي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي عهدي تي مقرر ٿيو. کيس 5 سيپٽمبر 2014ع تي سپريم ڪورٽ جي جج طور ترقي ڏني وئي ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان جو منصب سنڀالڻ کان اڳ هو سپريم ڪورٽ جو سينئر ترين جج هو