ٺٽو: عوامي تحريڪ پاران احتجاجي ڌرڻي ۾ قراردادون پيش ڪندي چيو ويو ته زرعي انقلاب جي نالي ۾ ٺٽي، بدين ۽ سجاول ضلعي سميت سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون وفاق حوالي ڪيون پيون وڃن.سنڌ جون زمينون سنڌي قوم جي ملڪيت آھن. جن تي بي زمين مقامي سنڌي ھارين جو حق آھي، اُھي زمينون مقامي بي زمين ھارين کي مفت ڏنيون وڃن. بحريا ٽائون، بحريا ٽائون فيز ٽو ۽ ٿري، ڊي ايڇ اي سٽي، ايجوڪيشن سٽي، ذوالفقار آباد، صائمه سٽي، ڪمانڊر سٽي، سيٽلائيٽ ٽائون، ملٽي نيشنل ڪمپنين سميت وڏين اسڪيمن جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي زبردستي قبضا ڪيا ويا آھن ته ٻئي پاسي انھن علائقن ۾ صدين کان آباد سنڌي ڳوٺن کي ڊاھڻ جو سلسلو جاري آھي. سنڌ جي معدنيات ۽ زمينن جي نيلامي جا اعلان ڪندڙ نگران وزيرن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي. سنڌ اندر رياست، سردارن ۽ انتظاميا جي سرپرستيءَ ۾ ماڻھن کي اغوا ڪرائڻ لاءِ ڌاڙيلن جي نرسري تيار ڪري، ڌاڙيلن معرفت معصوم انسانن کي اغوا ڪرائي ڪروڙين روپين جو ڪاروبار ڪيو وڃي ٿو. سنڌ کي ورهائڻ يا ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جو مطالبو ملڪ دشمني آهي. سنڌو درياءُ جي پاڻيءَ تي سڀ کان پھرين سنڌ جو حق آھي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪندي سنڌ ۾ غيرقانوني طور رھندڙ لکين افغانين، بھارين، برمين، بنگالين، روهينگين ۽ ٻين غير ملڪين کي واپس پنھنجن ملڪن ڏانھن موڪليو وڃي. کيرٿر، ڪارونجھر جبل، ڀنڀور، گورک سميت سڀني تاريخي ماڳن، مڪانن، ڪوٽن ۽ قلعن تي قبضا ڪري سنڌ جي تاريخ ۽ تھذيب سان ھٿ چراند ڪرڻ ۽ کين ميسارڻ جي سازش ختم ڪريو. ٺٽي ضلعي ۾ سر عام منشيات ۽ ھٿيارن جو ڪاروبار ڪندڙ اصل ٺيڪيدارن، واپارين ۽ انھن جي سهولتڪارن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ ٺٽي ضلعي ۾ تعليم کي عام ڪيو وڃي ۽ بند اسڪول کولي سنڌي قوم جو مستقبل بچائڻ لاءِ جوڳا اپاءُ ورتا وڃن. معصوم فاطمه ڦرڙو جي قاتلن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ۽ صحافي جان مھر جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي. پريا ڪماري، نازيا کوسو، ڪوثر کوسو، ساگر ڪمار سميت سڀني اغوا ٿيل مغوين کي آزاد ڪرايو وڃي. ڪينجھر ۽ ھاليجي ڍنڍ کي تفريحي ماڳ بنائڻ جي نالي ۾ وڪرو ڪرڻ ۽ قبضو ڪرڻ جي سازش بند ڪئي وڃي.