اسلام آباد(م ڊ) جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جڏهن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي 29هين چيف جسٽس طور حلف کنيو ته ان وقت سندس گهرواري سرينا عيسيٰ به ساڻس گڏ هئي.صدر هائوس ۾ حلف برداري جي تقريب دوران اسٽيچ تي سرينا عيسيٰ جي موجودگي بحث جو موضوع بڻجي وئي، جنهن کي ڪجهه ماڻهو نئين روايت جي طور تي ڏسي رهيا آهن.اهو به تبصرو ڪيو پيو وڃي ته ڪجهه سال اڳ سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ اثاثن واري ريفرنس جي ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سرينا عيسيٰ وچ ۾ سخت ڏکيائيون پيش آيون ۽ ان وقت به ٻئي گڏ هئا جيئن اڄ آهن.سوشل ميڊيا تي ڪجهه صارفين محسوس ڪيو ته هي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو هڪ واضح پيغام آهي، انهن لاءِ جيڪي کيس پٽڙي تان لهڻ چاهين ٿا.عديل سرفراز جو چوڻ آهي ته حلف برداري واري تقريب کانپوءِ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي گهر واري سرينه عيسيٰ جو هٿ جهلي هال ۾ وڃي رهيو هو.حلف کڻڻ کانپوءِ آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ نديم انجم به جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وٽ ويا ۽ کيس نئون عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني.ٽن ڏهاڪن کان سپريم ڪورٽ جي ڪوريج ڪندڙ صحافي مطيع الله جان لکيو آهي ته هڪ عورت کي سپريم ڪورٽ ۾ بيهڻ صرف ان ڪري ڪرڻو پيو جو سندس مڙس جج هو.”آسمان ۾ ويٺل ججن جي سامهون، هوءَ عدالت ۾ بيٺي پنهنجو ڪيس وڙهي رهي هئي، اڄ اهي جج زمين تي ويٺا هئا ۽ اها عورت آسمان مان کين ڏسي رهي هئي.حلف برداري جي تقريب دوران اسٽيج تي سيرينا عيسيٰ جي موجودگي تاريخ جو مختصر ۽ مٺو انتقام هو. جسٽس عيسيٰ ۽ سندس گهرواري خلاف ميڊيا ٽرائل ڪرڻ وارا ناڪام ٿيا،صحافي سليم صافي سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته ”ظالمو! قاضي اچي نه پيو پر اچي ويو آهي ايڊووڪيٽ هاءِ ڪورٽ خالد حسين تاج چيو ته قاضي فيض عيسيٰ چيف جسٽس بڻجڻ کانپوءِ 5 سالن کان سپريم ڪورٽ ۾ موجود شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي خلاف داخل آئيني درخواست جو به فيصلو ڪندو.