لاهور ۾ مهانگائي خلاف ليفٽ ڊيموڪريٽڪ فرنٽ جو احتجاج

لاهور (م ڊ)  لاهور ۾ چيئرنگ ڪراس مال روڊ تي ليفٽ ڊيمو ڪريٽڪ فرنٽ جي سڏ تي بجلي، گئس ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ خلاف  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج ۾ پاڪستان مزدور محاذ، عوامي ورڪرز ، حقوق خلق پارٽي، مزدور ڪسان پارٽي، پ پ شهيد ڀٽو گروپ، يونائيٽيڊ ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي، نيشنل پارٽي جي ميمبرن ۽ سول سوسائٽي جي وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي تيمور رحمان، شوڪت علي چوڌري، روبينه جميل، فاروق طارق، نصرت بشير ظفر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت وڏو مسئلو آءِ پي پي ايس جو آهي جيڪا پيدوار بدران ڪيپسٽي تي ڊالرن ۾ وصوليون ڪيون پيون وڃن، بجلي جي قيمتن ۾ وڏو اضافو ڪيو ويو آهي، اسان جو مطالبو آهي ته آءِ پي پي ايس کي قومي ملڪيت ۾ ورتو وڃي، جيڪي پارٽيون ماضي ۾ اقتدار ۾ رهيون اهي عوام کي آءِ ايم ايف جهڙن ادارن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڀڄي ويون آهن، ملڪ جي معيشت تباهه ٿي چڪي آهي، غريب عوام بک مري رهيو آهي، بيروزگاري وڌي وئي آهي، غريب طبقو خودڪشين تي مجبور آهي، هنن مطالبو ڪيوته بجلي، گئس، پيٽرول ۽ ٻين شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.