لاهور (م ڊ) نواز ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ طرفان عهدو سنڀالڻ تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي، لاهور ۾ پارٽي جي مختلف ونگز جي اجلاسن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته نواز شريف کي الله پاڪ ڪامياب ڪيو آهي، هاڻ پاڪستان کي ڪامياب ڪرڻو آهي، الله پاڪ هڪ ڀيرو ٻيهر نواز شريف کي ”پلس“ ڪيو، هر ڀيري مائنس ڪرڻ جي ڪوشش مائنس ٿي وئي، هن چيو ته نواز شريف جي بغض ۾ عوام کي سزا ڏني وئي، اميد ته اڄ کان عدل جي ايوانن ۾ انصاف جي واپسي ٿيندي ۽ دعا آهي ته تارازي جا ٻئي پاسا سڀني لاءِ برابر هوندا، مريم نواز چيو ته اميد ته نواز شريف ۽ ان جي ساٿين کي ناانصافين مان ڇوٽڪارو ملندو، نواز شريف سان دشمني جي سوچ اصل ۾ پاڪستان دشمني ۽ عوام دشمني جي سوچ آهي.
نئون چيف جسٽس اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت ختم ڪرائي: سينيٽر مشتاق
اسلام آباد(م ڊ) جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد خان چيو آهي ته نئين چيف جسٽس مان 5 وڏيون اميدون آهن، عدليه جي حيثيت ۽ اعتماد جي بحالي، اسلام ۽ پاڪستان لاءِ غيرمعذرت وارو رويو، هڪ غير سياسي عدليه، هڪ اهڙي عدليه جيڪا انصاف فراهم ڪندي نظر اچي.سول بالادستي کي يقيني بڻائڻ، اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت کي روڪڻ، ماڻهو کنڀڻ وارو سلسلو ختم ڪرائڻ، فوجي عدالتن کي ختم ڪرڻ، ڊاڪٽر عافيه صديقي جو ڪيس ٻيهر کولڻ ۽ کيس واپس آڻڻ.عدالتي نظام کي سڌارڻ، التوا ۾ پيل ڪيسن کي ختم ڪرڻ ۽ هيٺين عدالتن ۾ سستي ۽ تيز انصاف کي يقيني بڻائڻ،هن چيو ته آئي پي پيز، کنڊ، ڊالر، اٽي ۽ اسمگلنگ مافيا کي ختم ڪيو وڃي.
تحريڪ انصاف پاران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي مبارڪباد
لاهور (م ڊ) قاضي فائز عيسيٰ کي چيف جسٽس بڻجڻ تي تحريڪ انصاف مبارڪباد پيش ڪئي آهي.پي ٽي آءِ ترجمان موجب آزاد ۽ خوشحال معاشري جو بنياد سدائين عدل ۽ انصاف تي قائم هوندو آهي، جن معاشرن ۾ عدل ۽ انصاف ناهي اهي تباهه ٿي ويندا آهن.هن چيو ته تحريڪ انصاف قانون جي پاسداري ڪندڙ جماعت آهي، پي ٽي آءِ جو نظريو قانون جي بالادستي، عدل ۽ انصاف جي اعليٰ ترين اصولن تي ٻڌل آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين هر قدم تي قوم کي آئين ۽ قانون جي پاسداري جو ڏس ڏنو.