جسٽس فائز آڏو قانون جي حڪمراني سميت ڪيترائي چئلينج

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سپريم ڪورٽ جي نئين چيف جسٽس جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا ڪيترن ئي اڳوڻن چيف جسٽسن سان  اختلاف ٿي چڪا آهن.

بي بي سي موجبجسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي اسٽيبلشمينٽ مخالف هجڻ جو تاثر ان وقت مضبوط ٿيو، جڏهن هن فيبروري 2017ع ۾ فيض آباد ۾ تحريڪ لبيڪ جي ڌرڻي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو.

ان پاڻمرادو فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ ان وقت جي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي حڪم ڏنو ته هو پنهنجي ماتحت آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪري جن حلف جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ سياسي معاملن ۾ مداخلت ڪئي.

وڪيل افتخار شيرواڻي جو چوڻ آهي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اسٽيبلشمينٽ مخالف ناهي پر آئين ۽ قانون جي ڳالهه ڪري ٿو.سپريم ڪورٽ جي ڪيسن تي رپورٽنگ ڪندڙ صحافي ناصر اقبال جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوندو،هن  لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج اهو هوندو ته ڇا هو 90 ڏينهن ۾ ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرائي سگهندو؟.

هن چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ لاءِ اهو به وڏو چئلينج هوندو ته هو ججن وچ ۾ ورڇ کي ڪيئن ختم ڪرائي ٿو،هن چيو ته جبري گمشدگي وڏي اهميت رکي ٿي، ان کان علاوه فوج پاران هلندڙ حراستي مرڪزن ۾ سوين ماڻهن جي موجودگيءَ جو معاملو ڪافي عرصي کان التوا جو شڪار آهي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ انهن معاملن کي ڪيئن اڪلائيندو.

صحافي حامد مير چيو ته اڄ هڪ اهڙي جج چيف جسٽس طور حلف کنيو آهي جنهن جي خلاف ٽي چار سال اڳ صدر، وزيراعظم، آرمي چيف، ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ چيف جسٽس گڏجي سازش ڪئي،هن خلاف سازش مان ائين لڳي رهيو هو ته کيس فيض آباد ڌرڻو ڪيس جي فيصلي تي عبرت جو نشان بڻايو ويندو پر هن پنهنجي گهرواري سان گڏ اڪيلي سر مقابلو ڪيو.

هن چيو ته نئين چيف جسٽس مان سياسي جماعتن کي ڪي خاص اميدون نه رکڻ گهرجن، هو رڳو قانون ۽ آئين جي بالادستي قائم ڪندو

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز سومر 18 سپٽيمبر 2023 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.