ڪراچي ۾مهيني دوران 71 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ اي چالان

ڪراچي (رپورٽر) ٽريفڪ پوليس ڪراچي ۾ هڪ مهيني دوران ٿيل اي چالانن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا، جن موجب شهر ۾ صرف هڪ مهيني ۾ 71 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جا اي چالان ڪيا ويا، ٽريفڪ پوليس موجب ڪراچي ۾ هڪ مهيني اندر ٽريفڪ جي ڀڃڪڙين تي 93 هزار کان وڌيڪ اي چالان جاري ڪيا ويا، انگن اکرن موجب سڀ کان وڌيڪ 57،541 چالان سيٽ بيلٽ نه لڳائڻ تي ڪيا ويا، جڏهن ته 22,227 موٽر سائيڪل سوارن کي هيلمٽ نه پائڻ سبب چالان ڪيو ويو، ٽريفڪ پوليس ٻڌايو ته ڊمپر، ٽرالر ۽ واٽر ٽينڪرن ۾ لڳايل ٽريڪر ذريعي تيز رفتاري تي 1،188 چالان ڪيا ويا، جڏهن ته عام تيز رفتاري تي 2,699 ۽ سگنل جي ڀڃڪڙي تي 3,102 چالان ٿيا، ٽريفڪ پوليس موجب سيٽ بيلٽ نه ٻڌڻ تي 57 ڪروڙ 54 لک 10 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو، هيلمٽ نه پائڻ تي 11 ڪروڙ 11 لک 35 هزار رپيا  ڏنڊ ٿيو، جڏهن ته رنگين شيشن وارين گاڏين تي 2 ڪروڙ 94 لک 50 هزار رپين جو ڏنڊ لڳايو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.