ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) سنڌ جي لکين ايڪڙ کان وڌيڪ زمينن جي نيلامي، جعلي ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ، سنڌ ۾ سرڪار، سردارن ۽ رياست جي سرپرستي ۾ ڌاڙيلن کان ماڻھو اغوا ڪرائي ڪروڙين روپيا ڀنگ وٺڻ جو ڪاروبار ڪرائي سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم ڪرڻ ۽ سنڌ جي پاڻي تي لڳندڙ ناجائز ڌاڙن ۽ سامونڊي پٽي تي قبضي، ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي، ڪارونجهر سميت تاريخي ماڳن، مڪانن جي نيلامي خلاف عوامي تحريڪ طرفان مڪلي کان ٺٽي شھر تائين هزارين عورتن، مردن، ٻارن، ٻڍن، نوجوانن، مزدرون، هارين ۽ شاگردن جي” سنڌ جو قومي وجود ۽ وسيلا بچايو“ احتجاجي ريلي، ريلي ۾ عورتن ۽ مردن جو وڏو انگ شريڪ، احتجاجي ريلي ۾ ” زمينن تي قبضا نامنظور “، ”بوگس فرمائشي ڊجيٽل آدمشماري جا نتيجا نامنظور “، ”سنڌ ۾ افغانين سميت لکين غير ملڪي ڌاريا نامنظور “، ”ڌاڙيل راڄ نامنظور “ جا اڀ ڏاريندڙ نعرا گونجندا رهيا. ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر حور النساء پليجو، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر عمره سمون، عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر مٺا خان لاشاري، نامياري ڪهاڻيڪار علي محمد پرويز، گھنور خان زئور، عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڳواڻ نور نبي پليجو، سماجي اڳواڻ خدا ڏنو شاھ، ناليواري شاعر مير حسن آريسر، نامياري ليکڪ دستگير ڀٽي، ناليواري صحافي ۽ ڪالم نگار اسحاق مڱريي، سنڌ ڪلچرل فورم جي چيئرمين صادق لاکو، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري زبير نوناري، مارو خشڪ، رزاق چانڊيو، حسين آزاد، امان الله بروهي، شاهنوازچانگ، الله بخش بلوچ، رياض عباسي، انور پالاري، عاطف ملاح، غلام علي زئور، زاهده لاشاري ۽ ٻين ڪئي. مڪلي کان نڪتل احتجاجي ريلي قومي شاھراھ جو گشت ڪندي رڪشا اسٽاپ ٺٽو پھتي، جتي احتجاجي مظاھرو ڪندي ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته گذريل 75 سالن دوران ملڪ مٿان ڊڪٽيٽرن طرفان بار بار لڳندڙ مارشلائن ۽ نام نھاد اليڪشني اقتداري پارٽين جي نااھلي، ڪرپشن، غلط پاليسين، پنھنجا نوازي، قومي مفادن کان وڌيڪ ذاتي ۽ گروھي مفادن کي ترجيح ڏئي اربين کربين روپين جي ڪرپشن ڪري ارب پتي مان کرب پتي ٿيندڙ پيٽ پرستن ملڪ جا وسيلا وڪرو ڪري معاشي ڏيوالو ڪڍي ملڪ کي عالمي سامراجي ملڪن ۽ آئي ايم ايف، ورلڊ بينڪ جھڙن سامراجي ادارن وٽ گروي رکي ڇڏيو آھي. پاڪستان ٺھڻ کان وٺي سنڌ جي زمينن، شھرن، روزگار سميت قدرتي ۽ معدني وسيلن تي ڌاڙن ھڻڻ ۽ زبردستي قبضا ڪرڻ جو جيڪو سلسلو شروع ڪيو ويو ھو، اھو ھن وقت وڌيڪ منصوبا بندي ۽ تيزي سان جاري آھي. ھن چيو ته گذريل پندرھن سالن دوران پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌي قوم جي گڏيل ۽ اجتماعي قومي وسيلن کي پنھنجي ذاتي ملڪيت ۽ جاگير سمجھي تين وال ڪندي رھي آھي. پيپلز پارٽي پنھنجي سموري اقتداري دور ۾ سنڌ کي لٽي، ڦري ڪنگال بڻائي ڇڏيو آهي، گذريل 15 سالن کان مسلسل اقتدار ۾ رهندي پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن کي بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي سٽي، ملٽي نيشنل ڪمپنين، ذوالفقار آباد، ايجوڪيشن سٽي، صائمه سٽي، ڪمانڊر سٽي، سيٽلائيٽ ٽائون، ونڊ پاور سميت ٻين وڏين رهائشي اسڪيمن ۽ معاشي ترقي جي نالي ۾ غير ملڪين ۽ قبضا گير مافيائن حوالي ڪري ڇڏي آهي. ڪراچي کان ڄامشوري تائين سپر هائي وي جي ٻنهي پاسي سنڌ جي زمينن تي والار جاري آهي. ڪوهستان جي زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن کيرٿر نيشنل پارڪ تي بحريا ٽائون جا قبضا جاري آهن. ھن چيو ته سنڌ جي تاريخ ۽ شناخت کي ميساري سنڌ کي مڪمل طور غير ملڪين محفوط پناهگاه بنايو پيو وڃي. ڪينجھر ۽ ھاليجي ڍنڍ کي تفريح گاھ جي نالي ۾ قبضو ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن، سامونڊي پٽي ۾ صدين کان آباد سنڌي ماڻھن کي لڏائي زمينن تي قبضا ڪري لکين غير ملڪين ۽ ڌارين کي آباد ڪري سنڌ کي ورھائڻ جي مجرمانه ملڪ دشمن سازش سٽي وئي آھي. ملڪ جي ڪڻڪ، کنڊ ۽ يوريا ڀاڻ غيرقانوني طور افغانستان اسمگل ڪري هتي کنڊ جو هٿرادو بحران پيدا ڪيو ويو آهي. نور احمد ڪاتيار چيو ته گذريل 15 سال سنڌ ۾ حڪومت ڪندڙ ۽ تازو ڏيڍ سال ملڪ جو پرڏيھي وزير رهندڙ پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چئي ٿو ته ڪچي ۾ آمريڪي هٿيار ڪيئن پهچن ٿا. اهو سوال اڄ سنڌ جو عوام پيپلز پارٽي ۽ بلاول ڀٽو زرداري کان پڇي ٿو ته پرڏيهي وزارت ۾ رهندي هن ڪهڙي محاذ تي ويٺي جنگ لڙي؟ 15 سال سنڌ ۾ حڪومت ڪرڻ باوجود سنڌ جي سرحدن جي حفاظت ڇو نه ڪئي وئي؟ سنڌ ۾ ڌاڙيلن ۽ انھن جي سرپرست مقامي سردارن کي ڇو تمغا ۽ انعام ڏنا ويا؟ عبدالقادر رانٽو چيو ته ايم ڪيو ايم جھڙي نسل پرست ۽ عالمي دھشتگرد ٽولي کي پالي تاتي ھٿيار بند ڪري ھزارين بيگناھ انسانن جو قتلام ڪرايو ويو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ريمارڪس کانپوءِ ايم ڪيو ايم جي مکيه قيادت تي بلديه واقعي جو ڪيس داخل ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم سنڌ کي ورھائڻ جي ڳالھ ڪري پاڪستان کي ٽوڙڻ جي مجرماڻي ۽ ملڪ دشمن سازش ڪئي آھي حورالنسا پليجو چيو ته ماضي جيان هي نگران حڪومت به ٻين قوتن جي اشارن تي نچندڙ آهي عمرہ سمون، دستگير ڀٽي، خدا ڏنو شاھ، مٺا خان لاشاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ملڪ کي آئي ايم ايف جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. ملڪ ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي وسيلي عوام جو جيئڻ جنجال ڪيو ويو آهي. معصوم فاطمه جي قاتلن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن.