حڪمران اتحاد ۾ ويڇا، پ پ کي اپوزيشن ۾ ويهڻ جي تياري جو پيغام؟

لاهور (امداد سومرو) ملڪ جي سياسي منظرنامي ۾ وڏين تبديلين جون ڳالهيون تيز ٿي ويون آهن. پيپلزپارٽي ذريعن موجب، پيپلز پارٽي کي حڪومت ڇڏڻ ۽ اپوزيشن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار رهڻ جو پيغام ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ضمني چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) کي سادي اڪثريت ملڻ کان پوءِ پيپلز پارٽي جي ضرورت گهٽجندي نظر اچي رهي آهي. رپورٽن موجب، آئيني ترميمن، اين ايف سي ايوارڊ، 2 کاتا وفاق حوالي ڪرڻ ۽ صوبائي اختيارن تي اختلافن مرڪز ۽ پيپلز پارٽي جي وچ ۾ ويڇن کي وڌايو آهي. هڪ تجويز اها آهي ته صوبن جو تحفظ برقرار رهي ۽ صوبا رضاڪاراڻي طور دفاع لاءِ وفاق کي پيسا ڏين، ان فارمولي تي غور ٿي رهيو آهي. ان سان آئين ۾ ترميم جي ضرورت نه پوندي پر اهو عارضي حل هوندو. 4 ڊسمبر تي اجلاس ۾ فارمولو پيش يا بعد ۾ رد به ٿي سگهي ٿو. اسٽيبلشمينٽ ۽ وفاق چاهي ٿو ته اين ايف سي جي معاملي تي ترميم ڪئي وڃي. ن ليگ پي پي کي راضي ناهي ڪري سگهي. اڳوڻي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن دلشاد، دعويٰ ڪئي آهي ته نه رڳو اين ايف سي، 2 وزارتون پر نون صوبن جي قيام لاءِ صوبائي اسيمبلي جو اختيار ختم ڪرڻ لاءِ به آئين ۾ ترميم ڪئي ويندي، 2026 ۾ چونڊون ٿينديون ۽ سسٽم کي گهر ڀيڙو ڪيو ويندو.  ڪجهه حلقن جو دعويٰ آهي ته جيڪڏهن معاملا حل نه ٿيا ته 2026 ۾ نيون عام چونڊن ۽ ڪنٽرولڊ سيٽ اپ جو امڪان پڻ ظاهر ڪيو پيو وڃي. اها حڪومت 2 ڀاڱي 3 اڪثريت واري هوندي. اين ايف سي جو فائدو ن ليگ کي هوندو.  ائين به ٿي سگهي ٿو ته پي ٽي آءِ 2026 ۾ چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو ته ن ليگ کٽي ويندي. 2 ڀاڱي 3 اڪثريت اچي ويندي. پوءِ شهباز شريف اچي وڃي. سياسي تجزئي نگارن موجب، پيپلز پارٽي جي حڪومت کان ممڪن طور تي الڳ ٿيڻ بابت آخري فيصلو 27 ڊسمبر تي بينظير ڀٽو جي سالگرهه تي ٿيندڙ اجلاس ۾ متوقع آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.